سڪندر اعظم پاران اڏايل شهرن جي فھرست

سڪندر اعظم پاران اڏايل شهرن جي فھرست (انگريزي: List of cities founded by Alexander the Great)، مقدوني بادشاھہ سڪندر اعظم طرفان اڏايل شھرن جي فھرست آھي.

وسندين جي فھرت

سنواريو

ھي فھرست انھن انساني وسندين جي آھي جيڪي سڪندر اعظم جي حڪم تي تعيمر ڪيا ويا. ھن فھرست ۾ صرف اھي مضمون شامل آھن، جيڪي سنڌي ۾ موجود آھن، جڏھن تہ اصل شھرن جو تعداد وڌيڪ آھي.

Settlements
وسندي جو نالو
عرفيت
تعمير جو سال جڳھہ تفصيل تاريخي حقيقت
اليگزنڊريا مصر جي ويجھو 331 ق.م اليگزينڊريا، مصر سڪندر اليگزينڊريا نيل ندي جي ڊيلٽا ۽ رومي ڀونوچ سمنڊ جي وچ تي 331 ق.م ۾ تعمير ڪرايو ھو. ھن شھر جي تعمير جي سببن تي اختلاف آھن، پر فوجي، واپار ۽ سياسي سبب ٻڌايا وڃن ٿا. [1] قبول ڪيل
بوڪيفالا ۽ نيڪايا 326 ق.م جھلم ندي جي ڪپ تي، پاڪستان آريانوس مطابق، ھندوستاني راجا، پورس کي هائيڊاسپس جي جنگ ۾ شڪست ڏيڻ کان پوءِ جھلم ندي جي ٻنھي ڪنارن تي ٻہ شھر تعمير ڪرايا ھئا. ھي جنگ ندي جي اوڀرندي ڪناري تي لڳي، تنھن لاءِ سڪندر ان جو نالو نيڪايا يعني فتح رکيو. جڏھن تہ ٻي شھر جو نالو سندس پسنديدہ گھوڙي بوسيفالس جي موت بعد بوڪيفالا رکيو.[2] قبول ڪيل
  1. Fraser 1996, p. 65; Cohen 2006, pp. 355–362.
  2. Fraser 1996, pp. 69–70, 161–162; Cohen 2013, pp. 308–312, 317–318.

[[]]