حيدري (نارٿ ناظم آباد)
يو سي حيدري(انگريزي: UC Hyderi ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ڪراچي سينٽرل جي تعلقي نارٿ ناظم آباد سب ڊويزن جي ھڪ يونين ڪاميٽي آهي. ھن يو سي م نارٿ ناظم آباد جي بلاڪ ڊي وارو علائقو اچي وڃي ٿو جيڪو حيدري ٿاڻي جي حدن م واقع آهي. ھن يو سي جي اتر م سخي حسن وارو علائقو ۽ اولھ ۾ يو سي فاروق اعظم واقع آھن. 2015 جي بلدياتي اليڪشن ۾ ھن يو سي جو چيئرمين نديم ھدايت ھاشمي ۽ وائيس چيئرمين محمد شاڪر خان چونڊجي آيا جن جو تعلق ايم ڪيو ايم پاڪستان سان آھي[1]. آبادي جي اڪثريت ۾ اردو ڳالهائيندڙ، پنجابي ۽ سنڌي آهن. ھن يو سي ۾ شاھراھ ھمايون گذري ٿي.
حيدري يو سي 22 حيدري | |
---|---|
سنڌ جي يونين ڪاميٽي | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 24°56′23″N 67°02′34″E / 24.93972°N 67.04278°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | ڪراچي سينٽرل ضلعو |
تعلقو | نارٿ ناظم آباد سب ڊويزن |
ٿاڻو | حيدري ٿاڻو |
حوالا
سنواريو- ↑ آرڪائيو ڪاپي, وقت 2023-10-06 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2020-04-11