اڏيرولال اسٽيشن

اڏيرولال اسٽيشن (انگريزي: Oderolal Station) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي مٽياري جي تعلقي مٽياري جي ديھ بھريون ۾ واقع ھڪ ننڍڙو شھر آھي۔ اصل ۾ ھتي ھڪ ريلوي اسٽيشن اڏيرولال وليج کان ڪجهه فاصلي تي ان ڳوٺ جي نالي سان منظور ٿي پر پوء اسٽيشن جي ڀرسان ھڪ ڳوٺ ٻڌجي ويو جنھن ننڍڙي شھر جي صورت اختيار ڪئي۔ ريلوي اسٽيشن ڪراچي-پشاور ريلوي لائين تي ٽنڊوآدم جنڪشن ۽ وھاب شاھ ريلوي اسٽيشن جي وچ ۾ واقع آهي۔ ھتي اڏيرولال اسٽيشن جي نالي سان ٿاڻو پڻ آهي۔ ھي شھر روڊ رستي اڏيرولال وليج ۽ مٽياري شھر سان ڳنڍيل آهي۔

حوالا سنواريو