خميسو ڳوٺ
يو سي خميسو ڳوٺ(انگريزي: UC Khameso Goth ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ڪراچي سينٽرل جي تعلقي نيو ڪراچي سب ڊويزن جي ھڪ يونين ڪاميٽي آهي. ان جي اولھ ۾ يو سي مصطفیٰ ڪالوني ۽ ڏکڻ ۾ يو سي مدينه ڪالوني واقع آھن. ان جي اتر اولھ واري ڪنڊ ۾ يوسف ڳوٺ واقع آهي . ان جي اوڀر ۾ ھڪ روڊ گلشن معمار طرف وڃي ٿو جيڪو خميسو ڳوٺ کان چئن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آھي. ان جي ڏکڻ-اولھ واري ڪنڊ تي سکيا ڳوٺ، سيفل ڳوٺ ۽ ڪراچي ڪورٽ سوسائٽي واقع آھن. 2015 جي بلدياتي اليڪشن ۾ ھن يو سي جو چيئرمين محمد عابد ۽ وائيس چيئرمين ڪاشف جمال چونڊجي آيا جن جو تعلق ايم ڪيو ايم پاڪستان سان آھي[1]. آبادي جي اڪثريت سنڌين جي ۽ ٻئي نمبر تي اردو ڳالهائيندڙن جي آھي. ھن يو سي ۾ معمار اوينيو روڊ ، سرجاڻي روڊ ۽ گوڌرا روڊ گذرن ٿا.
خميسو ڳوٺ يو سي 10 خميسو ڳوٺ | |
---|---|
سنڌ جي يونين ڪاميٽي | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 25°00′12″N 67°05′08″E / 25.00333°N 67.08556°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | ڪراچي سينٽرل ضلعو |
تعلقو | نيو ڪراچي سب ڊويزن |
حوالا
سنواريو- ↑ آرڪائيو ڪاپي, وقت 2023-10-06 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2020-04-08