وليد بن عبدالملڪ


وليد بن عبدالملڪ(انگريزي: Al-Walid ibn Abd al-Malik) عربي ٻولي: الوليد بن عبد الملك يا وليد پھريون(انگريزي: Al-Walid I)(ڄ:688 عيسويءَ ۾ )(و:23 فبروري 715 ۾ ) اموي خليفي جو نالو آهي جنھن 705 کان پنھنجي وفات تائين خلافت بنو اميہ تي حڪومت ڪئي. ھن جي دؤر م خلافت جون حدون سڀ کان وڌيڪَ وڌيون ھيون جو سندس دؤر م اسپين ، وچ ايشيا ۽ سنڌ جا علائقا خلافت جو حصو ٿيا ھئا. ھن تي الزام ھيو تہ ھن امام زين العابدين کي زھر ڏياريو ھيو. [2] [3]

وليد بن عبدالملڪ
وليد پھريون

عربي خوش خظاطي ۾ سندس نالو
بنو اميہ گھراڻي جو خليفو
8 آڪٽوبر 705 کان 23 فبروري 715
پيشرو عبدالملڪ بن مروان
جانشين سليمان بن عبدالملڪ
نسل عبدالعزيز، »ہزيد ٽيون، ابراھيم ، العباس
پورو نالو
عربي ٻولي: الوليد بن عبد الملك
گهراڻو بنو عبد الشمس
شاھي گھراڻو بنو اميہ گھراڻو
پيءُ عبدالملڪ بن مروان
ماءُ ولادہ بنت العبس غطفان[1]
جنم 668
مدينو
لاڏاڻو 23 فبروري 715 عيسوي ۾ (47 سالن جي عمر ۾)

سندس زندگي سنواريو

وليد مديني ۾ 668 ۾ عبدالملڪ بن مروان جي گھر ۾ پيدا ٿيو. ھن جي ماء نجد جي ھڪ قبيلي بنو عبس قبيلي جي ھئي جيڪو بنو غفطان قبيلي جي شاخ ھيو. عبدالملڪ بن مروان پنھنجي زندگيءَ ۾ ئي وليد جي لاء بعيت وٺي ڇڏي ھئي. [4]تاريخ معصومي ۾ مير معصوم بکري لکي ٿو تہ:ڪن تاريخ نويسن جي چوڻ موجب وليد هڪ ظالم حاڪم هو، پر گهڻن مورخن جي اعتقاد موجب هو بني اميه (جي گهراڻي) مان ڀلي ۾ ڀلو خليفو هو، ڇاڪاڻ ته دمشق واري جامع مسجد جا ”جامع بني اميه“ جي نالي سان مشهور آهي، انهيءَ ٺاهي هئي. ”تاريخ گزيدهه“ ۾ لکيل آهي ته ڇهه ڀيرا ڏهه ڏهه لک سونا دينار انهيءَ جي اڏاوت تي خرچ ڪيائين، چون ٿا ته هر روز ٻارنهن هزار ماڻهو انهيءَ مسجد تي ڪم ڪندا هئا. مديني شريف ۾ رسول الله جي مسجد کي هن ڪشادو ڪرايو، ۽ بيت المقدس ۾ مسجد اقصى کي پڻ نئين سر اڏايائين، سڀ ڪنهن نابين کي سونهون ڏنائين، ۽ ڪوڙهين کي به ٻي مخلوق کان جدا ڪري، انهن لاءِ وجهه معاش مقرر ڪيائين، سندس خلافت جي زماني ۾ فرغانا تائين مارواءُ النهر جا شهر، ڪابل، سنڌ ۽ ملتان جون حڪومتون فتح ٿيون. ”تاريخ مرات الجنان“ ۾ هن طرح لکيل آهي، ته گهڻي ظلم هوندي به وليد گهڻو قرآن پڙهندو هو، ۽ رمضان شريف جي مهيني ۾ ٻارهن ختما پورا ڪندو هو. ”تاريخ گزيده“ ۾ لکيل آهي ته وليد پنهنجي خلافت واري زماني ۾ برپٽ جي رستي تي پاڻيءَ جا تلاءَ ٺهرايا هئا ۽ دمشق ۾ اسپتال ۽ مهمان خاني جو بنياد وڌو هئائين. کانئس اڳ هيءُ رسم ڪانه هوندي هئي. نماز جي ٻانگ لاءِ منارو ٺاهڻ سندس ايجاد آهي. سندس وفات سن 96ههھ جي جمادي الاول مهيني ۾ ٿي. هن جي عمر 49 سال ۽ ٿورو مٿڀرو هئي، ۽ سندس حڪومت جو عرصو 9 سال 8 مهينا ۽ ڪجهه قدر مٿڀرو هو.[5] ھن بري ۽ بحري فوج کي تمام مضبوط ڪيو



حوالا سنواريو

  1. Dr. Eli Munif Shahla (1998). Al-Ayam al-Akhira fi Hayat al-Kulafa (1st ed.). Dar al-Kitab al-Arabi. p. 236. 
  2. WOFIS (2001). A Brief History of the Fourteen Infallibles (3rd ed.). Tehran: World Organization for Islamic Services.
  3. Donaldson, Dwight M. (1933). The Shi'ite Religion: A History of Islam in Persia and Irak. BURLEIGH PRESS. pp. 101–111.
  4. Muhammad and conquests of Islam by Francesco Gabreili
  5. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ مَعصُومي مصنف؛ مير محمد معصوم بکري ايڊيشن؛ ٽيون 2006ع ڇپائيندڙ :سنڌيڪا اڪيڊمي