اريٿرين سمنڊ جو رھبرنامو

اريٿرين سمنڊ جو رھبرنامو (انگريزي: Periplus of the Erythraean Sea)، يوناني رومي رھبر نامو آھي، جيڪو ڪوئني يوناني ٻولي ۾ لکيل آھي. ھن رھبر نامي ۾ رومي مصر جي بندرگاھہ برينس، ڳاڙهي سمنڊ جي ڪنارن جا رستا ڏيکاريل آھن، ان کانسواءِ ھن رھبر نامي ۾ آفريڪي سڱ، فارس جو نار، عربي ۽ ھندي سمنڊ، موجودا پاڪستان، ڀارت جا ڏکڻ اولهہ وارا علائقا ۽ سنڌ ڏيکاريل آھي.

رھبر نامي ۾ ڄاڻيل نالا، علائقا ۽ رستا

ھي رھبر نامو پهرين ۽ ٽين صدي جي وچ واري ڪنھن تاريخ ۾ لکيو ويو، پر اڪثر ماھرن جو خيال آھي تہ ھي رھبر نامو پهرين صديءَ ۾ لکيو ويو ھوندو. ھن رھبرنامي جي لکيڪ جي باري ۾ ڪا ڄاڻ ميسر ناھي، پر ھي پنھنجي قسم جو پھريون رھبر نامو آھي، جيڪو هندي سمنڊ جي علائقن کان بخوبي واقف ھو.