مونگ، پنجاب (انگريزي: Mong, Punjab)، منڊي بهاء الدين جي يونين ڪائونسل جو ھڪ ڳوٺ آھي.[1]

اليگزينڊر ڪننگھام مطابق مونگ شھر نيڪايا جي مٿان اڏيل آھي، جيڪو هائيڊاسپس جي جنگ ۾ پورس جي شڪست کان پوءِ سڪندر اعظم تعمير ڪرايو ھو.[2] اڃان نيڪايا جا ڪي اثار ناھن ملي سگهيا. انسائيڪلوپيڊيا برٽانيڪا جي 1910ع واري ايڊيشن ۾ مونگ کي نيڪايا جي مٿان موجود شھر ڄاڻيو ويو، جيڪا ڄاڻ بعد وارن ايڊيشنن ۾ ھٽائي وئي.[3]