اڪبر جسڪاڻي انگريزي (Akbar Jiskani) (پيدائش: پهرين سيپٽمبر 1958ع - وفات: 13 آگسٽ 1999ع) سنڌ جو ناميارو ڪهاڻيڪار، ناول نگار، شاعر ۽ صحافي هو.

اڪبر جسڪاڻي
Akbar Jiskani

اڪبر جسڪاڻي
پيدائش علي اڪبر جسڪاڻي
سيپٽمبر 01 1958(1958-09-01)

جوهي، دادو ضلعو، سنڌ، پاڪستان
وفات 13 آگسٽ 1999 (عمر 40 سال)

حيدرآباد
ڌنڌو ايڊيٽرگل ڦل ڪهاڻيڪار، ناول نگار ،ليکڪ صحافي
ٻولي سنڌي
قوميت پاڪستاني
تعليم ايم اي سنڌي ادب
مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي
صنف مضمون ناول،ڪھاڻي
مُکيه ڪم بتين واري ناني
رمون پيٽي
خيرو حجم
ايوارڊ بهترين ليکڪ اوارڊ ناول بتين واري ناڻي،سنڌولاجي

جنم سنواريو

اڪبر جسڪاڻي ولد ڄام خان جسڪاڻي، پهرين سيپٽمبر 1958ع تي سنڌ جي ضلعي دادوءَ جي شهر جوهيءَ ۾ ڄائو[1]

ننڍپڻ سنواريو

اڪبر ننڍڙو ئي هو، ته سندس والد سعودي عرب ۾ گذاري ويو. اڪبر کي ناني ۽ نانيءَ پاليو. کيس ڪو چاچو يا مامو به نه هو.هن پرائيمري تعليم جوهي شهر جي مين پرائيمري اسڪول مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ جوهي هاءِ اسڪول مان ڪيائين. بي.اي ۽ ايم.اي دادو ڪاليج مان ڪيائين. زندگيءَ جا اڙانگا پيچرا طئي ڪندي، 1975ع ۾ ”جيئي سنڌ“ تحريڪ جو ميمبر ٿيو. اُن کان پوءِ جيئي سنڌ پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن (وطن دوست پارٽي) ۽ سنڌ هاري ڪميٽيءَ لاءِ ڪم ڪيائين. هن جوهي شهر ۾، ترقي پسند قومپرست شعور پکيڙڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. سنڌي ادبي سنگت، جوهي شاخ جو بنياد به هن وڌو. ذوالفقار علي ڀٽي شهيد خلاف چاڪنگ ڪرڻ جي ڏوهه ۾ جيل به ڪمايائين.[2]

نوڪري سنواريو

اڪبر جسڪاڻي کي مشهور اديب ۽ ڪهاڻيڪار سيد ظفر حسن جي دؤر ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾ لائبريرين مقرر ڪيو ويو. بعد ۾ ٻارڙن جي ماهوار رسالي ”گل ڦل“ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ 1987ع ۾ ايڊيٽر مقرر ٿيو.[2]

ادبي سفر سنواريو

هن فتاح هاليپوٽي (شرجيل) جي همٿائڻ تي ڪهاڻين لکڻ جي شروعات ڪئي. هن جون شروعاتي ڪهاڻيون ماهوار ”سوجهري“ ۾ ٻارڙن جي صفحي ۾ ڇپيون. اُن کان پوءِ روزاني آفتاب، عبرت، سنڌ نيوز ۽ دُعا ۾ به لکيائين. هن جي ٻاراڻين ڪهاڻين جا مجموعا ”بتين واري ناني“ (ناوليٽ)، ”رمون پيٽي“ ۽ ”خيرو حجم“ جي نالي سان نثار حسينيءَ ڇپرايا، جن مان ’رمون پيٽي‘ ۽ ’بتين واري نانيءَ‘ کي سنڌي ٻاراڻي ادب جي حوالي سان سنڌالاجيءَ طرفان بهترين ڪتاب طور انعام ڏنو ويو. اڪبر جو ڪتاب ”گلڙن جا گهاءَ“، هالا جي دوستن ڇپرايو. ان کانسواءِ اڪبر جون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڪالم ۽ ڪهاڻيون ڇپيل آهن. اڪبر شادي نه ڪئي. [2]

ٻاراڻي ادب جو سهيڙيندڙ سنواريو

اڪبر جسڪاڻي کان پوءِ ڄڻ ته ٻارن جو ادب ئي هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو، هن پنهنجي سڄي حياتي ٻارن کي ارپي. سنڌي سماج ۾ جتي ورهاڱي کان اڳ ادب سرجيو ويو ان کان پوءِ جيڪو آڱرين تي ڳڻڻ جيترو ڪم ٿيو ته ان جو وڏو حصو اڪبر جسڪاڻي ڏانهن وڃي ٿو.

سانڍيل ڪتاب سنواريو

هن فوت ٿيڻ کان اڳ، سگا شاخ جوهيءَ پاران، جوهي شهر ۾ قائم ڪيل گاج لائبرري (هاڻي اڪبر جسڪاڻي ميموريل لائبرري[3])[4] لاءِ پنهنجا سانڍيل ڪتاب ڊاڪٽر حميد سومري جي حوالي ڪيا. سندس دوستن عزيز ڪنگراڻي، شريف ٿهيم، ڊاڪٽر ستار ٻٻر، ڊاڪٽر جُمن باهوٽو ۽ ٻين اڪبر جسڪاڻي ميموريل لابرري کي پنهنجي طرفان نه صرف ڪتاب ڏنا پر مالي سهائتا به ڪئي. لائبرري لاءِ انگريزي اردو ۽ سنڌي اخبارون به گهرائڻ شروع ڪيون. هن لائبرري قائم ٿيڻ سان ڪيترائي نوجوانن کي مطالعي جو ماحول مليو. هيل تائين ڪيترائي ئي غريب نوجوان هن لابرري ۾ ويهي مطالعو ڪري چٽا ڀيٽيءَ جا امتحان ڏئي مختلف ادارن ۾ اهم عهدن تي رسيا آهن.

پراسرار موت سنواريو

اڪبر جسڪاڻيءَ جو لاش حيدرآباد جي سحرش نگر واري ويران گهر مان، 13 آگسٽ 1999ع تي سڙيل حالت ۾ مليو. سندس موت اڄ ڏينهن تائين هڪ راز بڻيل آهي. اڪبر جسڪاڻي جي موت بابت ٻه ڳالهيون سامهون آهن, پر هن وقت تائين اهي ٻئي ڳالهيون ثابت نه ٿي سگهيون آهن ته اڪبر جو موت ڪيئن ۽ ڇو ٿيو؟ ڪي چون ٿا ته اڪبر جو قتل ٿيو هو، ته وري ڪي اهو به تاثر ڏين ٿا ته اڪبر آپگهات ڪيو هو، جيڪڏهن اڪبر جو قتل ٿيو هو ته ان جا ڪارڻ ڪهڙا هئا ۽ جيڪڏهن هن آپگهات ڪيو هو ته ان جو سبب ڪهڙو هو؟ [2][5][6]

حوالا سنواريو

  1. اڪبر جسڪاڻي – وسري ويل شخص ! | Affair - افيئر, وقت 2018-01-02 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2020-04-22 
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 اڪبر جسڪاڻي : (Sindhianaسنڌيانا)
  3. ‘The tale of a library’ - Newspaper - DAWN.COM
  4. Akber Jiskani - Sindhipedia, وقت 2022-09-25 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-03-19 
  5. اڪبر جسڪاڻي : (Sindhianaسنڌيانا)
  6. اڪبر جسڪاڻي – وسري ويل شخص ! | Affair - افيئر, وقت 2018-01-02 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2020-04-22