هائيڊاسپس جي جنگ

هائيڊاسپس جي جنگ (انگريزي: Battle of the Hydaspes)، جنھن کي جھلم جي جنگ پڻ چيو وڃي ٿو، سڪندر اعظم ۽ ھندوستاني راجا پورس جي وچ ۾ جھلم ندي جي ڪنارن تي وڙھي وئي.[1] سڪندر اعظم جي ھندوستان تي مھم جوئي جيڪا سڪندر لاءِ گهڻي مھانگي ثابت ٿي، ان دوران مقدونيا جي فوج پورس کي قيد ڪيو ۽ پوراوا تي قبضو ڪري ورتو. پورس پاران مزاحمت نہ ڪرڻ سبب ھن کي پورس جو گورنر مقرر ڪيو ويو.