قلمي نسخو
قلمي نسخو (Manuscript) قلمي صورت ۾ ڪتابت ٿيل ڪتاب، جڏهن اڃا پرنٽنگ پريس جو اجراءُ نہ ٿيو هو، تڏهن ڪتاب هٿن سان لکيا ويندا هئا. اهڙين تحريرن جي لکندڙن کي ’ڪاتب‘ چيو ويندو هو. انگريزن جي دور کان اڳ سنڌ ۾ ڇپائيءَ جون مشينون ڪونہ هيون. ان ڪري ڪتاب قلمي صورت ۾ جوڙيا ويندا هئا. انگريزن جي اوائلي دؤرجي عالم رچرڊ برٽن (1821-1890ع) جو چوڻ هو تہ انگريزن جي دؤر کان اڳ جي ادب لاءِ ايترو چوڻ ڪافي آهي تہ ”جڏهن انگريزن هندستان ۾ پير پاتو، تڏهن ڪنھن بہ پرڏيهي ٻوليءَ ۾ ايترو علم ۽ ادب موجود ڪونہ هو، جيترو سنڌيءَ ۾ موجود آهي، پر ان جي شاهوڪاري عربي ترجمن ۽ مذهبي ڪتابن تي منحصر آهي. ڪتابن جي پوري ڪٿ نٿي ڪري سگهجي ، پر ايترو يقين آهي تہ ٻہ ٽي سو قلمي نسخا ڪٺا ڪري سگهبا.“ (’سنڌ ۽ سنڌوءَ ماٿري ۾ وسندڙ قومون‘) شاھ جي رسالي جا 50 کن قلمي نسخا لکيا ويا. اهڙي طرح شاعري ۽ نثر جا قلمي مسودا اڄ تائين لکيا وڃن ٿا.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.