احمد خان مدهوش(انگريزيAhmed Khan Madhosh) (پيدائش: 5 اپريل 1931ع- وفات : 26 جون 2010ع) سنڌ جو مشهور شاعر جنهن جا ڪافي ڪتاب ڇپيل آهن.[1]

احمد خان مدهوش
Ahmed Khan Madhosh
پيدائش احمد خان سومرو
اپريل 05 1931(1931-04-05)

ڳوٺ سلطان چانڊيو، دادو ضلعو، سنڌ، پاڪستان
وفات 26 جون 2010 (عمر 79 سال)

ڪراچي
ڌنڌو شاعر
ٻولي سنڌي
قوميت پاڪستاني
تعليم سنڌي فائينل
صنف شاعري
مُکيه ڪم دل جون ڳالهيون
نظر ۾ نظر بند
ايوارڊ ڪي ٽي اين بهترين شاعر اوارڊ

زندگي جو احوال

سنواريو

ناميارو شاعر احمد خان ولد حاجي خان (حاجي فقير شغلي) ذات سومرو، 5 اپريل 1931ع تي دادو ضلعو جي خيرپور ناٿن شاه تعلقو جي ڳوٺ سلطان چانڊيي ۾ ڄائو، 1932ع ۾ سندس خاندان ’جوهي‘ شهر ۾ اچي آباد ٿيو. 1949ع ۾ سنڌي فائنل، 1957ع ۾ انٽر ۽ 1965ع ۾ اديب فاضل سنڌيءَ جا امتحان پاس ڪيائين.[2] ڳپل عرصو جوهيءَ ۾ استاد ٿي رهيو. سيد نجف علي شاھ سندس هم عصر شاعر هو. هن شاعريءَ جي سکيا فيض بخشاپوريءَ کان ورتي. . احمد خان اڳتي هلي شاعريءَ ۾ پنهنجو تخلص ”مدهوش“ رکيو، پاڻ سنڌ جو ڪهنه مشق سڄاڻ ۽ ناميارو شاعر هو. پاڻ استاد جهڙي مقدس پيشي سان لاڳاپيل هو. شاعري جي مڙني صنفن تي طبع آزمائيڪيائين، سندس ڪلام اخبارن، رسالن ۾ شايع ٿيندو رهي ٿو. سندس شاعري مختلف راڳين جي آواز ۾ ريڊيو تان پڻ نشر ٿيندي رهندي آهي.

سندس شاعريءَ جا ٽي مجموعا ’دل جون ڳالهيون‘[2] سنڌي ادبي بورڊ پاران 1993ع ۾، اکين جا سنيها سنڌي ادبي بورڊ پاران 2011ع ۾ [3] ۽ ”نظر ۾ نظربند“ سنڌيڪا اڪيڊميڪراچيءَ 2003ع ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا. استاد شاعرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. غزل ۽ نظم جو وڏو شاعر آهي. سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر هيو. احمد خان مدهوش 26 جون 2010 تي وفات ڪئي.[4]

شاعريءَ جو نمونو

سنواريو

چوسٽا

نہ لالن جي نه موتين جي، نہ هيرن جِي ڀري گُهرجي،
نہ ڪا صندوق پئسن جِي ٿي هلڪِي يا ڳري گهرجي،
نہ ڪي ”مدهوش“ کي ڪو ڪارخانو يا کري گهرجي،
ڏسڻ ڏي سُونهن قدرت جِي، عنايت ايتري گهرجي.
اگر گهرجي تہ تنھنجي نظر شفقت ڀري گُهرجي،
اگر گهرجي تہ بس دلدار تنھنجي دلبري گهرجي،
نہ دنيا ويڪري گُهرجي نہ جنّت جِي دري گهرجي،
رڳو ”مدهوش“ کي بس قربَ تنھنجي جي ذري گهرجي.
پُڇيم دل کان تہ ڇا اي دل چري گُهرجي،
چيائين حُورَ گُهرجي ٿي نہ ڪا سُھڻِي پرِي گهرجي،
نگاھ سروري گُهرجي، ۽ دست داوَري گهرجي،
اگر ”مدهوش“ ڪجهہ گهرجي تہ پاڇو پَر وَري گهرجي.

احمد خان مدهوش ڪينسر جي موذي مرض ۾ مبتلا ٿيو ۽ 26 جون 2010ع تي وفات ڪري ويو.