سوويت يونين
سوويت يونين (سوويت اتحاد) روسي سوشلسٽ رياستن جو مجموعو (مختصر USSR) جنهن کي عام طور سوويت يونين جي نالي سان سُڃاتو ويندو آهي. هي آئيني لحاظ کان اشتراڪي رياست هُئي جيڪا يوريشيا ۾ 1922 کان 1991 تائين قائم رهي.[11] هينئر ان کي عام طور روس (Russia) پڻ چيو ويندو آهي، جيڪو درست ناهي. روس يعني رشيا ان اتحاد (يونين) جي رياستن منجهان سڀ کان وڌيڪ سگهاري (طاقتور) رياست جو نالو آهي. سال 1945 کان وٺي سال 1991 تائين ان کي آمريڪا سان ڀيٽ ۾ دنيا جي هڪ عظيم طاقت ( سُپر پاور Super Power) مڃيو ويندو هيو. سوويت يونين دور ۾ معاشي ترقي جي نتيجي ۾ معياري زندگي خاص ڪري شهري علائقن ۾ بهتري آئي.[12]
Union of Soviet Socialist Republics
| |||||
---|---|---|---|---|---|
سال 1922 کان 1991 | |||||
| |||||
ترانو:
| |||||
گادي جو هنڌ | ماسڪو 55°45′N 37°37′E / 55.750°N 37.617°E | ||||
سڀ کان وڏو شهر | تخت گاهه | ||||
دفتري ٻوليون | رشين[1][1] | ||||
تسلیم ٿيل مقامي ٻوليون | |||||
اقليتن جون ٻوليون | |||||
نسلي گروھ (1989) |
| ||||
مذهب | سيڪيولر رياست (ڊي جيور)[2][3]
ناستڪي رياست (ڊي فيڪٽو) | ||||
مقامي آبادي | سوويت | ||||
حڪومت |
| ||||
مقننه | ڪانگريس آف سوويئتس (1922–1938) سپريم سوويت (1938–1991) | ||||
پکيڙ | |||||
• جملي |
22٬402٬200 km2 (8٬649٬500 sq mi) | ||||
آبادي | |||||
• سال 1991 اندازو |
293 ڏهه لک (ملين) (ٽئين (3رڊ)) | ||||
• گھاٽائي |
[اوزا تبديل: invalid number] | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 1990 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$2.7 trillion[9] (2nd) | ||||
• في سيڪڙو |
$9,200 | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 1990 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$2.7 trillion[9] (2nd) |
خُلاصو
سنواريوسوويت اتحاد کي سال 1917 جي روسي انقلاب دوران ٺهندڙ رياستي علائقن ۾ قائم ڪيو ويو. وقت سان گڏوگڏ ان جون جاگرافيائي سرحدون مٽجنديون (تبديل ٿينديون) رهيون آهن، پر آخري وڏي ٽوڙڦوڙ (ٽُٽڻَ) کانپوءِ، جيڪو بالٽڪ رياستون، اُڀرندو پولينڊ، اوڀر يورپ جو ڪُجھ حصو ۽ ڪُجھ ٻين رياستن جي واڌاري (اضافي) ۽ فن لينڊ ۽ پولينڊ جي عليحدگيءَ کانپوءِ سال 1945 کان وٺِي انت (ڇيهه ٿيڻ، خاتمي) تائين شاهي دور واري روس جهڙي ئي رهي.
سوويت يونين واري دور ۾ دنيا اندر ٻِه قُطبي سرشتو يا باءِ پولر سسٽم هيو، جيڪو سوويت يونين جي ٽُٽڻ کانپوءِ يگانو قُطبي سرشتو (يوني پولر) بڻجي ويو ۽ آمريڪا جي سموري دنيا ۾ هڪ هٽي قائم ٿي وئي.
سوويت حڪومت ۽ سياسي تنظيمن جي نگراني ۽ سارَسنڀالَ جو ڪم ڏيهه (مُلڪ) جي اڪيلي سياسي جماعت (پارٽي)، سوويت اتحاد جي ڪميونسٽ پارٽي وٽ هيو.
سال 1956 تائين سوويت سوشلسٽ رياستن جو تعداد چار کان وڌي پندرنهن ٿي ويو، سوويت يونين ۾ شامل ٿيندڙ اُهي سموريون رياستون هيٺئين ريت آهن.
- آرمينيائي سوويت اشتراڪي جمهوريا
- آذربائيجان سوويت اشتراڪي جمهوريا
- بيلاروسي سوويت اشتراڪي جمهوريا
- استونيائي سوويت اشتراڪي جمهوريا
- جارجيائي سوويت اشتراڪي جمهوريا
- قازق سوويت اشتراڪي جمهوريا
- ڪرگيز سوويت اشتراڪي جمهوريا
- ليٽويائي سوويت اشتراڪي جمهوريا
- ليٿوينيائي سوويت اشتراڪي جمهوريا
- مالدويائي سوويت اشتراڪي جمهوريا
- روسي سوويت وفاقي اشتراڪي جمهوريا
- تاجڪ سوويت اشتراڪي جمهوريا
- ترڪمان سوويت اشتراڪي جمهوريا
- يوڪريني سوويت اشتراڪي جمهوريا
- ازبڪ سوويت اشتراڪي جمهوريا
سال 1991 ۾ سوويت يونين (سوويت اتحاد) جو اَنتُ (خاتمو) ٿي ويو ۽ انکانپوءِ مٿي ذڪر ڪيل سموريون رياستون آزاد ٿي ويون. انهين منجهان يارنهن رياستن ملي ڪري هڪ ننڍڙو ڪنفيڊريشن وفاق (Confederation) ٺاهيو آهي جنهن کي "آزاد رياستن جي گڏيل دولت" (ڪامن ويلٿ) سڏيو وڃِي ٿو. ترڪمانستان جيڪو پهرئين ان گڏيل دولت (ڪامن ويلٿ) جو باقاعدي رڪن هُيو، اُهو هاڻي شريڪ رڪن (ميمبر) جو درجو رکھي ٿو. ٽن بالٽڪ رياستن يعني اسٽونيا، لٽويا ۽ لٿووينيا ان ڪامن ويلٿ بدران سال 2004 ۾ يورپي اتحاد ۽ نيٽو(ناٽو) ۾ شموليت اختيار ڪئي. روس ۽ بيلاروس هاڻي اتحاد روس ۽ بيلاروس سان تعلق رکن ٿا.
اتهاس
سنواريوسانچو:مارڪسيت ۽ ليننيت سوويت اتحاد کي روسي بادشاهت کانپوءِ جُڙندڙ شڪل چيو وڃي ٿو. آخري روسي زار بادشاهہ، نڪولس ٻيون مارچ 1917 تائين حڪومت ڪئي ۽ اڳئين سال سندس خاندان سميت کيس ماريو ويو.
سوويت اتحاد ڊسمبر 1922 ۾ جُڙيو. ان ۾ روس (بالشويڪ رشيا)، يوڪرائن، بيلارس، جارجيا، آرمينيا ۽ آذربائيجان (انهن ٽِن رياستن کي مٿانهين قفقاز (ڪوهہ ڪاف يا ڪاڪاشش) واريون رياستون پڻ سڏيو ويندو آهي) شامل هيون ۽ انهن تي بالشويڪ پارٽيءَ جي سرڪاري راڄُ (حڪومت) هيو.
روسي بادشاهت جي اندر جديد انقلابي تحريڪ سال 1825 جي ڊسمبر واري بغاوت سان شروع ٿي. سال1905 جي انقلاب کانپوءِ سال 1906 ۾ روسي پارليامينٽ ڊوما قائم ٿي، پَر مُلڪ جي اندر سياسي ۽ سماجي گهٽ جٽاداري (عدم استحڪام) موجود رهي ۽ پهرين مهاڀاري جنگ ۾ ڏيوالپڻو (ناڪامي، شڪست) ۽ کاڌخوراڪ اوڻائي (قلت) جي سبب هي وڌيڪ سگهارو ٿيو.
جاگرافي
سنواريو22٬402٬200 ڪلوميٽرزچورس (8٬649٬500 sq mi) پکيڙ جي علائقي سان، سوويت يونين دنيا جو سڀ کان وڏو ملڪ هيو، جيڪو درجو هاڻي روسي فيڊريشن برقرار رکيو آهي.[13]
سوويت اتحاد يورپ کنڊَ جي اُڀرندي ۽ ايشيا کنڊَ جي اُترئين حصي تي قبضو ڪيو هيو. ملڪ جو گهڻو ئي حصو پنجاه ڊگري اُترئين ملڪ جي ڊيگهه کان مَٿي آهي ۽ ان جي ڪُل پکيڙ (ايراضي) 22402200 چورس ڪلوميٽر يا 8649500 چورس ميل آهي. ايڏي وڏي ايراضي جي سبب ان جي موسم نيم خط استوائي (Semi Equatorial) کان وٺي سرد، نيم برفاني کان وٺي برفاني مُند (موسم) تائين پکڙيل آهي. 11 سيڪڙو زمين زراعت لائق هُئي، 16 سيڪڙو گاھ جو ميدان ۽ چراگاهون (گاهه جو ميدان) هيون، 41 سيڪڙو جهنگ ۽ ٻيلا هيا ۽ 32 سيڪڙو ڀاڱو (حصو) ٻئي قسمن جو هيو، جنهن ۾ ٽنڊرا جو حصو پڻ شامل آهي.
سوويت اتحاد جي ويڪراڻ (ويڪر) 10000 ڪلوميٽر يعني 6200 ميل هئي، جيڪا لينن گراڊ کان وٺي راتمانوا تائين پکڙيل هُئي. ان جي ڊيگهه تقريبن 5000 ڪلوميٽر يعني 3100 ميل هئي. ان جو گهڻوتڻو حصو کهرو(کڙٻڙ) ۽ ڏاڍو ڏکيو (مشڪل) هيو. پوري آمريڪا ان جي هڪ حصي جي اندر سمائجي سگهجي پئي.
ثقافت
سنواريوسوويت يونين جي ثقافت يو ايس ايس آر جي 70 سال دور ۾ ڪيترن ئي مرحلن منجهان گزري آهي. روسي انقلاب کانپوءِ پهرئين يارنهن سال تائين ماڻهن کي نسبتن آزادي حاصل رهي ۽ مصورن مصوري ۾ انيڪ نئين روسي نواڻِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. حڪومت مختلف لاڙن (رجحان، ٽرينڊ) کي سلطنت جي لاءِ خطرو هيو، سي برداشت ڪيا. فن ۽ ادب ۾ ڪيترائي مختلف ذهنيت جا ماڻهو لنگهي آيا ۽ انهن نوان تجربا ڪيا. ڪميونسٽ ليکڪن جهڙوڪ ميڪسم گورڪي ۽ ولاديمير ماواڪوشوف ان دوران گهڻا نمايان رهيا. فلم، جيڪا معاشري تي وڏو ڇڏيندي آهي، تنهن کي حڪومت طرفان وڏي همٿائي (حوصلہ افزائي) ملي ۽ سرگئي آئنسٽائن جو ڪيترو ئي ڪم انهيءَ دوران تخليق ٿيو.
انکانپوءِ جوزف سٽالن جي دور ۾، سوويت ثقافت کي حڪومت جي بيان ڪيل حدن وسيلي نافذ ڪيو ويو. هر طرح جي اثرن کي سختي سان روڪيو ويو. ڪيترن ئي ليکڪن کي جيل وِڌو ويو يا ماريو ويو.
قائم ٿيڻ کان زواليت
سنواريووڌيڪ ڏسو
سنواريوحوالا
سنواريو- ↑ De facto before 1990
- ↑ "ARTICLE 124.". وقت 2 January 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 4 February 2019. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ "Article 52.". وقت 16 February 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 4 February 2019. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ Historical Dictionary of Socialism. James C. Docherty, Peter Lamb. Page 85. "The Soviet Union was a one-party Marxist-Leninist state".
- ↑ Ideology, Interests, and Identity آرڪائيو ڪيا ويا 21 July 2013 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. Stephen H. Hanson. Page 14. "the USSR was officially a Marxist-Leninist state".
- ↑ The Fine Line between the Enforcement of Human Rights Agreements and the Violation of National Sovereignty: The Case of Soviet Dissidents آرڪائيو ڪيا ويا 8 August 2014 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. Jennifer Noe Pahre. p. 336. "[...] the Soviet Union, as a Marxist-Leninist state [...]". p. 348. "The Soviet Union is a Marxist–Leninist state".
- ↑ Leninist National Policy: Solution to the "National Question"? آرڪائيو ڪيا ويا 8 August 2014 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. Walker Connor. Page 31. "[...] four Marxist-Leninist states (the Soviet Union, China, Czechoslovakia and Yugoslavia)[...]".
- ↑ "Law of the USSR of March 14, 1990 N 1360-I 'On the establishment of the office of the President of the USSR and the making of changes and additions to the Constitution (Basic Law) of the USSR'". Garant.ru. وقت 13 August 2011 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 12 July 2010. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ 9.0 9.1 "GDP – Million – Flags, Maps, Economy, Geography, Climate, Natural Resources, Current Issues, International Agreements, Population, Social Statistics, Political System". وقت 12 June 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 29 August 2018. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ "Human Development Report 1990" (PDF). United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 14 September 2018.
- ↑ Television documentary from CC&C Ideacom Production,"Apocalypse Never-Ending War 1918–1926", part 2, aired at Danish DR K at 22.October 2018
- ↑ "Reassessing the Standard of Living in the Soviet Union: An Analysis Using Archival and Anthropometric Data". Williams College. July 2008.
- ↑ Russia – Encyclopædia Britannica آرڪائيو ڪيا ويا 26 April 2008 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. Britannica.com (27 April 2010). Retrieved on 29 July 2013.
وڪيميڊيا العام ۾ سوويت يونين سان لاڳاپيل ابلاغي مواد ڏسو. |
حوالي جي چڪ: "lower-alpha" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref>
آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="lower-alpha"/>
نہ مليو