مورو انگريزي (Moro) سنڌ جي نوشهرو فيروز ضلعو جو شهر ان هنڌ تي واقع آهي جتي سکر، دادو ۽ حيدرآباد يا نوابشاهه ويندڙ رستن جو ميلاپ ٿئي ٿو. تاريخ سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي دور ۾ ذڪر آهي ته لاکاٽ پرڳڻو کان پوءِ مکڻ مورو ۽ فريد ڀاڳت جي مدد سان “سهتي” (ساهتي) پرڳڻو به ميان نصير محمد ڪلھوڙو جي قبضي ۾ اچي ويو. گمان غالب آهي ته موجوده مورو ساهتي پرڳڻي ۾ ميان نصير محمد ڪلھوڙو جي سپهه سالار مکڻ مورو ٻَڌايو هو جيڪو اڳتي هلي صرف مورو سڏجڻ ۾ آيو.[3]

Moro
مورو
شهر
Moro is located in سنڌ
Moro
Moro
Moro is located in Pakistan
Moro
Moro
جاگرافي بيهڪ: 26°24′N 68°00′E / 26.40°N 68.0°E / 26.40; 68.0مڪانيت: 26°24′N 68°00′E / 26.40°N 68.0°E / 26.40; 68.0
ملڪ  پاڪستان
صوبو  سنڌ
بلندي 28 ميل (92 ft)
آبادي (2017)[1][2]
 • ڪل 368,789

جاگرافي سنواريو

جاگرافيائي لحاظ سان مورو سنڌو درياھ جي کاٻي ڪناري نيشنل هائي وي ڀرسان قائم آهي. مورو جي اُتر ۾ مٺياڻي شهر، اوڀر ۾ سنڌو درياھ جي ساڄي ڪناري دادو. اوڀر ۾ نوشهرو فيروز ۽ ڏکڻ ۾ شاهپور جهانيه آهي. مورو کي ضلعي نوشهرو فيروز ۾ هڪ تعلقي جي حيثيت حاصل آهي. دادو مورو پل، جنهن کي پوءِ مخدوم بلاول پل سڏيو ويو، ان کان ٻارهن ڪلوميٽر پري آهي. مورو کان دادو جو مفاصلو چويهه ڪلوميٽر آهي، جڏھن تھ سنڌو درياءُ مورو کان 12 ڪلوميٽر جي فاصلي تي وھي ٿو.[4][5] تعلقي موري جو هڪ ڳوٺ گچيرو تاريخي حيثيت رکي ٿو، گچيري ۾ پراڻي قلعي جا نشان ملن ٿا جنهن جي چوڌاري بچاءُ لاءِ کاهيون کوٽيل هونديون هيون. مورو قديم زماني ۾ صابڻ، زيورن، ٽامي ۽ ڪُٽ جي سامان کان مشهور هو. مورو شهر جي آبادي 70 هزار کان به مٿي ٿيندي.[6]

علم ادب سنواريو

موري شهر ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج بہ آهن تہ اسپتال پڻ آهي. مورو شهر علمي، سياسي ۽ ادبي اعتبار کان تمام گهڻو مشهور آهي. موري ۾ انهن شعبن سان لاڳاپيل ماڻهن سنڌ ۾ چڱي موچاري ناماچاري پيدا ڪئي آهي. موري جو قاضي خدا بخش سومرو ڪراچي جو پهريون مسلمان ”ميئر“ هو. ناصر مورائي، راشد مورائي، سنڌي ظفر، گل حسن گل ٻرڙو، عظيم سنڌي، ميڪش سومرو، رمضان نول، رکيل مورائي وغيره سنڌي ادب جا ناميارا نالا آهن تہ موسيقيءَ ۾ وري الهداد زرداري، گلشير تيوڻو، جلال چانڊيو، صائمه منظور، بالا بلوچ وغيره آهن.

حوالا سنواريو

  1. "DISTRICT WISE CENSUS RESULTS CENSUS 2017" (PDF). www.pbscensus.gov.pk. وقت 2017-08-29 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  2. http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/PAKISTAN%20TEHSIL%20WISE%20FOR%20WEB%20CENSUS_2017.pdf[bare URL PDF]
  3. غلام الرسول مهر، تاريخ سنڌ، ڪلهوڙا دور جلد پهريون، ص،58-159 ثقافت ۽ سياحت کاتو سنڌ، 1996ع
  4. درسي سنڌي ڪتاب ”سماجي اڀياس
  5. سنڌو جي ساڃاه“ جي ايم سيد
  6. https://www.google.com/#q=Moro+Sindh


پڻ ڏسندا سنواريو

سنڌ