يو سي عباسي شھيد (انگريزي: UC Abasi Shaheed ) سنڌ جي ضلعي ڪراچي سينٽرل جي تعلقي لياقت آباد سب ڊويزن جي ھڪ يونين ڪاؤنسل جو نالو آهي. ھن يونين ڪاؤنسل ناظم آباد بلاڪ 5 تي مشتمل آهي۽ ان جو مشھور پاڙو پاپوش نگر آهي[1] ان جي اوڀر م مجاھد ڪالوني جنھن کان کيس نواب صديق خان روڊ ڌار ڪري ٿو. ان جي ڏکڻ م نظام آباد 1 جون يونين ڪاؤنسلون واقع آھن. آھي. ھتي مشهور عباسي شھيد اسپتال پڻ واقع آهي. ھن يونين ڪاؤنسل جو مشھور چؤڪ خلافت چوڪ آھي جتي طابش دھلوي روڊ، بابر روڊ، رياض الدين احمد روڊ ۽ پاپوش نگر روڊ پاڻ ۾ ملن ٿا. آبادي جي غالب اڪثريت اردو ڳالهائيندڙن جي آھي. ھن يو سي ۾ ڪراچي جو انٽرميڊئيٽ ۽ سيڪنڊري ايجوڪيشن بورڊ، جناح گورنمينٽ ڪاليج، عورتن جي جناح يونيورسٽي، بقائي سٽي ڊينٽل ھاسپيٽل، بقائي ڪڊني سينٽر، بقائي انسٽيٽيوٽ آف انفرميشن اينڊ ٽيڪنالوجي، لياقت نيشنل اسپتال جي ھڪ شاخ، جناح پوليٽيڪنڪ ڪاليج، فٽبال جي نيشنل ساڪر اڪيڊمي، گورنمينٽ گرلس ڪاليج، گورنميٽ بوائز سيڪنڊري اسڪول، فرح ماڊل اسڪول، تنوير شھيد پارڪ، الازھر پارڪ ۽ ڪيترائي ٻيا اسڪول ، ڪاليج ۽ اسپتالون واقع آھن. ھي يو سي رھائشي علائقن سميت ڪمرشل علائقا پڻ رکي ٿي جتي ڪيتريون ئي بينڪون ۽ آفيسون ۽ مارڪيٽون واقع آھن.

حوالا سنواريو

  1. Liaquatabad Town - Government of Karachi آرڪائيو ڪيا ويا June 13, 2006, حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.