بيلاروس
بيلاروس(انگريزي: Belarus) i/bɛləˈruːs/ ھڪ ملڪ جو نالو آهي جيڪو روسي ٻوليءَ ۾ بيلورشيا(انگريزي: Byelorussia) سڏبو آهي. اھو ھڪ زمين سان گھيريل ملڪ(انگريزي: landlocked country) آھي جيڪو اوڀر يورپ ۾ واقع آهي.[6]
ريپبلڪ آف بيلاروس
| |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
ترانو:
| |||||
گادي جو هنڌ | منسڪ 53°55′N 27°33′E / 53.917°N 27.550°E | ||||
سڀ کان وڏو شهر | منسڪ | ||||
دفتري ٻوليون | |||||
نسلي گروھ | |||||
مقامي آبادي | بيلورشين | ||||
حڪومت | وحداني صدارتي ريپبلڪ | ||||
• صدر |
اليگزينڊر ليوڪا شينڪو | ||||
سرجي ريومس | |||||
مقننه | قومي اسيمبلي | ||||
ڪائونسل آف ريپبلڪ | |||||
ھائوس آف ريپريزنٽيٽوز | |||||
قيام | |||||
987 | |||||
c. 1236 | |||||
1 جولائي 1569 | |||||
1795 | |||||
• سوويت روس کان آزادي ؛ عوامي جمھوريہ بيلاورس |
25 مارچ 1918 | ||||
• بيلاروسي سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ جو قيام |
17 فيبروري 1919 | ||||
• بيلاروسي سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ |
31 جولائي 1920 | ||||
• اولھ بيلاروسي انضمام |
15 نومبر 1939 | ||||
• رياستي خودمختياري جو اعلان |
27 جولائي 1990 | ||||
•
سوويت يونين کان آزادي |
25 آگسٽ 1991 | ||||
8 ڊسمبر 1991 | |||||
• آزادي تسليم ڪئي وئي |
26 ڊسمبر 1991 | ||||
15 مارچ 1994 | |||||
پکيڙ | |||||
• جملي |
207٬595 km2 (80٬153 sq mi) (84th) | ||||
• پاڻي (%) |
1.4% (2.830 km2 يا 1.093 sq mi) | ||||
آبادي | |||||
• 2018 اندازو |
9,491,800 [1] (93rd) | ||||
• گھاٽائي |
45.8 /km2 (118.6 /sq mi) (142nd) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$188 ارب[2] | ||||
• في سيڪڙو |
$20,008[2] (GDP_nominal = $59 ارب [2]) | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2018 لڳ ڀڳ |
تاريخ
سنواريوستر سال سوويت يونين سان گڏ رھڻ بعد بيلاورس 1991 ۾ آزادي حاصل ڪئي پر ھن سموري گذريل سوشلسٽ ريپبلڪن مان سڀ کان وڌيڪَ معاشي تعلقات روس سان رکيا. 8 ڊسمبر 1999 تي بيلاروس ۽ روس سياسي ۽ معاشي سالميت جو ھڪ معاھدو پڻ عمل ۾ آندو.[7]
جاگرافي
سنواريوبيلاورس اوڀر يورپ ۾ پولينڊ جي اوڀر ۾ واقع آهي. ان جي جاگرافيائي بيھڪ53 00 N, 28 00 E آهي . پکيڙ 207,600 چورس ڪلوميٽر جنھن ۾ خشڪي 202,900 چورس ڪلوميٽر ء پاڻي 4,700 چورس ڪلوميٽر آهي.پکيڙ ۾ دنيا جي ملڪن ۾ ان جو نمبر 87 آهي. ھن ملڪ جي زميني سرحد 3642 ڪلوميٽر آهي. اھا سرحد پنجن ملڪن سان ملي ٿي، جن مان ليٽويا سان 161 ڪ.م.، لٿونيا سان 640 ڪ م ، پولينڊ سان 418 ڪ م ، روس سان 1312 ڪ م ۽ يوڪرائن سان 1111ڪ.م. آھي. ھي ملڪ زمين سان گھيريل ملڪ آھي. سمنڊ کان سراسري بلندي 160 ميٽر اٿس. نيومن درياء جي سطح سڀ کان ھيٺ 90 ميٽر آھي. سڀ کان اوچو مقام زيارزينسڪايا ھارا آھي جتان جي اوچائي 346 ميٽر آھي.[7]
آبهوا
سنواريوموسم سياري ۾ تمام ٿڌي، اونھاري ۾ ٿڌي ۽ گھميل رھندي آھي.[7]
قدرتي وسيلا ۽ معدنيات
سنواريوھتان جي قدرتي وسيلن ۽ معدنيات ۾ عمارتي ڪاٺ، ڪوئلو، ٿوري مقدار ۾ تيل ۽ گيس، گرينائيٽ، لائيم اسٽون، چونو ، واري ، بجري ۽ ميٽ شامل آھن.[7]
زراعت
سنواريوھن ملڪ جي زراعت واري زمين ملڪ جي ڪل زمين جو 43.7 سيڪڙو آھي جنھن مان پوکي جي لائق وري ان جو 27.2 سيڪڙو، مستقل فصل 0.6 سيڪڙو، مستقل چراگاھون 15.9 سيڪڙو ۽ ٻيلا 42.7 سيڪڙو آھن.2012 جي رڪارڊ مطابق ڪل زمين جو 1140 چورس ڪلوميٽر زمين آبپاشي واري آھي[7].
آبادي
سنواريوجولاءِ 2017 ۾ ھن ملڪ جي آبادي 9,549,747 ھئي ۽ دنيا ۾ آبادي جي لحاظ کان 93 نمبر تي ھيو. ھتان جي ماڻهن کي بيلورشين يا بيلورشيائي يا بيلاروسي بہ چوندا آهن. ھن ملڪ جي ماڻهن ۾ بيلاروسي ماڻهو 83.7 سيڪڙو، روسي 8.3 سيڪڙو، پولش 3.1 سيڪڙو، يوڪريني 1.7 سيڪڙو آھن.ھتان جي ماڻهن جي گھڻي ڳالھائي ويندڙ ٻولي بيلاروسي آھي جنھن جا ڳالھائيندڙ 83.7 سيڪڙو آھن. ٻئي نمبر تي روسي 8.3 سيڪڙو ، يوڪرائيني ٻولي 1.7 سيڪڙو آھي. 2011 جي رڪارڊ مطابق ھتان جا 48.3 سيڪڙو ماڻهو آرٿوڊڪس مذھب سان تعلق رکندڙ آھن، 7.1 سيڪڙو ڪيٿولڪ، 3.5 سيڪڙو ٻيا مذھب ۽ 41.1 سيڪڙو لامذھب آھن.[7]
نالي جي معنیٰ
سنواريوبيلاروس لفظ بيلاروسي ٻولي جي ٻن لفظن بيل (bel) ۽ روس (rus) مان نڪتل آهي. بيل لفظ جي معنیٰ آھي سفيد يا اڇو ۽ روس معنیٰ روس جو ملڪ آھي. اھڙي طرح بيلاروس جي معني سفيد روس آهي[7].
حڪومتي ۽ سياسي انتظام
سنواريوملڪ جو نالو جمھوريہ بيلاورس آھي. ملڪ جو رياستي نظام صدارتي آھي جيڪو آمريت جي مثل آهي. ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ منسڪ آھي جنھن جي جاگرافيائي بيهڪ 53 54 N, 27 34 E آهي.ھتي صوبن کي ووبلاسٽسي (انگريزي: voblastsi) چون ٿا . ملڪ ۾ 6 صوبا ۽ ھڪ ميونسپلٽي آھي. ھن ملڪ ۾ ٻٽي شھريت قابل قبول ناهي ۽ شھريت لاءِ ستن سالن جي رھائش شرط آهي. ووٽ جو حق 18 سالن جي ڄمار ۾ مليل آهي. رياست جو سربراھ صدر ۽ حڪومت جو سربراھ وزيراعظم آهي[7]
حوالا
سنواريو- ↑ http://www.belstat.gov.by/ofitsialnaya-statistika/ssrd-mvf_2/natsionalnaya-stranitsa-svodnyh-dannyh/naselenie_6/chislennost-naseleniya1_yan_poobl//
- ↑ 2.0 2.1 2.2 2.3 "Belarus". International Monetary Fund. حاصل ڪيل 26 October 2017.
- ↑ "GINI index (World Bank estimate)". World Bank. حاصل ڪيل 13 December 2017.
- ↑ "2018 Human Development Report" (PDF). United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 14 September 2018.
- ↑ "Icann Адобрыла Заяўку Беларусі На Дэлегаванне Дамена Першага Ўзроўню З Падтрымкай Алфавітаў Нацыянальных Моў.Бел". حاصل ڪيل 26 August 2014.
- ↑ UN Statistics Division. "Standard Country and Area Codes Classifications (M49)". United Nations Organization. وقت 17 April 2010 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 22 April 2010.
- ↑ 7.0 7.1 7.2 7.3 7.4 7.5 7.6 7.7 [1] آرڪائيو ڪيا ويا 2007-11-14 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. سي.آء. اي. فيڪٽس بڪ