يو سي شريف آباد (UC Sharifabad) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ڪراچي سينٽرل جي تعلقي لياقت آباد سب ڊويزن جي ھڪ يونين ڪاؤنسل آهي.[1] ھن يو سي جي ڏکڻ ۾ سر شاھه محمد سليمان روڊ جي ٻئي پار يو سي بنڌاني ڪالوني اولھه ۾ لياقت آباد سڪ پل (fly over) لڳ شاھراھه پاڪستان جي ٻئي پار يو سي ڪمرشل ايريا لياقت آباد واقع آھن. ان جي اوڀر واري پاسي حسين آباد روڊ جو ڪمرشل پاسو آھي. ھن يو سي ۾ آڪسبرج فائونڊيشن اسڪول، لالوکيت پکين واري مارڪيٽ، شريف آباد نرسري، نيازي پارڪ، شريف آباد ٿاڻو، سنڌ گورنمينٽ ھاسپيٽل، شريف آباد واقع آھن.