چچ نامو يا فتح نامو سنڌ يا تاريخ الهند و السند (عربي ۾) سنڌ جي تاريخ بابت هڪ مشهور ڪتاب آهي[2]، هن ڪتاب ۾ چچ گھراڻي جي تاريخ، راء گھراڻي جو خاتمو ۽ اروڙ جي چچ جو تخت تي چڙهڻ، عربن جي محمد بن قاسم جي هٿان سنڌ جي 8 صدي ۾ فتح جو احوال لکيو ويو آهي. هن ڪتاب جو اصلي نالو ”فتح نامه سنڌ“ هو. اهو ڪتاب، جيڪو سنڌ جي عرب فاتح محمد بن قاسم جي ساٿين مان هڪ جي پوئين وٽ الور ۾ سانڍيل هو، سو نامعلوم سال ۾ لکيل هڪ عربي مخطوطي مان علي بن محمد ڪوفيءَ طرفان سنه 613ھ ۾ فارسيءَ ۾ ڪيل ترجمو هو. تفصيلن لاءِ بهتر آهي ته مرزا جي انگريزي ترجمي کي يو-ايم دائود پوٽي جي فارسيءَ ۾ لکيل جديد تنقيدي ڇاپي، ۽ مخدوم امير احمد ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سنڌي ترجمي سان جيڪو سنڌي ادبي بورڊ طرفان سنه 1954ع ۾ ڇاپيو ويو آهيو[3]

چچنامو
مصنف نامعلوم [1]
اصل عنوان فتحنامو
مترجم علي ڪوفي(عربي مان فارسي ۾ )
مرزا قليچ بيگ(فارسي مان سنڌي ۾)
ملڪ سنڌ, پاڪستان
ٻولي عربي،فارسي، سنڌي
موضوع سنڌ جي تاريخ
قديم تاريخ
صنف تاريخ
شايع ڪندڙ نئين سنڌ لائبريري
ڇاپي جي تاريخ
1923
صفحا ڪرائون سائيز ۾ 60 صفحا
39 هجري ۾ عربن جون سنڌ تي ڪاهون
عربن جا سنڌ تي حملا


سنڌ جي پهرين تاريخ جو هٿ اچڻ

سنواريو

ناصرالدين جي دؤر ۾ علي بن حامد بن ابوبڪر ڪوفي کي، الور ۽ بکر جي هڪ ڏتڙيل عرب خاندان جي هڪ بزرگ قاضي اسماعيل بن علي بن محمد طائي وٽان عربي ۾ لکيل هڪ تاريخ ”منهاج المسالڪ“ (تاريخ سنڌ ۽ هند) هٿ آئي. قاضي صاحب الور جي قاضي موسيٰ بن يعقوب جو پڙپوٽو هو، جيڪو محمد بن قاسم سان گڏ سنڌ آيو هو ۽ محمد بن قاسم کيس الور جو قاضي ڪري رکيو. اها بکر ۽ الور جي قضات سندن نسل ۾ هلندي پئي آئي. علي بن حامد ڪوفي تاريخ منهاج المسالڪ جو 1216ع ۾ اچ ۾ فارسي ترجمو ڪيو ۽ ان جو نالو ”چچنامو“ رکيائين. چچنامو سنڌ جي پهرين اسلامي تاريخ آهي، جنهن مان اسان کي عربن جي ڪاميابين جي خبر پوي ٿي.[4]عرب اسلامي دؤر بابت معتبر حوالا عربي تاريخن ۾ موجود آهن، پر ان دور بابت جيڪا تاريخ هتي سنڌ ۾ مرتب ٿي ۽ جنهن کي ”فتح نامو“ سڏيو ويو ۽ جنهن کي پوءِ عام طرح ”چچ نامو“ چيو ويو، اهو نهايت ئي قيمتي ڪتاب آهي. اهو نه فقط سنڌ جي تاريخ بابت هڪ بنيادي ڪتاب آهي، پر پهريون ”تاريخي ڪتاب“ آهي، جيڪو هن سڄي برصغير ۾ مرتب ٿيو، يعني پاڪستان، بنگله، ديش ۽ هندستان، سڀ ملڪ ملايو ته مڙني تاريخي ڪتابن ۾ فتح نامو پهريون ”تاريخي ڪتاب“ آهي، جو سنڌ جي سرزمين ۾ ئي مرتب ڪيو ويو. اهو ڪتاب شهر اروڙ جي قاضين مرتب ڪيو. انهيءَ جا ماخذ البت ٻيا اڳيان عربي ڪتاب هئا. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي اسلام کان اڳ واري تاريخ توڙي اوائلي اسلامي تاريخ بابت اسان کي سڀ ڪجهه ملي ٿو. هن ڪتاب تي شروعاتي تحقيق ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم ڪئي ۽ پهريون ڀيرو ان جو فارسي متن شايع ڪيائون. 1952ع ۾ مخدوم امير احمد صاحب مرحوم ان جو جيڪو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، تنهن ۾ اسان ڪافي نوٽ ۽ حاشيا لکيا. ان وقت کان وٺي هن اهم ڪتاب تي بنده طرفان تحقيقي ڪم هلندو هليو ۽ هاڻي ڇهه مهينا کن ٿيا آهن، جو هن ڪتاب ”فتح نامي“ جو فارسي متن انگريزي ۾ لکيل تفصيلي حاشين ۽ مقدمي سان اسلام آباد جي تاريخي ۽ ثقافتي اداري طرفان شايع ٿيو آهي[5].

 
سنڌ 700ء ۾ برهمڻ گھراڻي جي هيٺ


هي ڪتاب محمد علي بن حميد بن ابو بڪر ڪوفي عربي متن تان فارسي ۾ ترجمو ڪيو. مائونٽ اسٽوئرٽ جي هن ڪتاب جي تاريخي سچائي جي تحقيق تائين هن ڪتاب کي هڪ وقت تائين رومانوي داستان سمجھيو ويندو هو. اهو مڃيو ويندو آهي ته اصل عربي متن سڪفي خاندان جي ڪنهن مرد لکيو جيڪي محمد بن قاسم جا رشتيدار هيا.

درستگي

سنواريو

تاريخِ معصومي ۽ تحفته الڪرام ساڳئي دور جون ئي ٻه مسلم تاريخون آهن ۽ جيڪي ڪجهه موقعن تي ساڳين واقعن جون مختلف تفصيلون ڏين ٿيون. نظام الدين احمد، نورالحق، فرشتو ۽ مير معصوم جي بعد وارين مسلم تاريخن عربن جي فتح جو احوال چچ نامي مان حاصل ڪيو آهي. ڪوفي به ڪجهه "واڱڻائي نثر " ڪندي محسوس ڪيو يو آهي هي چڱي طرح عربي مواد جو وڏو حصو ترجمو درستگي سان ڪندڙ جي طور تي مڃيو وڃي ٿو انکان علاوه هن معلومات جا ذيعا به ٻڌايا آهن ته اهي عام ماڻهن جا آهن يا صرف ”روايت“.ان وقت جي  تاريخي جاگرافي، سماجي ۽ سياسي واقعن بيان ڪندڙ مواد جي طور تي هن ڪتاب کي مڃتا حاصل آهي. سڪفي خاندان جي قدرتي تعصب تي مشتمل غير درست تحريرون پڻ ڪتاب جو حصو آهن.مرزا قليچ بيگ ھن ڪتاب جو جيڪو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو ان لاءِ لکي ٿو: ”قديم سنڌ جي تاريخ، هندو راجائن جي بابت ۽ عربن جي فتح تائين ٽن فارسي ڪتابن ۾ لکيل آهي، چچنامي، تاريخ معصومي ۽ ”تحفة الڪرام“ ۾. پويان ٻه ڪتاب پهرئين تان ورتل هئا ۽ انهن ۾ گهڻو احوال نه هو. تنهنڪري چچ نامي جي پهرين مون انگريزي ۾ ترجمو ڪيو، جو سرڪار ڇاپايو ۽ هاڻي ڪن دوستن جي فرمائش موجب مون سنڌي ۾ ترجمو ڪيو ته سنڌ جا ماڻهو قديم سنڌ جي تاريخ جو مفصل احوال معلوم ڪن.“ مرزا قليچ بيگ جي ان ترجمي ۾ چچ نامي جو پهريون ڀاڱو آهي، جنهن ۾ فقط چچ جي راڄ تائين احوال ڏنل آهي. هي ڪتاب 60 صفحن تي مشتمل ڪرائون سائيز ۾، بليوٽسڪي پريس حيدرآباد مان ڇپيو، ۽ اُن کي سال 1923ع ۾ نئين سنڌ لئبرري وارن ڇپرائي پڌرو ڪيو. ڊاڪٽر غلام محمد لاکو لکي ٿو تہ: چچ نامي سنڌيءَ جو ٻيو حصو ڪٿي ڇپيو يا نه، ان بابت مون کي معلومات ملي نه سگهي آهي. سال 1923ع ۾ مرزا صاحب ”چچ نامي“ جو سنڌي ترجمو مڪمل ڪيو هو.[6]

انگريزي ترجمو

سنواريو

چچ نامو انگريزيءَ ۾: جهڙيءَ ريت سنڌ جي تاريخ جو اولين ڪتاب ”چچ نامو“ آهي، ٺيڪ ان ريت مرزا صاحب پڻ سنڌ جي اتهاس تي ڪم ڪرڻ لاءِ سڀ کان اول هن ڪتاب جو انتخاب ڪيو. هن ڪتاب ۾ سنڌ اندر راءِ ۽ برهمڻ خاندان جي حڪومت جي احوال سان گڏ عرب فتوحات جو بيان آهي، ابتدا ۾ هيءُ ڪتاب عربي زبان ۾ لکيو ويو، جنهن کي پوءِ سن 1613ھ/1216ع ۾، علي بن حامد ڪوفيءَ فارسي زبان ۾ ترجمو ڪيو. هيءُ فارسي ترجمو ئي پوءِ صدين تائين اهل علم وٽ استعمال ۾ رهيو. ميرن جي دور جي بنهه آخر ڌاري ٽي، پوسٽنس هن ڪتاب جا ڪي حصا انگريزي ۾ ترجمو ڪيا. اُهي حصا سال 1838ع ۾ 1841ع ۾ رايل ايشياٽڪ سوسائٽي آف بنگال جي جرنل ۾ ڇپيا. سال 1953ع ۾ وري ”چچ نامي“ جا ڪجهه اقتباس ايليٽ انگريزي ۾ اُلٿو ڪيا، ۽ اُنهن کي هندستان جي تاريخ بابت پنهنجي مطالعي جي جلد اول ۾ شايع ڪيو [7] . مرزا قليچ بيگ کي ”چچ نامي“ جي قدامت ۽ اهميت جو ڀرپور احساس هو. ان پس منظر ۾ پاڻ هن سڄي ڪتاب کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيائين. هي ترجمو ڪمشنر پريس ڪراچيءَ ۾ سال 1900ع ۾ ڇپيو، ۽ اُن جو انتساب ڪمشنر سنڌ جيمس صاحب (H.E.M.James) کي ڪيو ويو. هن ڪتاب جو سڄو نالوهن ريت آهي:

The Chachnamah, an

— ancient History of Sindh.

مرزا صاحب جي دوست ۽ سنڌ جي نهايت معروف شخصيت ديوان ڏيارام گدومل ترجمي تي نظرثاني ڪئي ۽ اُن تي هڪ عمدو تعارف لکيو، جيئن ته اُن وقت تائين ”چچ نامي“ جو ڪو ڇاپي ۽ معياري ايڊيشنل موجود نه هو، ان ڪري مرزا صاحب کي اُن جو ترجمو ڪندي ڏاڍي تڪليف پيش آئي. پاڻ لکن ٿا: ”اُن بعد وڏيءَ محنت ۽ ڪشش سان ۽ عربي عالمن جي مدد سان، عبارت جون درستيون ڪيون ويون ۽ جيترو به ٿي سگهي خال ڀريا ويا. اُن بعد مون ڪتاب جو حتي الامڪان لفظ به لفظ ترجمو ڪيو… مون اڪثر حوالا ۽ حاشيا به ڏنا آهن. جي مفيد ثابت ٿيندا. اُن کان علاوه مشترڪه واقعن بابت مون تاريخ معصومي ۽ تحفة الڪرام جي بيانن جا اقتباس به ڀيٽ خاطر ڏنا آهن. قرآن مجيد جي آيتن لاءِ رڪوع ۽ سورتن جا حوالا مون سيل (Sale) جي انگريزي ترجمي تان ڏنا آهن ۽ رچرڊ سن جي ٽيبل تان مون هجري سالن جا مسيحي سال به درج ڪيا آهن“. هڪ طرف ”چچ نامي“ جو ڪنهن به زبان ۾ ڇپيل هي پهريون ايڊيشن هو ۽ ٻئي طرف هي انگريزي ٻوليءَ ۾ هو. ان ريت سنڌ جي تاريخ جو هي قديم ترين ماخذ، سنڌ ۽ هند کان علاوه يورپ ۾ پڻ اسان جي تاريخ جي مطالعي ۾ مددگار بڻيو. سال 1938ع ۾ هن ترجمي تان ”چچ نامي“ جو اردو ترجمو ٿيو. هي ترجمو بهاولپور جي محمد حفيظ الرحمان ”حفيظ“ ڪيو [8] . تازي دور ۾ (1980ع ڌاري) مرزا صاحب جي هن انگريزي چچ نامي جا ٻه ايڊيشن نڪتا آهن. هڪ ڇاپو سنڌ ڪلاسڪس ڪراچي ڪڍيو آهي، ليڪن اُن تي طباعت جو سال درج ڪونهي. ٻيو ايڊيشن وين گارڊ لهور اپران 1985ع ۾ نڪتو آهي.[9]

  1. فارسي ترجمو علي ڪوفي, سنڌي ترجمو مخدوم امير احمد. چچ نامو. سنڌي ادبي بورد. http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/History/Book1/Book_page1.html. Retrieved 24 June 2024. 
  2. "چچ نامه/ چچ نامو : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-03-26. 
  3. ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ (جلد ٻيو) ليکڪ؛ ايڇ. ٽي. لئمبرڪ :ايڊيشن؛ پهريون 1984ع، ٻيو 1990ع :ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  4. http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page13.html.  Missing or empty |title= (مدد)ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي
  5. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ريڊيو انٽرويو جو متن؛.ڪتاب جو نالو ؛ مهراڻ 1983ع ايڊيٽر؛ نفيس احمد ناشاد جلد؛ 34 نمبر 4- 1983ع ڇپيندڙ :سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  6. {ڊاڪٽر غلام محمد لاکو جو لکيل مضمون:" مرزا قليچ بيگ ۽ سنڌ جي تاريخ"؛ مھراڻ رسالو سال 2003 ، شمارو 53, سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}
  7. {”فتح نامہء سنڌ عرف ”چچ نامو“، مقدمو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ص ص 58- 59، ۽ ص 61، سنڌي ادبي بورڊ 1976ع.}
  8. {حفيظ الرحمان سنڌ بابت هڪ ٻئي ڪتاب جو به اردو ۾ ترجمو ڪيو. هيڪ تاب هدايت علي تارڪ سنڌ جي شاعرن بابت لکيو هو، جنهن کي حفيظ الرحمان ”تاريخ شعراءِ سنده“ جي نالي سان 1365ھ/1945ع۾ بهاولپور مان شايع ڪيو هو.}
  9. {ڊاڪٽر غلام محمد لاکو جو لکيل مضمون " مرزا قليچ بيگ ۽ سنڌ جي تاريخ"؛ رسالو مھراڻ سال2003, شمارو 53، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}


ٻاهريان ڳنڍڻا

سنواريو