ڳوٺ گل محمد گنب
ڳوٺ گل محمد گنب انگريزي (Village Gul Muhammad Gumb) سنڌ جي دادو ضلعي جي جوهي تعلقي ۾ هڪ قديم ڳوٺ آهي جيڪو جوهي شهر کان 2 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڏکڻ طرف جوهي-ڀان سيدآباد روڊ سان لڳ اولھ ۾ واقع آهي. هي نهايت قديم ڳوٺ آهي.ڇاڪاڻ ته هن ڳوٺ ڀرسان ٺلهه جيڪو هن ڳوٺ جي قدامت جي نشاندهي ڪري ٿو ته هيءَ ڳوٺ راءِ گهراڻي جي دور ۾ موجود هو. هن ڳوٺ جو روينيو کاتي جي پراڻي رڪارڊ موجب ڳوٺ ڪنگراڻي نالو آهي. بعد ۾حاجي ماڻڪ خان ڪنگراڻي لڏي پنهنجي زمينن ۾ نئون ڳوٺ ٻڌو جنهنڪري پوءِ هيءُ ڳوٺ گل محمد گنب جي نالي سان مشهور ٿيو. گل محمد گنب پنهنجي وقت جو ناميارو شخص هو. سندس پيشو ٺيڪيداري هو. هن ڳوٺ ۾ پرائيمري اسڪول به آهي جيڪو تر ۾ سڀني آ پرائيمري سڪولن کان پراڻو آهي جنهن ۾ پهريون استاد گل مجمد گنب جو پُٽ محمد ابراهيم گنب مقرر ٿيو هو. [1][2][3]
حوالا
سنواريو- ↑ "جوهي جي نيڪال واري پاڻي جو تلاءُ ٽٽي پيو، پاڻي ڳوٺ ۾ داخل -" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-07-02.
- ↑ onlineindus.com https://onlineindus.com/sindhi/82935. حاصل ڪيل 2020-05-28. Missing or empty
|title=
(مدد) - ↑ onlineindus.com https://onlineindus.com/sindhi/82935. حاصل ڪيل 2020-06-06. Missing or empty
|title=
(مدد)