سڪندر اعظم بابت تاريخ نويسي

مقدونيا جي بادشاھہ سڪندر اعظم بابت تاريخي ماخذ، جيڪي ثابت ھٿ آيا آھن، انھن ۾ يوناني، لاطيني ۽ ايشيائي تاريخي ماخذ شامل آھن، جن مان مکيہ پنج: آريانوس، پلو ٽارڪ، ڊيوڊورس، ڪوينت ۽ جسٽن آھن.[1] انھن پنج مکيہ ماخذن کان سواءِ ھڪ ٻيو ماخذ ميٽ ايپيٽوم جي نالي سان پڻ آھي، جيڪو ڪنھن گمنام ليکڪ پاران لکيل آھي، ۽ ان ۾ سڪندر اعظم جي هيرڪنيا کان ڀارت جي مهمن کي بيان ڪيو ويو آھي، ساڳي قسم جو ذڪر ٻين تاريخي ماخذن ۾ اسٽرابو، آثيانوس، آليانوس، پولينيوس، پڻ ڪيو آھي. اسٽرابو ڪاليسٿينس جو تت بابت ٻڌائي ٿو، اھو ماخذ سڪندر جي سيوا جي سفر بابت اھم ماخذ ليکيو وڃي ٿو.[2]

  1. Green, 2007, pp xxii–xxviii
  2. Cartledge, P., Alexander the Great (Vintage Books, 2004), p. 290.