باب:ڪورونا وائرس مرض 2019

ڪورونا وائرس مرض 2019 اسلام قرآن جاگرافي تاريخ رياضيات سائنس معاشرو طرزيات فلسفو مذهب بابن جي فهرست

باب ڪورونا وائرس مرض 2019
مکيا پَنو   انڊيڪس   رِٿا
ترميم  

ڪورونا وائرس مرض 2019 جو تعارف

Video summary (script)
ڪورونا وائرس جو ويراون هيئت
ڪورونا وائرس جو ويراون هيئت

ڪورونا وائرس مرض 2019 (COVID-19) هڪ پکڙجندڙ (متعدي) بيماري آهي، جيڪا انتهائي موتمار ساهه کڻڻ واري (تنفسي) سينڊروم ڪورونا وائرس 2 (SARS-CoV-2) جي سبب کان ٿيندي آهي. هي روڳُ (مرض) سموري دنيا ۾ 2019 کان وٺي پکڙجڻ لڳو آهي ۽ تُرت ئي عالمگير مها وبا (پينڊيمڪ) جي شڪل اختيار ڪري ويو. ان جي عام اُهڃاڻن (عام علامتن يا نِشانين) ۾ ڪورونار جي مُتاثر ٿيل ماڻهوءَ ۾ تَپُ يا بُخار، کنگهه ۽ ساهه کڻڻ ۾ ٻُوسَٽُ ٿيڻ شامل آهي. پُٺن يا جوڙن جو سُورُ (درد) ٿيڻ، رت واري ٿُڪَ اچڻ ۽ ڳچيءَ يا ڳلي جو سُڄڻ ڪُجهه نراليون يا اڻ لَڀ حالتن ۾ علامتون آهن. گهڻي ريت معاملن يا ڪيسز ۾ گهٽ علامتون پڻ ڏسڻ ۾ آيون آه، ڪُجھ معاملن ۾ روڳي (يا مريض) کي نمونيا ۽ بدن جي مختلف عُضون جو ڪم ڇڏڻ يا ڀيڪار ناڪارا ٿيڻ جو شڪار ٿيڻ پڻ شامل آهي. سُڃاڻپ ٿيل معاملن (ڪيسز) ۾ موتَ جو تناسب 1 سيڪڙو ۽ 5 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ يا وچ۾ هوندو آهي، پر ڄمار ۽ صحت جي ٻين حالتن يا نوعيت جي لحاظ کان تبديل پڻ ٿي سگهي ٿو.

ڪورونا وائرس جو روڳ 2019 جي بابت وڌيڪ پڙهو۔۔۔
ترميم  

چونڊ مضمون

چين ۾ ڪورونا وائرس جا اثرَ
مکيا زمين چين ۾ ڪوروناوائرس مها وبا 2019-20 , (انگريزي ٻولي: 2019–20 coronavirus pandemic in mainland China), چيني حڪومتي دستاويزن جي مطابق، 17 نومبر 2019 تي سڀ کان اڳ پهريون تصديق ٿيل مريض ووهان، هوبئي، چين جو هڪ 55 سال ڄمار وارو ماڻهو هيو. اڳئين مهيني ۾، هوبئي صوبو ۾ ڪورونا وائرس جي واقعن جو تعداد آهستي آهستي ٻه سئو ٿي ويو، انکانپوءِ جنوري 2020 تي مريضن ۾ تيزيءَ سان انگُ وڌڻ لڳو. 31 ڊسمبر 2019 تي، وائرس جي سبب کان صوبو هوبئي جي راڄڌاني ووهان ۾، صحت کاتو جي آفيسرن کي نامعلوم نمونيا جي واقعن جو اطلاع مليو هيو، ۽ ان بيماري جي کوجنا (تحقيق) اڳئين مهيني جي مُنڍ ۾ شروع ٿي ويون۔ انهن متاثر ٿيل ماڻهن جو گهڻو تعداد جو لاڳاپو، سامونڊري جانورن جي هڪ بازار کان هيو، جتي زندهه جانورن جو ڪاروبار ٿيندو آهي، انهيءَ ئي ڪارڻ اهو چيو پيو وڃي تہ وائرس جو ڪارڻ (سبب) زونوٽڪ ( zoonotic) آهي۔ ابتدائي مرحلن دوران، هر ست ڏينهن ۾ متاثر ٿيل ماڻهن جو انگُ (تعداد) ٻيڻو ٿيندو رهيو.سال 2020 جي مُنڍ ۽ وچ جنوري ۾، چين جي ٻين صوبن ۾ پڻ هي وائرس پکڙجندو ويو، ۽ ان ۾ نئون چيني سال جي آمد پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو، ووهان چين ۾ اَچ وَڃُ (ٽرانسپورٽ) جو مرڪز ۽ ريلوي جو هڪ اهم هنڌ آهي، جنهن جي سبب کان متاثر ٿيل ماڻهو تيزيءَ سان پوري ملڪ ۾ پکڙجي ويا. 20 جنوري تي، چين هڪ ئي ڏينهن ۾، 140 نوان متاثر ٿيل ماڻهن جي تصديق ڪئي، جن منجهان هڪ بيجنگ جو همراهه ۽ ٻيو همراهشينزين جو رهواسي هيو.  انکانپوءِ جي سرڪاري انگ اکرن (شماريات، اسٽيٽسٽڪس) منجهان پروڙ (خبر) ملي ٿي تہ 20 جنوري 2020ي تائين 6،174 ماڻهن ۾ اڳ ئي ڪورونا وائرس جون علامتون ظاهر ٿي چُڪيون هيون
ترميم  

ڇا توهان کي خبر آهي۔۔۔

ڇا توھان کي خبر آهي...

اپريل 2020

  • 00:00,April 2020 (UTC)
ڪوروناوائرس جي ڊول وِديا (مورفولوجي) جو چِٽ خاڪو
ڪوروناوائرس جي ڊول وِديا (مورفولوجي) جو چِٽ خاڪو
ناول ڪورونا وائرس سارس-ڪووي-2 (Novel Coronavirus SARS-CoV-2)
ناول ڪورونا وائرس سارس-ڪووي-2 (Novel Coronavirus SARS-CoV-2)
ڪوروناوائرس جي بيماري 2019 (COVID-19) جا اُهڃاڻَ، هي روڳ 2019–20 جي ڪورونا وائرس پکڙجڻ ۾ ڏٺو ويو، ۽ گنڀير پيڙيندڙ ساهہ کڻڻ جي گڏيل اُهڃاڻن (رسپائريٽري سنڊروم) ڪورونا وائرس 2 (سارس ڪو وي-2) جي سببن کان ٿيندو آهي.
ڪوروناوائرس جي بيماري 2019 (COVID-19) جا اُهڃاڻَ، هي روڳ 2019–20 جي ڪورونا وائرس پکڙجڻ ۾ ڏٺو ويو، ۽ گنڀير پيڙيندڙ ساهہ کڻڻ جي گڏيل اُهڃاڻن (رسپائريٽري سنڊروم) ڪورونا وائرس 2 (سارس ڪو وي-2) جي سببن کان ٿيندو آهي.

 • … ته ڪوروناوائرس هڪ وائرس گروپ آهي، جيڪو کيرپياريندڙ جانورن (ميملز) سميت انسانن ۽ پکين م بيمارين جو سبب بڻجي ٿو

 • … ته "ڪوروناوائرس" جو نالو لاطيني ڪورونا ۽ يوناني (ڪوروين، "مالها، گلن جو هار") تان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ تاج يا تجليءَ جو نشان آهي

 • … ته پهريون ڀيرو ڪوروناوائرس 1960 ۾ دريافت ڪيو ويو هيو.

 • … ته ڪوروناوائرس جي روڳَ جو سبب انتهائي موتمار تنفسي سينڊروم ڪورونا وائرس 2 (SARS-CoV-2) آهي، جنهنکي پهريون 2019 ناول ڪورونا وائرس (2019-nCoV) چوندا هيا. هي روڳ ُ ماڻهن ۾ ساهه، خاص ڪري کنگھ ۽ ڇڪون يا نڇون اچڻ جي ذريعي پکڙجي ٿو.

 • … ته سارس-ڪووي-2 ۾ بيٽ ڪورونا وائرس سان جينياتي مشابهت آهي، جتان کان ان جي بڻياد ممڪن ٿيو آهي.


ترميم  

چونڊ سوانح

فاطمہ رهبر (فارسي: فاطمہ رهبر‎ (1964 -کان 7 مارچ 2020) هڪ ايراني سياست دان ۽ ليکڪا هُئي جيڪا مجلس ايران جي 2004 کان 2016 جي دوران ٽي ڀيرا ستين، اَٺين، نائين مُدت جي لاءِ تهران، ري، شميرانات ۽ اسلامشهر چُونڊَ تَڪُ (حلقو) کان رڪن ايراني پارليمان رهي۔ فاطما بصري ڪميونيڪيشن (مواصلات) ۾ ايم اي ڪئي ۽ پوءِ انتظامي حڪمت عملي (ايڊمنسٽريشن پاليسي) ۾ پي ايڇ ڊي ڪيائين هيءَ انٽرنيٽ نيٽ ورڪ جي پروڊڪشن منيجر ۽ انٽرنيٽ حڪمت عملي سان لاڳاپيل سپريم ڪائونسل جي سيڪريٽري طور ڪم ڪندي هُئي. هيءَ چوٿين ڀيرو پڻ رڪن پارليمينٽ چُونڊجي وئي هئي، پر آخري ڀيرو چُونڊجڻ کانپوءِ، اڃا خدمتون شروع ئي نہ ڪيون هيائين، تہ ڪرونا وائرس جي سبب کان 5 مارچ تي ڪوما ۾ هلي وئي ۽ انهيءَ وبا جي ڪري 7 مارچ تي پرلوڪ پڌاري (وفات ڪري) وئي. سڀ مضمون پڙهو۔۔۔
ترميم  

چونڊ تصوير

ڪورونا وائرس جي طبي انيميشن
ڪورونا وائرس جي طبي انيميشن
تصوير ساز: واپرائيندڙ:JogiAsad

ڪرونا وائرس جي بنيادي عنصرن جي ترڪيب


ترميم  

موضوع