ماسٽر چندر

ھندوستاني سنڌي گلوڪار ، ميوزڪ ڊائريڪٽر

ماسٽر چندر(اصل نالو ”چاڊو مَل ڏامواڻي[1]“) هڪ ڳائڻو، سنگيت آچاريه، ميوزڪ هدايتڪار ۽ شاعر هو جنهن سنڌي ٻولي جا سوين گانا ڳايا.[2][3][4][5] سندس جنم ٺاروشاهه ۾ ٿيو.[1] هن پهريون ڀيرو سنڌي ٻولي ۾ پيار بابت ڪلام ۽ گانا ڳايا. موسيقي ۽ گائڪي جي دنيا ۾ وڏو نالو ڪمائيندڙ سنڌ جو ڀلوڙ رڳي 1907-12-12ع تي ٺارو شاهه ضلعي نوابشاهه ۾ جنم ورتو[6]، هن 12 سالن جي ڄمار ۾ ڳائڻ شروع ڪيو. هن پنهنجي گيتن ذريعي هندو مسلم ايڪتا جو جذبو جاڳايو. هن جي معروف ڪلامن ”رٺائي رهن پر، هجن حياتي“ ۾ هڪ محبت جو گاڏو آهي، چندر ”ڪڏهن تون ٿو ڌڪين، ڪڏهن مان ٿو ڌڪيان“ تمام گهڻي  شهرت حاصل ڪئي. هن جي گيتن ۾ محبت، پيار، امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام شامل آهي. جنهن کي جهڙي به وقت ٻڌجي ٿي راحت نصيب ٿيندي آهي. ورهاڱي کانپوءِ ماسٽر چندر پنهنجي گيتن ذريعي سنڌ ۽ سنڌين لاءِ ماڻهن ۾ نئون جوش ۽ اتساهه پيدا ڪيو. ماسٽر چندر جڏهن فلم انڊسٽري ۾ پير پاتو ته هن پهرين فلم هيرو جو ڪردار ادا ڪيو، ماسٽر چندر  47 سال فلي دنيا کي وقف ڪيا، ماسٽر چندر پلي بيڪ ڳائڻو هو، فلم ”موت ڪا طوفان“ ۾ هن گيت ڳايا ماسٽر چندر هڪ فنڪار سان گڏوگڏ هڪ بهترين اداڪار، شاعر ۽ موسيقار پڻ هو. اليڪٽرڪ سازن جي دنيا ۾ چوٽيءَ جو موسيقار ٿيو. هن سنڌ ۽ موسيقي کي جديد طريقي سان متعارف ڪرايو. ماسٽر چندر جو من موهيندڙ آواز انسان جي سندس نس نس کي چمندو هو. 22 ورهين جي ڄمار ۾ ماسٽر چندر ايڇ ايم بي ڪمپني ۾ 3000 ڪلام رڪارڊ ڪرايا، ايڇ ايم بي ڪمپني طرفان هن کي گولڊ ميڊل پڻ ڏنو ويو. جڏهن هن مندرن ۽ درگاهن ۾ ڳائڻ شروع ڪيو ته ان دوران سنڌ جي عظيم فنڪار ڪنور ڀڳت ڪنول رام ان جو ڳائڻ ٻڌو ته ڀڳت ڪنور رام کيس آشيرواد ڏيندي چيو ته چندر فني دنيا ۾ وڏو نالو ڪمائيندو، سنڌ جي مهان راڳي ماسٽر چندر 400 گراهم فونو رڪارڊ ڪرايا. پنهنجي سموري زندگي فن ۽ موسيقي کي ارپيندڙ ۽ هزارين دلين تي اڄ به راڄ ڪندڙ ماسٽر چندر جا ڪلام اڄ به سدا بهار آهن، باشعور ۽ پڙهيل لکيل طبقو اڄ به ماسٽر چندر جي امر ڪلامن جي غور ۽ دلچسپي سان ٻڌندو آهي، اڄوڪي هن پاپ ميوزڪ واري دور جنهن ۾ ڪلاسيڪل موسيقي کي گهڻي اهميت نٿي ڏني وڃي پر ماسٽر چندر سنڌ جي اها مهان هستي آهي، جنهن جي ڪلامن کي اڄ به سنڌ جا مهان فنڪار سُر ۾ ممتاز علي لاشاري جهڙا بهترين راڳي پڻ سدا بهار ڪلام ڳائي ٻڌندڙن تي سحر طاري ڪري ڇڏيندا آهن، سنڌ جي هن عظيم هستي کي اسان کان وڇڙيئي ستاويهه سال ٿي چڪا آهن پر هي اڄ به هر باشعور جي دل ۾ ڌڙڪي ٿو، سنڌ جو هي مهان ڪلاڪار 77 سالن جي ڄمار ۾ 2 نومبر 1984ع ۾ ديهانت ڪري ويو[6].[7][5][8][9] ماسٽر چندر ڳائڻ سان گڏوگڏ فلمن ۾ پڻ ڪم ڪيو،[5] هن 1942ع ۾ سنڌي فلم ايڪتا،[5] 1958ع ۾ ڀارت ۾ پهرين سنڌي فلم اباڻا[5] ۽ 1968ع  رام پنجواڻي جي فلم سنڌو ڪناري ۾ ڪم ڪيو هيو.[5]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 "ماسٽر چندر". GuruMangalGir.net. حاصل ڪيل 2021-11-24. 
  2. Laʻlu Pushpu (1989). Eminent Sindhis in India. Lal Pushp. p. 14. https://books.google.com/books?id=RNm1AAAAIAAJ. 
  3. "چندر (ماسٽر چندر) : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-11-28. 
  4. "سنڌ جي عظيم راڳي ماسٽر چندر جي شخصيت". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2020-11-28. 
  5. 5.0 5.1 5.2 5.3 5.4 5.5 www.thekawish.com http://www.thekawish.com/beta/images/2016/Nov/03-11-2016/Page7/P7-21.htm. حاصل ڪيل 2020-11-28.  Missing or empty |title= (مدد)
  6. 6.0 6.1 "Sageet Acharya Master Chander". www.sindhigulab.com. حاصل ڪيل 2021-11-24. 
  7. "Official Website of Sangeet Acharya Master Chander". 
  8. "ٺارو شاهه: مهان راڳي ماسٽر چندر جي 112 هين جنم ڏينهن جي تقريب". Awami Awaz (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2020-11-28. 
  9. "Master Chander: Sindhi Singer Master Chander: Sindhi Folk: Sindhi MP3: Biography | The Sindhu World". thesindhuworld.com. حاصل ڪيل 2019-06-26. 

ٻاهريان ڳنڍڻا سنواريو