ميڪسم گورڪي
اليڪسي ميڪسيمووچ پيشڪوف يا ميڪسم گورڪي (انگريزي: Alexei Maximovich Peshkov يا Maxim Gorky)، () روسي ليکڪ ۽ اديب هو. هي 16 مارچ (پراڻي نموني واري تاريخ 28 مارچ) 1868 ۾ زار اليگزينڊر ٻيون جي دور ۾ پيدا ٿيو، جيڪو ادب ۾ سماجوادي حقيقت پسنديءَ جي رجحان جو باني ۽ سياسي ڪارڪن پڻ ھو.[1] ھي ادب جي نوبل انعام جي لاءِ پنج دفعا چونڊيو ويو.[2] روس اندر اُٿندڙ سوشل ڊيموڪريٽڪ تحريڪ ۾ سرگرم رهيو ۽ کلي عام ھن زارشاھي جي حڪومت جي مخالفت ڪئي ۽ ان وقت جي بالشويڪي ڌر جي ولاديمير ايلڇ لينن ۽ اليگزينڊر باگدانوف جي ويجھو رهيو. مئڪسم گورڪي پنھنجي عمر جو وڏو حصو جلاوطنيءَ ۾ گذاريو پھرين زار واري روس وقت ۽ پوء سوشلسٽ سوويت يونين جي وقت. 1932 ۾ جوزف اسٽالن جي دؤر ۾ سندس ذاتي دعوت تي سوويت يونين موٽي آيو ۽ پوء اتي رھيو ۽ جون 1936 ۾ وفات ڪيائين.
ميڪسم گورڪي | |
---|---|
1906 ۾ ٺھيل ميڪسم گورڪي جو پورٽريٽ | |
پيدائش | اليڪسي ميڪسيمووچ پيشڪوف 28 مارچ [قديم تاريخ 16 مارچ] 1868 نيزني نوگرٽ (Nizhny Novgorod)، نيزني نوگرٽ گورنريٽ، رشين ايمپائر |
وفات | 18 جون 1936 (عمر 68 سال) گورڪي- 10، ماسڪو اوبلاسٽ، سويت يونين |
قلمي نالو | مڪسم گورڪي Maxim Gorky |
ڌنڌو | ليکڪ، ڊراما نگار، سياستدان |
قوميت | روسي ، سوويت |
دور | جديديت، |
صنف | ناول ۽ ڊراما |
ادبي تحريڪ | سماجوادي حقيقت پسندي (Socialist realism) |
دستخط |
شروعاتي زندگي
سنواريوگورڪي نيزني نوگرٽ ۾ 16 مارچ 1868 ۾ پيدا ٿيو. يارھن سالن جي عمر ۾ يتيم ٿي ويو ۽ سندس پرورش ڏاڏيءَ ڪئي[3] ھن جا ڏاڏو۽ ڏاڏي ڏاڍا غريب ھيا ان ڪري ھن جي ابتدائي تعليم ڏھ سالن جي عمر بعد ھن جي تعليم بند ٿي وئي ۽ وڌيڪ تعليم حاصل ڪري نہ سگھيو.ھن ادب ، تاريخ ۽ روسي ۽ مغربي فلسفي ۾ مھارت پنھنجي ازخود مطالعي ذريعي حاصل ڪئي ھئي.[4]. 1880 ۾ ٻارھن سالن جي عمر ۾ گھران ڀڄي ويو ۽ ڊسمبر 1887 ۾ 19 سالن جي عمر ۾ خودڪشي جي ڪوشش ڪيائين پر بچي ويو جنھن بعد پنج سال روسي ايمپائر ۾ پيرين پنڌ سفر ڪيائين ۽ مختلف نوڪريون ڪندو رھيو. ھن ھڪ مقامي اخبار ۾ پڻ صحافت ڪئي ۽ جيھوديئل کليمدا جي نالي سان لکندو رهيو[3] ھن گورڪي جو نالو 1892 ۾ اختيار ڪيو جڏهن ھن ٽبلسي شھر ۾ ڪوھ ڪاف نالي اخبار ۾ لکڻ شروع ڪيو. لفظ گورڪي جي لفظي معني سخت آھي.[5] اھو نئون نالو ان وقت جي روسي زندگي ۾ اٻرندڙ ڪاوڙ جي عڪاسي ھيو ۽ ھڪ ڪڙي سچ جو اظھار ھيو.گورڪي پنھنجي ادبي زندگيءَ ۾ ليو ٽالسٽاء ۽ ولاديمير جي ڪورولينڪو مان ڏاڍو متاثر ھيو جيڪي ھن جا ھميشه دوست۽ صلاحڪار رھيا.[4] ھن جي شادي 1893 ۾ ايڪاترينا پيشڪوف (Ekaterina Peshkov) سان ٿي ھئي.
سياسي۽ ادبي مصروفيتون
سنواريوھن جي ادبي ڪيريئر جو آغاز 1892 ۾ Marker Chudra ڪھاڻي لکڻ سان ٿيو.[4] گورڪي جي لکڻين ھن کي معاشري جو بي مثال آواز بڻائي ڇڏيو ۽ ھي روس جي سياسي، سماجي۽ ثقافتي تبديلي جو ھڪ سرگرم وڪيل بڻجي ويو.1899 کان ھي ظاھر ظھور اڀرندڙ مارڪسي ۽ سوشلسٽ ڊيموڪريسي جي تحريڪ جو حامي ٿي ويو ۽ جلد ئي روسي دانشورن ۽ مزدورن ۾ ھڪ اھم شخصيت بڻجي ويو. ھن زارشاھي جي کلي عام مخالف شروع ڪئي جنھن ڪري اڪثر گرفتار ٿيندو ھيو. 1902 ۾ ھن جي ملاقات لينن سان ٿي جيڪا دوستي ۾ تبديل ٿي وئي.ساڳي سال ھي اعزازي طور تي روسي ادب جو وڏو عالم قرار ڏنو ويو پر بعد ۾ روسي زار نڪولس ٻيون ھن جو اھو اعزاز منسوخ ڪري ڇڏيو.جنھن تي احتجاج ڪندي چيخوف ۽ ولاديمير ڪورولينڪو اڪيڊمي کي ترڪ ڪري ڇڏيو.[6]
1900 کان 1905 تائين گورڪي جون لکڻيون زياده تر اميد ڏياريندڙ ھيون ۽ ھي اڃان بہ وڌيڪ مخالف ڌر جي تحريڪ ۾ سرگرم ٿي ويو جنھنڪري ٻيھر 1901 ۾ ٿوري وقت لاءِ جيل ۾ رھيو.ھن پنھنجو تعلق ماسڪو آرٽ ٿيئٽر سان جوڙيو پر ولاديمير نيمرووچ ڊانچينڪو سان اختلاف ٿيڻ جي ڪري 1904 ۾ ھي نيزني نوگرٽ ھليو آيو جتي پنھنجو ٿيئٽر قائم ڪيائين.[7] ڪانسٽنٽائن اسٽينسلاوسڪي (Konstantin Stanislavski) ۽ ساوا موروزوف ان ڌنڌي لاء کيس رقم فراهم ڪئي.اسٽينسلاوسڪي جو خيال مطابق گورڪي جو ٿيئٽر پوري صوبي ۾ ٿيئٽرن جو ڄار وڇائڻ جو ھڪ ذريعو ھيو جنھن سان روس جي اسٽيج جي فن ۾ سڌارا آڻڻ جي اميد ھئي جيڪو 1890واري ڏھاڪي کان سندس ھڪ خواب ھيو. ھن پنھنجي ڪجهه شاگردن کي آرٽ ٿيئٽر اسڪول ۽ آئوئسف تيخوميروف (Ioasaf Tikhomirov) روانو ڪيو جن اتي وڃي ڪم ڪيو پر سنسرشپ لاڳو ٿيڻ جي ڪري گورڪي ان پراجيڪٽ کي ترڪ ڪري ڇڏيو. مالي طور تي ھڪ ڪامياب ليکڪ، ايڊيٽر ۽ڊرامہ نويس ھجڻ ڪري گورڪي روسي سوشل ڊيموڪريٽڪ ليبر پارٽي جي مالي مدد ڪئي ۽ ان سان گڏوگڏ حڪومت کان شھري حقن ۽ سماجي سڌارن جو مطالبو ڪندڙ لبرل ڊيموڪريٽس جي پڻ حمايت ڪئي. 9 جنوري 1905 ۾ انھن سڌارن جو مطالبو زار وٽ کڻي ويندڙ مزدورن جي جلوس تي وحشياڻي فائرنگ ڪئي وئي جيڪو ڏينھن 1905 جي خوني آچر جي نالي سان مشھور ٿيو ، ۽ ان 1905 جي انقلاب کي جنم ڏنو.ان واقعي کيس بنيادي نبيرن طرف مائل ڪيو اھڙي طرح لينن جي بالشويڪي ڌر جي صفا ويجھو ٿي ويو [8]
1906 کان 1913 تائين گورڪي صحت جي مسئلي جي ڪري ۽ روس جي ظالماڻي ماحول کان بيزار ٿي ڪيپري ٻيٽ ۾ رھائش اختيار ڪئي.گورڪي جي ڪجهه لکڻيون سياسي طور وڏي اھميت واريون آھن.ھن 1901 ۾ ھڪ نظم Burevestnik يعني ولر کان ڇڳل طوفاني پکي (The Stormy Petrel) لکيو ھو جنھن ۾ ھن روس ۾ انقلاب جي پيشنگوئي ڪئي.1906 ۾ ھن آمريڪا ۾ انقلاب جا حامي دوست ٺاھڻ لاء دورو ڪيو ۽ رشين سوشل ڊيموڪريٽڪ ورڪرز پارٽي جي لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ لاء مشھور ناول ماء (Mat) يا (Mother) لکيائين.ھن لينن جي رسالي اسڪرا Iskra (چڻنگ) جي مالي مدد ڪئي. پھرين بالشويڪ اخبار نووائيا زھيزن (نئين زندگي) ۾ مقالا لکيا ۽ ان جي مالي مدد بہ ڪئي ۽ زار بادشاھ جي آڪٽوبر واري پڌرنامي کي بہ ننديو جنھن ڪري گرفتاري کان بچڻ لاء اٽلي جي ڀيٽ ڪيپري ھليو ويو جتي 1913 تائين رھيو جنھن بعد روس واپس اچي تعليم جي واڌاري ۽ ثقافت جي ڪمن ۾ مصروف ٿي ويو ۽ آھي پھرين جنگ عظيم جي خاتمي ۽ 1917 جي انقلاب تائين جاري رکيائين. ھي فيبروري واري انقلاب لاءِ اتساھ رکندڙ ھيو ان خيال ۾ تہ روس ھڪ لبرل ڊيموڪريٽ رياست بڻجندو. اپريل 2017 ۾ لينن جي واپسي بعد ھن بالشويڪ اخبار Novaia zhizn (نئين زندگي) ۾ ھن بالشويڪي سوشلسٽ انقلاب جي پروپيگنڊا تي تنقيد ڪئي. 1921 ۾ روس جي اندر خانہ جنگي جي رتوڇاڻ ڪري سويت يونين ڇڏي اٽليءَ جي شھر سورينٽو (Sorrento) ۾ رھائش اختيار ڪئي.[4]
ڪيپري سال
سنواريو1906ع کان 1913ع تائين گورڪي هڪ ٻيٽ ڪيپري ۾ رهيو، ان رهائش جو سبب هڪ ته هن جي صحت هئي، ٻيو روس ۾ ٻوسٽ وارو سياسي ماحول هو.[9] هي روس ۾ سماجي جمهوريت ۽ خاص ڪري بالشويڪن جي حمايت ڪندو رهيو، ۽ هن انٽولي لوناچارلسڪي کي پڻ پاڻ وٽ ڪيپري ٻيٽ ۾ رهائڻ لاءِ گھرايو. ٻنهي گڏجي Literaturny Raspad تي ڪم ڪيو جيڪو 1908ع ۾ جاري ٿيو.
گورڪي جا ڪتاب
سنواريوگورڪي پنھنجو پھريون ڪتاب Очерки и рассказы(مضمون۽ ڪھاڻيون) 1898 ۾ لکيو جنھن ۾ کيس ڏاڍي مشھوري ملي اھڙي طرح ھن جي ليکڪ جي حيثيت سان پيشي جي شروعات ڪئي. ھن پنھنجي لکڻي۾ ماڻھن جي ڏکن ڏاکڙن، مصيبتن، محروميون ۽ انھن سان معاشري ۾ ٿيندڙ زيادتين تي لکيو ۽ ماڻھن ۾ تبديلي جو روح ڦوڪيو.ھن جي ٻين ڪتابن ۾ ھيٺان ڪتاب شامل آھن:
- لوئر ڊيپٿس (The Lower Depths)(1902)
- ٽوئنٽي سڪس مين اينڊ آ گرل(Twenty-six Men and a Girl)
- د سانگ آف د اسٽارمي پيٽريل(The Song of the Stormy Petrel)
- ماء چائيلڊ ھڊ(My Childhood)
- ماء(Mother)
- سمر فاڪ(Summerfolk)
- چلڊرين آف دي سن(Children of the Sun)
رايا
سنواريوگورڪي روسي انقلاب جو پيشرو ۽ نقيب هو. سندس فڪر انگيز ۽ انقلاب پسند تحريرن نه فقط روس جي عوام ۽ اهل فڪر ماڻهن کي متاثر ڪيو، پر دنيا جي وڏن وڏن اديبن ۽ مفڪرن کي به متوجهه ڪيو. سندس تحريرن متعلق لينن جو چوڻ آهي ته
’گورڪي عظيم فنڪار آهي، جنهن جي فن ۽ تحرير اسان جي انقلابي نظريي لاءِ زمين هموار ڪئي.‘
گورڪيءَ جي تحريرن ۾ سماج ۽ ان جي عمراني تشڪيل متعلق نهايت عميق ۽ دوربين تنقيد موجود آهي: خاص طرح جاگيردارانه سماج جي خط و خال، ۽ انهن جي عوام ڪُش حيلن وسيلن، ۽ ادب، تاريخ، آرٽ ۽ مذهب جي آڙ ۾ سرمائيدارانه نظام جي تائيد ۾ پيدا ڪيل مقدس نظرين متعلق نهايت معقول ۽ تعميري تنقيد موجود آهي. گورڪي صحيح معنيٰ ۾ مشاهده نگار ۽ معاشري جو پارکو هو. سندس فن ۽ شخصيت متعلق پوريءَ دنيا جي اديبن ۽ عالمن خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته گورڪي پوريءَ انسانيت جو فنڪار، نقاد ۽ زبان هو. سندس چوڻ آهي:
”اڄ تائين دنيا ۾ ڀلا ٿيو ڇا آهي؟ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن لاءِ ته سربفلڪ محلات تعمير ڪيا ويا آهن، باقي ڪروڙها ماڻهن لاءِ ڪارخانا ۽ ڪليسائون! روحن کي ڪليسائن ۾ ڪچليو وڃي ٿو، ۽ جسمن کي ڪارخانن ۾-- ان لاءِ ته ’محل‘ سلامت رهن‘“
.
حوالا
سنواريو- ↑ Liukkonen, Petri. "Maxim Gorky". Books and Writers (kirjasto.sci.fi). Finland: Kuusankoski Public Library. وقت 6 July 2009 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل.
- ↑ Nobelprize.org
- ↑ 3.0 3.1 "Maxim Gorky". Library Thing. حاصل ڪيل 21 July 2009.
- ↑ 4.0 4.1 4.2 4.3 {Encyclopedia of Russian History_ James R. Millar_Printed in the United States of America 10 9 8 7 6 5 4 3 2 1page no:586}
- ↑ (ٻولي ۾ Russian) http://www.referatbank.ru/biography-165.html. Missing or empty
|title=
(مدد) - ↑ Handbook of Russian Literature, Victor Terras, Yale University Press, 1990.
- ↑ Vladimir Nemirovich-Danchenko had insulted Gorky with his critical assessment of Gorky's new play Summerfolk, which Nemirovich described as shapeless and formless raw material that lacked a plot. Despite Stanislavski's attempts to persuade him otherwise, in December 1904 Gorky refused permission for the MAT to produce his Enemies and declined "any kind of connection with the Art Theatre." See Benedetti (1999, 149–150).
- ↑ Biggart, John, Alexander Bogdanov, Left-Bolshevism and the Proletkult 1904–1932, University of East Anglia
- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>
tag; no text was provided for refs namedkirjasto
- ↑ 10.0 10.1 {عظيم فنڪارن ۽ دانشورن جون ورسيون: غلام محمد گرامي، مھراڻ رسالوجلد 10، 1961}
- ↑ 11.0 11.1 http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/mehran/Book5/Book_page2.html. Missing or empty
|title=
(مدد)