شِوَ مندر جوهي (انگريزيShiva Mandir Johi) جوهي شهر جو نهايت اهم ترين ۽ منفرد تاريخي ماڳ ۽ اثاثو آهي.

شو مندر جوهي

تاريخ ۽ تعارف سنواريو

قبي جي نالي سان مشهور جوهي مندر جوهي شهر، جوهي ٿعلقي ڏاڍو ضلعي، سنڌ،پاڪستان ۾ آهي جيڪو 1850ع واري ڏهاڪي ۾ تعمير ڪيو ويو ۽ نهايت منفرد طرز تعمير وارو يادگار آهي.[1] شو مندر جوهي شهر جي مرڪزي حصي ۾ موجود آهي، مندر جي طرز تعمير هندستان ۽ نيپال ۾ تعمير ٿيل مندرن سان گھڻي مشابهت رکي ٿو. مندر جي اندر توڙي ٻاهر فريسڪو نقش نگاري ٿيل آهي. مندر جي اندر نقش نگاريءَ ۾ شو، وشنو ۽ ڪرشنا جا اوتار ۽ انهن جا مظهر يا مذهبي اظهار چٽيل آهن.[2] . مندر جي ايراضي تمام وڏي هئي ۽ مند جي آس پاس اٽڪل 35 ڪمراجوڙيل هئا پر هاڻ اهي مسمار ڪري قبضي ۾ آئي ٻيون عمارتون ۽ دڪان جوڙيا ويا آهن.[3]

تعمير سنواريو

مندر جي طرز تعمير نهايت منفرد آهي. اهڙي طرز تعمير واري مندر جو مثال سنڌ يا پاڪستان ۾ ملڻ مشڪل آهي. البت هن مندر جي طرز تعمير هندستان ۽ نيپال جي ڪن مندرن سان ملي ٿي يا مشابهت رکندڙ آهي. جوهي جي مندر جون ٻہ گنبذ نما اڏاوتون آهن. هڪ گول ۽ ننڍو گنبذ اٿس ۽ هڪ تمام اونچي گنبذ واري اڏاوت اٿس جنهن کي قُبِي سڏجي ٿو. مندر تمام وڏي ايراضي تي پکڙيل هو. هن کي ٻہ مُک دروازا هئا. هڪ اوڀر ۾ ٻيو ڏکڻ پاسي دروازو هوس. مندر جي تعمير ۾ پڪيون سرون، چيرولي ۽ لوھ ڪم آيل آهي. مندر جي مٿان بُت ٺهيل هئا جيڪي ننڌي کنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ ٽوڙي ويا هئا. قبيءَ کي غور سان ڏسبو ته ان ۾ مستطيل خانن يا فريم نما تعمير ۾ اوتارن جون تصويرون چٽيل يا ٺهيل نظر اينديون.مندر جي تعمير نهايت مظبوط ٿيل آهي جنهن ڪري بي ڌياني هوندي به صفحہ هستي تي موجود آهي. مندر کي نقصان ضرور پهٿل آهي جو قبيءَ جي چوٽيءَ ۾ به ڏار نظر اچن ٿا.[4]

فريسڪو چٽسالي سنواريو

 
شِوَ،پ اروتي ۽ گهڻيشا جوهي مندر جي ديوار تي نقش ٿيل

مندر جي ٻاهران سموريم ديوارن تي فريسڪو چٽسالي پڻ شاندار ٿيل آهي پر اها هاڻ ميسارجي چڪي آهي.مندر جي اندر گول گنبذ واري تعمير توڙي ديوارن سان پڻ نهايت خوبصورت فريسڪو چٽسالي ٿيل آهي. انهيءَ چٽسالي ۾ اوتارن شِوَ، گهڻيشا، پاروتي، وشنو، لڪشمي، ڪرشنا ۽ راڌا جون مختلف تصويرون چٽيل آهن. ڪٿ وشنو ستن منڌيون واري نانگ سان ٽيڪ ڏئي ويٺل ڏيکاريل آهي ته ڪٿ لڪشمي ساڻ چٽيل آهي. هن مندر ۾ ڪرشنا جون تصويرون وڌيڪ پينٽ ٿيل آهن. ڪٿي ستن منڍين واري نانگ کي ماريندي ته ڪٿي راڌا سان ڏيکاريو ويو آهي، ڪٿي بانسري سان ڳئون ڀرسان ڏيکاريل آهي، ڪٿي گوپين جي چاڏين منجهان مکڻ کڻندي ڏيکاريل آهي ته ڪٿي ندي يا تلاءُ ۾ وهنجندڙ گوپين جا ڪپڙا کڻي وڻ تي چڙهي ويل ڏيکاريل آهي ۽ ننگـيون گوپيون پاڻي ۾ بيهي کيس هٿ ٻڌي ڪپڙا واپس ڪرڻ لاءِ ٻاڏائيندو ڏيکاريل آهن.هن مندر ۾ شِوَ جي ننڍي (ڍڳو)، ڳئون به چثيل آهي ته عورتون ۽ اڏامندڙ پَرِيُون به پينٽ ٿيل آهن. پکين کان علاوه جوڳي ۽ جن ڀُوت به ڏيکاريل آهن. عورتون وڻن ۾ پينگھ تي لُڏندي نقش ٿيل آهن. مندر جي ديوارن تي انهن تصويرن کانسواءِ گلن ٻُوٽن جون ڊزائنون پڻ بهترين نموني نقش ٿيل آهن.[4]

حوالا سنواريو