جاگيرداري نظام (Feudalism) هڪ سماجي معاشي صورتحال، جيڪا غلاميءَ واري يا قديم پئنچائتي نظامن جي ٽوڙ ڦوڙ کان پوءِ سامهون آئي ۽ تقريباً سڀني ملڪن ۾ موجود رهي. حڪمرانن جي طرفان ڪنهن وفادار ملازم يا خدمتگار کي سندس خدمت جي عيوض، گذاري لاءِ انعام طور مليل زمين کي جاگير چئبو هو. جاگيردار ۽ هاري، جاگيرداري معاشري جا مرڪزي طبقا رهيا آهن، جاگيردار جا ساٿي اڪثر حڪمران ۽ مفادپرست مذهبي اڳواڻ رهيا، حڪمران طبقي ۾ سماجي جاگيرن جو هڪ سلسلو ترتيب ڏنل هو ۽ ننڍا جاگيردار، وڏن جاگيردارن جا زيردست هوندا هئا. ننڍي کنڊ ۾ جاگيرداري نظام دهليءَ جي سلطنت متعارف ڪرايو. سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ انگريز سرڪار حڪم جاري ڪيو تہ جاگيردار ۽ اهي ماڻهو، جيڪي 17 فيبروري 1843ع تائين، جن زمينن تي قابض هئا، حاضر ٿي سلاميءَ جو پروانو حاصل ڪن ۽ پنهنجي معاف ڪيل ڍل واري زمين تي قابض ٿين. 1949-1948ع ۾ سنڌ حڪومت هڪ ائڪٽ ذريعي سنڌ مان جاگيرداريون ختم ڪري، اهي زمينون پشت بہ پشت هارپو ڪندڙ هارين ۾ ورهائي کين مالڪاڻا حق ڏيئي ڇڏيا. پر اهي حق صرف ڪاغذن ۾ ئي رهيا. جاگيرداري نظام اڄ بہ پنهنجي استحصال سميت سنڌ تي قابض آهي. سنڌي ترقي پسند ادب جو وڏو مرڪزي موضوع جاگيرداري نظام رهيو آهي. سنڌي اديبن پورهيت، هاري ۽ مزدور کي ملڪ جو هيرو ڪري پيش ڪيو آهي ۽ جاگيردارن، وڏيرن ۽ سرمائيدارن جي ظلم تي ڦٽڪار ڪئي آهي.[1]

حوالاسنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.