شاھپور درپور سنڌ جي ضلعي ٽنڊو الهيار جو ھڪ ننڍڙو شھر.


ميان غلام شاهه ڪلهوڙو ٽيون دفعو سنڌ جون واڳ ڌڻي ٿيو، ته هن نئون شهر وسايو. ان لاءِ قانع لکيو آهي؛ هاڻي جڏهن دشمن توڙي ملڪ جي فتح جي پوري دلجاءِ ٿيس، تڏهن 25- محرم الحرام 1173ھ جي نئين وسايل شهر شاهه پور ۾ ڇانوڻي هئي. صاحبزادي کي متعلقين سميت ساڪره کان پاڻ وٽ گهرايائين. هي شهر ڇهه سال سنڌ جو تختگاهه رهيو. ميجر هيگ هن جو ماڳ مڪان نصرپور جي ڀرسان ٻڌايو آهي، جنهن سان ٻيا به ڪافي محقق متفق آهن. هي شهر اڄ به نصرپور ڀرسان ”شاهپور- درپور“ نالي سان موجود آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. اشتياق انصاري؛مقالو:حيدرآباد جا ڪوٽ۽ قلعا; ڪتاب:حيدرآباد جي تاريخ؛مصنف :حُسين بادشاهه؛ ايڊيشن:پهريون 2003ع؛ ڇپيندڙ:فائين ڪميونيڪيشن, حيدرآباد روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، سنڌ