ديھ بھريون : پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي مٽياري جي تعلقي مٽياري جي تپي نوبت مري جي ھڪ ديھ جو نالو آھي جنھن ۾ ڳوٺ شھداد جت ۽ ايريگيشن کاتي جو بنگلو-ڏھ دري واقع آھن.ھن ديھ جون حدون ديھ کڏي ، ديھ چارج 20 يا جاکري جاگير، ديھ صادري،پ ديھ اڏيرو لال جاگير، ديھ سيکاٽ ۽ ديھ ھڪڙا سان ملن ٿيون.[1] ھن ديھ جي زمين اڪثر زرعي آھي. قدرتي گيس جي پائيپ لائين ھن ديھ ۾ اڏيرولال جاگير مان داخل ٿي جاکري جاگير ۾ نڪري ٿي. ھن ديھ ۾ مختلف واھ يا شاخون وھندڙ ٿيون جن ۾ روھڙي ڪئنال ديھ سيکاٽ کان ديھ صادري طرف وھي ٿو،سلطان پور مائينر ۽ نصير برانچ، ڀونقار ڊسٽريبيوٽري ۽ خالق واھ ديھ کڏي کان ديھ صادري طرف وھن ٿا. گھلو واھ پڻ ھن ديھ ۾ وھندو ھو جيڪو بعد ۾ ڦٽي ويو.ھي ديھ مٽياري جي قومي اسيمبلي واري تڪ NA-223 ۽ صوبائي اسيمبلي جي تڪ PS-59 ۾ شامل آھي.انتظامي طور تي ھي ديھ اڏيرولال وليج ٿاڻي ۽ اڏيرولال اسٽيشن نالي جي حدن ۾ واقع آهي.

ديھ بھرہون
Deh Behriyoon
فائل:ٻھيريون.jpg
ديھ بھريون جو نقشو
ضلعو مٽياري
تعلقو مٽياري
صوبو سنڌ
پوليس ٿاڻا اڏيرولال وليج ٿاڻو ۽ اڏيرولال اسٽيشن ٿاڻو
تپو نوبت مري
سروي نمبر 1 کان
مشهور ڳوٺ شھدادجت
صوبائي تڪ PS-59
قومي تڪ NA-223
قيام 1920ع کان اڳ
لاڳاپيل ديهون چارج 20، ديھ سيکاٽ ، ديھ صادري ، ديھ اڏيرولال جاگير ، ديھ کڏي ، ديھ ھڪڙا
اهم مقام ايريگيشن کاتي جو بنگلو-ڏھ دري

حوالا سنواريو

  1. http://map.sindhzameen.gos.pk/.  Missing or empty |title= (مدد)