ٻِه قُطبي سرشتي (Bipolar System) جو اصطلاح ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ ٿڌي ويِڙھ (Cold war) دوران استعمال ٿيندو هو. ان منجهان هڪ اهڙي بين الاقوامي سياسي سرشتي جو تصور ورتو ويندو هو، جيڪو صرف ٻن وڏين طاقتن يعني آمريڪا ۽ سوويت يونين جي اوليتن منجهان هجي. ان سرشتي مطابق صرف ٻہ طاقتون يا نظريا يعني آمريڪا ۽ سوويت يونين يا موڙي واد ۽ سماج واد، بين الاقوامي سياسي منظر تي حاوي هئا. انهن ٻنهي جي وچ ۾ ٿيندڙ ڇڪتاڻ جا بين الاقوامي لاڳاپن تي گهرا ۽ اُگرا اثر پئي ٿيا. آمريڪا ۽ سوويت يونين کانسواءِ تاريخ جي مُختلف دؤرن توڙي دُنيا جي مختلف علائقن ۾ هي سرشتو موجود رهيو آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. Bipolar System | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون, وقت 2022-08-27 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-10-09