صحافي انور سيال 4 جنوري 1947ع تي ڳوٺ سيد حاجي ابراهيم شاھ (ويجهو بڇيري ريلوي اسٽيشن) ۾ محمد بخش سيال جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ڳوٺ جي اسڪول ۾ حاصل ڪرڻ کانپوءِ، وڌيڪ تعليم لاءِ نواب شاھ آيو، جتي ڊي. سي هاءِ اسڪول نوابشاھ ۾، ايڇ. ايم خواجا صاحب جي رهنمائيءَ ۾ تعليم حاصل ڪيائين. گريجوئيشن سچل سرمست ڪاليج، نواب شاھ مان ڪيائين.[1]

خدمتون سنواريو

هن جمهوريت جي بحالي ۽ ون يونٽ خلاف تحريڪن ۾ ڀرپور حصو ورتو. نواب شاهه ۾ ’هلال پاڪستان‘ جو نمائندو رهيو ۽ بعد ۾ ان ئي اخبار جي ڪراچي آفيس ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪيائين. ان کانپوءِ روزاني ’آفتاب‘ حيدرآباد ۾ سينئر سب ايڊيٽر طور ڪم ڪيائين. شروعاتي دور ۾ هن ڪيترائي مضمون لکيا.

سال 1978ع ۾ فوجي ڊڪٽيٽر جنرل ضياءِ الحق خلاف سڄي ملڪ ۾ تحريڪ هلي، جنهن ۾ صحافين بہ ڀرپور حصو ورتو ۽ ان تحريڪ دوران انور سيال سميت پنجن صحافين کي گرفتار ڪري کين ڦٽڪا هنيا ويا هئا. انهيءَ تحريڪ کي زنده رکڻ لاءِ، تحريڪ جي اڳواڻن جي چوڻ تي، پس منظر ۾ رهي، وڏي جدوجهد ڪيائين.[1]

ھن وقت سنواريو

انور سيال، حيدرآباد پريس ڪلب جو سينئر ميمبر آهي ۽ هن وقت ريٽائرڊ زندگي گذاري رهيو آهي.[1]

حوالا سنواريو