مقصد
منزلون، مقصد، نشانا يا گولس (Goals) هڪ اهڙو اصطلاح آهي، جنهن ۾ ڪنهن به ڌر جي طرفان رٿيل مقصدن کي ماڻڻ ڏانهن وڌڻ واري ڪيفيت کي بيان ڪرڻ لاءِ ڪتب ايندو آهي. جيتوڻيڪ عام نموني بين الاقوامي لاڳاپن ۾ ان اصطلاح کي، ڪنهن به رياست طرفان قومي مُفاد جي حفاظت ۽ ان کي ماڻڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، پر ساڳيو حوالو غير رياستي ڌرين NSAs سان سلهاڙڻ لاءِ مناسب نٿو ٿئي. ڇاڪاڻ جو انهن ڌرين جا مقصد، گروهي يا انفرادي مفادن جي چوڌاري ڦرندا آهن. جڳ مشهور محقق ’آرنالڊ وولفرز‘ (Arnold Wolfers) ”گولس“ جا ٻه قسم بيان ڪيا آهن.
(1) وس جوڳا: جيڪي ڪنهن به ڌر يا رياست طرفان قومي خوشحالي ماڻڻ يا سلامتي حاصل ڪرڻ جي سڃاڻپ ڪندا آهن.
(2) اراداتي: جيڪي روايتي قومي سرحدن کان مٿڀرا هوندا آهن، ۽ گڏيل اهميت رکندا آهن، مثال طور: ماحولياتي گدلاڻ جو خاتمو، يا گڏيل قومن جي اداري کان بهتر ڪارڪردگيءَ جي اميد. ان کان علاوه ”گولس“ کي وڌيڪ ٻن ڀاڱن ۾ ورهائيندي، ”سڌن سنئون قومي مفادن وارا ۽ اڻ سڌن قومي مفادن“ وارا مقصد ڳڻايا ويا آهن. منجهائن پهرين ڀاڱي ۾ رياستي مفاد لڪل هوندا آهن، جڏهن ته پوءِ وارن مقصدن ۾ خانگي يا رياست جي ڪنهن شعبي جا مفاد حاصل ٿيندا آهن. ڪنهن به مقصد جي پورائي ۽ ارادي جي سلسلي ۾، ان لاءِ گهربل مددگار ۽ وقت جي سيڙپ ٻه اهم محرڪ هوندا آهن، تنهنڪري ڪنهن به مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ جاکوڙيندي، اهو ڏٺو ويندو آهي ته ڪٿي ان حوالي سان حاصلات جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ قيمت ته ادا ڪرڻي نه ٿي پوي! ساڳي طرح اهو پڻ ڳڻيو ويندو آهي، ته ڪنهن به مقصد جي پورائي ۾ ڪٿي وقت جي سيڙپ ڊگهي ته نه ٿي ويندي. انهيءَ ڪري لاڳاپيل مقصد کي ماڻڻ لاءِ وچ - مُدتي، ڊگهيون يا گهٽ- مدي واريون رٿا بنديون ڪيون وينديون آهن. جهڙوڪ، سرد جنگ دوران سوويت يونين سان برابري ڪرڻ ۽ هٿيار سازيءَ ۾ (Containment) جي سلسلي ۾ آمريڪا جي ٻن اهم حڪومتي پارٽين ريپبلڪ ۽ ڊيموڪريٽڪ جماعتي مفاد کان هٽي ڪري، ڊگهي مدي واريون رٿابنديون ڪيون، جڏهن ته برطانيا ”فاڪ لئنڊ“ واري مسئلي تي ارجنٽائين خلاف ٿوري مدي واري حڪمت عملي ٺاهي هئي. [1]