ڏکڻ ايشيائي چوماسي برساتون

ڏکڻ ايشيائي چوماسي برساتون (انگريزي: Monsoon of South Asia)، ڪيترن ئي عالمي چوماسي برساتن جي سلسلي کي چيو ويندو آھي، جيڪي ننڍي کنڊ ۾ وسن ٿا. ھي ھڪ پراڻو موسمي لقاءُ آھي جيڪو جُونِ کان سيپٽمبر مھينن جي وچ ۾ برساتن جو سبب بڻجي ٿو، ھن چوماسي سلسلي کي تمام گهٽ سمجھيو ويو آھي، ۽ ھن سلسلي بابت اڳڪٿي ڪرڻ اتنھائي مشڪل آھي. ھن چوماسي سلسلي جي ٺھڻ، طاقت وغير بابت ڪيترائي نظريا پيش ڪيا ويا، پر تاحال ھن سلسلي جي مڪمل طرح اڳڪٿي ڪرڻ ممڪن ناھي ٿي سگهيو.

ڪلائيمٽ ھزردس گروپ پاران جاري ڪيل ڏکڻ ايشيائي چوماسي برساتن جو ھڪ انفرا ريڊ وزيئل ڏيک

ھي سلسلو بنگلاديش، ڀوٽان، ڀارت، نيپال، پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ماحول ۽ ساهوارن تي وڏو اثر ڇڏي ٿو.[1][2]