باب:پاڪستان
پورٽل جي سار سنڀال جي حالت: (ڊسمبر، 2024ع)
- هن پورٽل جا ذيلي صفحا هڪ ايڊيٽر طرفان چيڪ ڪيا ويا آهن، ۽ ڏٺا ويا آهن ته ضرورت کان وڌيڪ نه آهن.
- مھرباني ڪري تدوين ڪرڻ وقت احتياط ڪريو، خاص ڪري جيڪڏھن پاڻمرادو ايڊيٽنگ سافٽ ويئر استعمال ڪريو.
ڪورونا وائرس مرض 2019 | اسلام | قرآن | جاگرافي | تاريخ | رياضيات | سائنس | معاشرو | طرزيات | فلسفو | مذهب | بابن جي فهرست |
اسلامي جمهوريا پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ واقع آهي۔ پاڪستان جي اوڀر ۾ ڀارت، ڏکڻ اوڀر ۾ چين ۽ اولهه ۾ افغانستان ۽ ايران ۽ ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ واقع آهن۔ پاڪستان جو مطلب آهي پاڪ ماڻهن جي رهڻ جي جڳهه ۽ اهو نالو چوڌري رحمت علي پاران 1933ء ۾ تجويز ڪيو ويو هيو۔ حڪومت پاڪستان وفاقي پارليماني نظام آهي جنهن ۾ صدر مملڪت جي چونڊ عوام جي بجاءِ منتخب پارليمان ڪندي آهي۔ اسلامي جمهوريہ پاڪستان جو سربراهه صدر مملڪت آهي جيڪو پاڪستان جي افواج جو ڪمانڊر انچيف پڻ هوندو آهي۔ وزير اعظم جيڪو انتظامي امور جو سربراهه هوندو آهي، پارليماني اڪثريت سان منتخب ڪيو ويندو آهي۔ صدر مملڪت ۽ وزير اعظم جو انتخاب ۽ تعيناتي بلڪل جدا پهلو رکندا آهن ۽ انهن جي دور حڪومت جو آئيني طور تي پاڻ ۾ ڪوئي تعلق ناهي۔ 6 سيپٽمبر 2008ء تي پاڪستان جي اليڪٽورل ڪاليج جيڪو ايوان بالا (senate)، ايوان زيرين (National Assembly) چارئي صوبائي اسمبلين تي مشتمل هوندو آهي، آصف علي کي پنج سالن جي مدت جي لاءِ پاڪستان جو يارهون صدر منتخب ڪيو۔ عام طور تي وزير اعظم ايوان زيرين جي اڪثريتي جماعت سان تعلق رکندو آهي ۽ ملڪ جو انتظام ڪابينا جي مدد سان هلائيندو آهي جيڪو مجلس شوريٰ جي ٻنهين ايوانن بالا ۽ زيرين مان منتخب ڪيا ويندا آهن۔ پاڪستان جي هاڻوڪو وزير اعظم ميان محمد نواز شريف آهن جن جو تعلق مسلم ليگ (ن) سان آهي۔
پاڪستان جي انتظامي تقسيم (ورهاست) جو نقشو
پاڪستان کي وفاقي دارالحڪومت (گاديءَ جي هنڌ)، چئن صوبن، قبائلي علائقا، آزاد ڪشمير ۽ گلگت ۽ بلتستان ۾ ورهائي سگهجي ٿو جيڪي ان جا وڏا وڏا علائقا آهن۔ سرڪاري طور تي پاڪستان جا چار صوبا ۽ هڪ وفاقي دارالحڪومت (گاديءَ جو هنڌ) آهي جنهن جي لاءِ توهان ڏسي سگهو ٿا: پاڪستان جي انتظامي ايڪائيون۔ پر ان کان علاوہ چند علائقا آهن جيڪي اڃا باقاعدہ پاڪستان ۾ شامل ناهين ڪيا ويا ۽ انهن جي آزاد حيثيت برقرار آهي جيئن آزاد ڪشمير، قبائلي علائقا ۽ گلگت ۽ بلتستان۔ پر ان جي باوجود هي علائقا عملي طورتي پاڪستان جي زيرِ اختيار ۾ آهن ، تنهنڪري انهن کي پاڪستان جو حصو چئجي ٿو۔ پاڪستان جي صوبن کي ضلعن ۾ ورهائي (تقسيم) ڪيو وڃي ٿو۔ آگسٽ 2000ء تائين صوبن کي ڊويزن ۽ ڊويزن کي ضلعن ۾ ورهايو ويندو هو، پر آگسٽ 2000ء ۾ ڊویژن ختم ڪيا ويا ۽ هاڻي صوبن کي ضلعن ۾ ورهايو ويندو آهي۔ باب:Box-footer مذهب: هندومت ۔ ٻڌ مت ۔ جين مت ۔ سک مت ۔ اسلام ۔ عيسائيت ۔ يهوديت سياست: سارڪ ۔ پاڪستاني حڪومت ۔ رانديون: ڪرڪيٽ
|