پھاڙ گنج
يو سي پھاڙ گنج(انگريزي: UC Pahar Ghanj) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ڪراچي سينٽرل جي تعلقي نارٿ ناظم آباد سب ڊويزن جي ھڪ يونين ڪاميٽي آهي. ان جي اوڀر ۾ يو سي کنڊو ڳوٺ ۽ اتر ۾ نصرت ڀٽو ڪالوني واقع آھن. 2015 جي بلدياتي اليڪشن ۾ ھن يو سي جو چيئرمين دل محمد ۽ وائيس چيئرمين سلطان محمد چونڊجي آيا جن جو تعلق ايم ڪيو ايم پاڪستان سان آھي[1]. آبادي ۾ اردو ڳالهائيندڙ، پٺاڻ، پنجابي ۽ سنڌي آهن. ھن يو سي م باچا خان فلاء اوور چوڪ، منگھو پير روڊ، بنارس ڪالوني، گورنمينٽ ڊگري سائنس ۽ ڪامرس ڪاليج، مولانا عبدالحامد قادري جي مزار، پشتون مارڪيٽ، شاھراھ اورنگي، اورنگي ٿاڻو شامل آهن.
پھاڙ گنج يو سي 20 پھاڙ گنج | |
---|---|
سنڌ جي يونين ڪاميٽي | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 24°55′44″N 67°00′52″E / 24.92889°N 67.01444°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | ڪراچي سينٽرل ضلعو |
تعلقو | نارٿ ناظم آباد سب ڊويزن |
حوالا
سنواريو- ↑ آرڪائيو ڪاپي, وقت 2023-10-06 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2020-04-11