سرد جنگ پُڄاڻا

20ھين صديءَ ۾ سرج جنگ کانپوءِ وارو عرصو

سرد جنگ پُڄاڻا (انگريزي ٻولي: Post–Cold War era) 1991ع ۾ سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ اولھ ۽ روس وچ ۾ سرد لڙائيءَ جو خاتمو ٿيو، جنهن کي ”سرد لڙائيءَ جي پڄاڻيءَ جو دؤر“ يا پوسٽ ڪولڊ وار (Post Cold War) چئجي ٿو. هن تبديليءَ کي جديد دور جي تاريخ ۾ وڏي اهميت حاصل آهي، ڇاڪاڻ تہ سرد جنگ جي خاتمي سان، آمريڪي معاشري ٻيهر پنهنجن اهم داخلي معاملن جي حل ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو. خاص طور آمريڪي پرڏيهي پاليسيءَ ۾ تبديليون آيون ۽ اُن بين الاقوامي تناظر ۾ نئين سر لاڳاپا رکڻ شروع ڪيا. سوويت جي زوال کان پوءِ آمريڪي سماج جي اندر ٻيهر داخلي حوالي سان نون مسئلن ۽ بحثن به جنم ورتو.[1]

حوالا سنواريو