جوهي

سنڌ جو شهر
(جوھي کان چوريل)


جوهي (جوهِي، اردو: جوہی) (انگريزي ٻولي: Johiپاڪستان جي صوبي سنڌ جي حيدرآباد ڊويزن جي دادو ضلعي جو شهر آهي جيڪو جوھي تعلقي جو صدر مقام آهي. دادو ضلعي جو پکيڙ جي اعتبار سان سڀ کان وڏو تعلقو جوھي آهي.

جوھي
Johi
شھر
جوھي is located in سنڌ
جوھي
جوھي
جوھي is located in Pakistan
جوھي
جوھي
جاگرافي بيهڪ: 26°42′46″N 67°34′19″E / 26.71278°N 67.57194°E / 26.71278; 67.57194
ملڪ پاڪستان
صوبو  سنڌ
ڊويزن حيدرآباد ڊويزن
ضلعو دادو ضلعو

جوهي نالي جو پس منّظر

سنواريو

جوهي لفظ جُوهِي مان ورتل آهي جنهن جو مطلب يا پسمنظر ننڍي مقدار ۾ وڻن جو جُهڳٽو آهي.[2] جُوهِيءَ جو مُذڪر ”جُوهو“ آهي، جنهن تي غور ڪرڻ سان جُوهِيءَ جو مفهُوم آساني سان ذهن نشين ٿي ويندو. جوهِيءَ تي جُوهِي يا جوهِي نالو ڪيئن ۽ ڪڏهن کان پِيو اُن بابت سنڌ جي ٻين اڪثر قديم ڳوٺن يا شهرن جيان ڪا به مستند تاريخ موجود ناهي يا کڻي چئجي ته نه ٿي ملي. روايتُن موجب قديم زماني ۾ جوهي شهر واري ماڳ وٽ وڻن جو ننڍو جُهڳٽو يا جُوهِي هوندي هُئي. اُها جُوهِي نئي جي ڪناري تي ۽ واپاري رستي يا گُذرگاهه ڀرسان هوندي هُئي. واپاري قافلا گُذر وقت انهيءَ جُوهِيءَ وٽ تَتِي ڪوسِيءَ ويل ڊاٻو ڪندا هُئا. اڳتي هلي اُن جُوهِيءَ ڀرسان ڪجهه ماڻهو ڳوٺ ٻڌي اچي آباد ٿيا ته اُهو ڳوٺ ”جُوهِيءَ وارو ڳوٺ“ سڏجڻ ۾ آيو. اڳتي هلي اُهو جُوهِيءَ وارو ڳوٺ ڦِرِي جُوهِي سڏجڻ لڳو. جُوهِي نالو انگريز دؤر تائين قائم رهندو آيو ۽ بعد ۾ تبديل ٿي جُوهِيءَ مان ڦِرِي جوهِي بڻيو جيڪو اڄ سُوڌو رائج آهي.انگريز دؤر جي رڪارڊ ۾ به جوهي جو تلفُظ جُوهِي مِلي ٿو جنهن جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته قدِيم زماني کان انگريز دؤر تائين جوهِي جو نالو جُوهِي ئي رهيو ۽برطانوي هندستان تي انگريزن جي حڪمراني کان پوءِ اهو تبديل ٿيل ڀانئجي ٿو. قديم زماني ۾ جوهِي نئي جي ڪناري تي ٻڌل ننڍو ڳوٺ هو. جوهي نئيُن ۾ گھيريل هو پر آسپاس زرخيز زمينُن جي ڪري خوشحال به هو ته واپاري رستي تي به قائم هو. ڏُور اولهه جي ملڪن کا علاوه ايران، عراق، مصر ۽ بلوچستان کان واپاري قافلن جي اچ وڃ سنڌ ڏانهن يا سنڌ کان انهن ملڪن ڏانهن، سنڌ جي خُشڪي جي ٻين رستن سان گڏ هتان به رهي. خاص طور جوهي کان ٽنڊو رحيم خان ۽ واهي پانڌي وٽان جابلو لڪن ۽ لنگهن وسيلي جوهي خشڪي وسيلي اولهندن علائقن ۽ ملڪن سان ڳنڍيل رهي.

جوهي صفحهءِ هستيءَ تي ڪڏهن نمودار ٿي اُن لاءِ ٻيو ته ڪو به دليل موجود ناهي پر جوهي وٽ يا اُن جي ڀر ۾ موجود ڪن آثارن جي روشنيءَ ۾ جوهِيءَ جي قدامت جا تاريخي طور پيرا يا نشان گهڻو قديم وڃي نڪرن ٿا. جوهي ڀرسان موجُود ٺُل (هاڻ سيد نجف شاهه جي بيٺڪ) ۽ ڳوٺ گل محمد گنب (قديم ڳوٺ ڪنگراڻي) ڀرسان ٺُل موريا ، راء گهراڻو ۽ برھمڻ گهراڻو جي ياد تازي ڪن ٿا. ٺُل ٻڌمت جون عبادت گاهُون آهن[3] ۽ ٻُڌمت سنڌ ۾ موريا گهراڻي ۾ وڏي پئماني تي ڦهليو. موريا ۽ راءِ گهراڻن جون راجا ٻُڌمت جا قائل هُئا. ٻُڌمت ۽ ان جا پيروڪار برهمڻ گهراڻي تائين پڻ رهيا. چچنامو مطابق برهمڻ گهراڻي ۾ سيوهڻ کان سبي تائين وارو علائقو ٻُڌيه پرڳڻو سڏبو هو. جوهي شهر ۽ ان جي ڀرسان هاڻوڪي ڳوٺ گل محمد گنب 1877ع واري نقشي موجب تڏهوڪي ڳوٺ ڪنگراڻيءَ وٽ موجود ٺُلن جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته جوهِي جو ڳوٺ راءِ گهراڻي کان به اڳ صفحهءِ هستِي تي موجود هو. روينيو کاتي جي 78-1977ع ۾ جاري ڪيل نقشي ۾ جوهِي تپي ڦُلجيءِ ۽ ضلعي ڪراچيءَ جي صرف ديهه ڏيکاريل آهي.[2] ڪراچي کان پوءِ جوهي شڪارپور ۾ شامل رهي. جڏهن لاڙڪاڻو کي ضلعو بڻايو ويو ته جوهي کي لاڙڪاڻي ۾ شامل ڪيو ويو. 1931ع ۾ دادُوءَ کي ضلعي جو درجو ڏئي جوهي کي تعلقي هيڊڪوارٽر طور دادو ۾ ملايو ويو.

جو هِي جو قديم ڳوٺ مٿاهين تي هُوندو هو. اڄ به اها ايراضي لَکائي سگهجي ٿي. جوهِي جي اُتر ۾ ڳوٺ ڪبير ٻٻر (هاڻ ٻٻر محلو)، اوڀر ۾ ڳوٺ ميرل باهوٽو (هاڻ باهوٽه محلو) هو. جوهي شهر جي مرڪزي مسجد محلي ۾ هندو اوتارن شِوَ ۽ ڪرشنا جي پُوڄا وارو پراڻو شو مندر جوهي اڄ به آهي[4], جيڪو ذبُون حالي جو شڪار آهي. مندر ۾ ديوارن تي خوبصورت چٽسالي ۽ هندو ڌرم جي اوتارن جون مينيفيسٽيشنس (اظهار يا مظهر) ۽ انڪارنيشنس (اوتار) (Manifestations and incarnations) پينٽ ٿيل آهن. مندر ڀرسان مسافرن ۽ قافلن لاءِ ڇاپَرو ۽ کُوهه هوندو هو. هندن جي ججهائِي هوندي هُئي اُن ڪري هندو ميلا لڳائيندا هُئا. روايتن موجب برطانوي دور ۾ هِت ڀڳت ڪنور رام ۽ ماسٽر چندر جهڙا عالمي ساک رکندڙ ڳائڻا ڳائڻ ايندا هُئا. جوهِي جي اولهه کان نئي نُوناري وهندي هئي جيڪا اچي اُتر-اولهه ڪُنڊ وٽ وڏي ڍوري ۾ پوندي هُئي ۽ پوءِ اُتر کان هاڻوڪي گرلس هاءِ اسڪول وٽان وهندي، ناڪي کان ٿيندي اچي اوڀر ۾ وڏي کڏ ۾ پوندي هُئي. هاڻوڪو وارڊ هڪ به نئي جو وهڪرو هو. پُراڻي وقت ۾ جوهِي ۾ پئڻ جي پاڻي جي کوٽ نه هُئي. کُوهه هُوندا هئا. ڪي کُوهه اڄ به ڦٽل صورت ۾ موجود آهن. ڏکڻ ۾ وڏو تلاءُ هوندو هو جيڪو قبضن ميساري ڇڏيو. نئي نُوناري جي ڇاڙ وري ڏکڻ کان به ايندي هُئي ۽ اچي تلاءُ ۾ پوندي هُئي. بئراج سسٽم کان اڳ انهن وهڪرن ۾ باراني پاڻي به وهندو هو ته ناري کان به ڪڙين، ڪُورُن ۽ سُونهيُن وسيلي پاڻي جوهي تائين ايندو هو پر بئراج کوٽجڻ کان پوءِ ڪي وهڪرا واٽر ڪورس طور بحال رکيا ويا ته ڪي سُڪي ويا. آڳاٽي وقت کان جوهي هتان وارِي ڪاڇي جي ڪنڌيءَ جو اهم ۽ مرڪزي ڳوٺ رهندو آيو آهي. جوهي جي معاشي حالتن جو گهڻو تَڻو دارومدار ڪاڇي جي وس تي رهندو آيو. ڪاڇي ۾ ڏُڪر توڙي سُڪر جو سئون سڌو اثر جوهيءَ تي پڻ پوي ٿو. سُڪار ۽ ڏُڪار وارين حالتُن جي نسبت سان جوهيءِ لاءِ ٻه چَوَڻيون مشهُور آهن. جڏهن سُڪار هجي ٿو ته ”جوهِي مکڻ موهِي“ سڏجي ٿي پر ڏُڪار لامارا ڏيندو آهي ته ”جوهي کنڀن کوهِي“ سڏجي ٿي

مطلب ته تاريخي طو جوهي شهر انگريزن جي جوڙيل نقشي ۾ ئي نظر اچي ٿو. برطانوي راڄ جي رڪارڊ ۾ به جُوهي (Juhi) طور درج رهي جيڪا پوءِ جوهي (Johi) سڏجڻ لڳي. برطانوي راڄ دؤران جوهي اول سکر ۽ شڪار پور ضلعن ۾ شامل هُئي. بعد ۾ جوهي کي ڪراچي ۾ ديهه طور شامل ڪيو ويو. 1900ع کان پوءِ جوهي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ديهه طور شامل رهي. 1931ع ۾ دادو کي ضلعي جو درجو ڏئي، جوهي کي تعلقي طور شامل ڪيو ويو. دنيا جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ منڇر جو ڳچ حصو جوهي تعلقي ۾ آهي ته گورک جهڙو سنڌ جو حَسِين ماڳ به جوهي تعلقي ۾ آهي. دادو ضلعي جو جوهي تعلقو قبل مسيح زماني کان برطانوي راڄ تائين جي تاريخي ۽ ثقافتي ورثي ۾ نهايت شاهوڪار آهي. هندستان جي قديم آثارن جي بنگالي ماهر نوني گوپال مجمدار پنهنجي ڪتاب ايڪسپلوريشنس اِن سنڌ ۾ منڇر ڍنڍ ڪناري پير لاکو ماڳ لاءِ لکي ٿو ته هيءُ ماڳ موهن جي دڙي جو ٻيو مرڪز يا ماڳ آهي. ان کان علاوه جوهي تعلقي ۾ ٻُڌن جا ٺُلهه، زرتشتين جا آثار به آهن ته جوهي تعلقي ۾ ايندڙ کيرٿر پهاڙي سلسلي ۾ جبلن تي قديم چٽسالي به موجود آهي[5], جنهن جي قدامت قبل مسيح دؤر کان ويندي سن 1000ع تائين ڪٿي و ئي آهي. ازانسواءِ جوهي تعلقي ۾ پراڻن مقبرن جي ديوارن تي پڻ بهترين چٽسالي (Painting) به اعليٰ نموني جي ٿيل آهي جيڪو سنڌ جو شاندار ثقافتي ورثو آهي. سنڌ جي ڪوھ مري گورک هل اسٽيشن به جوهي تعلقي ۾ آهي. ادبي حوالي سان جوهي احمد خان مدهوش، اڪبر جسڪاڻي ۽ عزيز ڪنگراڻيءَ جهڙن بهترين اديبن جو اباڻو شهر آهي جن پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ شهرت حاصل ڪئي آهي. [6] ايم ايڇ پنهور مطابق ھن شھر جو بنياد ڪلھوڙن جي دور ۾ پيو. ايم.ايڇ پنهور پنهنجي مضمون ۾ سن 1701ع کان 1758ع تائين قائم ٿيل ٽن وسندين (جنهن ۾ وارهه به اچي وڃي ٿو). جي باري ۾ لکي ٿو: ”ٿڌ واري زماني جي حرارت ۾ ٿوري تبديلي آئي، ڪجهه گرمي ٿي ۽ ڪلهوڙن پوکي راهي ڏهن لکن ايڪڙن مان وڌائي ٻاويهه لک ايڪڙ تائين پهچائي ۽ ماڻهن جي آبادي 14 لکن مان وڌي وڃي 30 لکن کي رسي. نوان شهر اُسريا، جن ۾ شهدادڪوٽ، قنبر، وارھ، ميهڙ، خيرپور ناٿن شاھ، ميرپور خاص، نئون خدا آباد (هالن جي ڀرسان)، شهدادپور، نوشهروفيروز، خانڳڙھ (جيڪب آباد)، فتح ڳڙھ، جوهي، دوست علي، رتن ديرو (رتو ديرو) ۽ وڳڻ شامل هئا.[7]

جوهيءَ جي شهرت جو ڪارڻ

سنواريو

جوهي جي شهرت جو ڪاڙڻ مٽيءُ منجهان ٺهندڙ ڀُورا ٿانوَ رهيا آهن. هتي ٺهندڙ مَٽ، دلا ۽ گُگهيون سنڌ سان گڏ پوري پاڪستان ۾ مشهور آهن. جوهيءَ جا ڪنڀار وڏا ڪاريگر هئا ۽ اڄ به ان مهارت واري روايت کي جيئاريندا اچن ٿا. جوهيءَ جا ڪنڀار سجاوٽ يا سينگارڻ لاءِ پڻ مختلف رنديڪا يا ٿانوَ جوڙڻ جا ماهر رهيا آهن.[8]

محل وقوع

سنواريو

جوهي شهر دادو شهر کان 17 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اولھ طرف بچاءُ بند ڀرسان ڪاڇو جي ڪنڌيءَ جي ويجھو واقع آهي.[9]

جوهي شهر ۾ تعليمي ادارن ۾ بوائز ۽ گرلز هاءِ اسڪول، بوائز ۽ گرلز ڪاليج اهم ادارا آهن. ماڻهن لاءِ صحت مرڪز طور تعلقه اسپتال به آهي ته جانورن لاءِ اسپتال پڻ آهي.[10]