ڊاڪخانه (لياقت آباد)

يو سي ڊاڪخانه (لياقت آباد)(انگريزي: UC Dak Khana, Liaqatabad ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ڪراچي سينٽرل جي تعلقي لياقت آباد سب ڊويزن جي ھڪ يونين ڪاميٽي آهي[1] . ھن يو سي جي اتر ۾ بنڌاني ڪالوني اولھ ۾ شاھراھ پاڪستان جي ٻئي پار يو سي ڪمرشل ايريا لياقت آباد ۽ يو سي سپر مارڪيٽ لياقت آباد واقع آھن ۽ اوڀر ۾ يو سي قاسم آباد (لياقت آباد) واقع آهي. جن يونين ڪاميٽي ۾ تعلقي لياقت آباد سب ڊويزن جي سڀ کان وڏي پوسٽ آفيس واقع آهي. برٽش انڊيا واري دؤر م پوسٽ آفيس کي مقامي ٻولين ۾ ڊاڪخانه سڏيو ويندو هو. اھڙي طرح پوسٽ آفيس جي ڪري ھن يو سي واري علائقي جو نالو بہ ڊاڪخانه پئجي ويو. ھن يو سي واري علائقي م لياقت آباد جو لالو کيت وارو علائقو واقع آهي. ھن علائقي ۾ رياض گورنمينٽ گرلس ڪاليج، لياقت آباد ٿاڻو، نرسري پارڪ لياقت آباد واقع آھن.

حوالا سنواريو

  1. Liaquatabad Town - Government of Karachi آرڪائيو ڪيا ويا 2006-06-13 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.