يو سي ڪليانه(انگريزي: UC Kalyana ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ڪراچي سينٽرل جي تعلقي نيو ڪراچي سب ڊويزن جي ھڪ يونين ڪاميٽي آهي.سن جي اتر ۾ يو سي سر سيد ۽ اوڀر ۾ يو سي گوڌرا واقع آھن. 2015 جي بلدياتي اليڪشن ۾ ھن يونين ڪاميٽي جو چيئرمين راحت حسين صديقي ء وائيس چيئرمين نابيد علي خان مقرر ٿيا جن جو تعلق ايم ڪيو ايم پاڪستان سان آھي[1]. ھن يونين ڪاميٽي جي علائقي ۾ انڊا موڙ چوڪ مشھور آھي جتي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج واقع آهي جتان شاھراھ نورجهان شروع ٿئي ٿي. ۽ ٻيو روڊ انڊا موڙ روڊ سڏبو آهي جيڪو ان چوڪ تي ختم ٿئي ٿو. ھن يو سي م ڪليانه ٽائون سيڪٽر 10 پارڪ ، ايوان تجارت وصنعت اسپتال، گورنمينٽ بوائيز سيڪنڊري اسڪول، شيڊ ھومز اينڊ ڪامپليڪس ھاسپيٽل، ڪليانه ڪميونٽي سينٽر، نارٿ ڪراچي جم ڪلب، نارٿ ڪراچي چلڊرين ھاسپيٽل، پبلڪ اسڪول اينڊ ڪاليج. آبادي جي اڪثريت اردو ڳالهائيندڙن جي آھي ۽ اقليت م پنجابي، سرائڪي ۽ سنڌي شامل آهن.

ڪليانه
يو سي 4 ڪليانه
سنڌ جي يونين ڪاميٽي
ڪليانه is located in سنڌ
ڪليانه
ڪليانه
ڪليانه is located in Pakistan
ڪليانه
ڪليانه
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 24°58′11″N 67°03′13″E / 24.96972°N 67.05361°E / 24.96972; 67.05361مڪانيت: 24°58′11″N 67°03′13″E / 24.96972°N 67.05361°E / 24.96972; 67.05361
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو ڪراچي سينٽرل ضلعو
تعلقو نيو ڪراچي سب ڊويزن

حوالا سنواريو

  1. https://www.politicpk.com/karachi-central-district-uc-list-mna-mpa-seats-%da%a9%d8%b1%d8%a7%da%86%db%8c-%d8%b3%db%8c%d9%86%d9%b9%d8%b1%d9%84-%d8%b6%d9%84%d8%b9/amp/-