واراناسي

(بنارس کان چوريل)

بنارس يا واراناسي (هندي: वाराणसी يا बनारस) هندو مت جي ماڻهن لاءِ هڪ پوتر شهر آهي. هيءُ مندرن جو شهر آهي ۽ هندو عقيدي موجب هيءُ ڏاڍو ڀلارو ۽ متبر شهر آهي. بنارس، هردوار ۽ مٿرا جهڙن شهرن زيارت ڪرڻ ضروري آهي. جِتان وهندڙ گنگا ۾ ٽٻي هڻڻ سان هندو عقيدي تحت سمورا پاپَ ڌوپجيو وڃن. جنهن جو بنارس ۾ ديهانت ٿئي ٿو، اهو سڌو سرڳ (جنت) ۾ وڃي ٿو. هندستان جا جيڪي ست پاڪ پوتر شهر سمجھيا وڃن ٿا انهن ۾ سڀ کان مٿاهون بنارس آهي.

بنارس
واراناسي، ڪاشي
ميٽروپوليٽن شهر
س—ک مٿان: مانيڪرنيڪا گھاٽ، دشاشواميڌا گھاث، لال بهادور شاستري عالمي هوائي اڏو، تبتن مندر سنراٿ ۾، بنارس هندو يونيورسٽي، ڪاشي وشوانٿ مندر
س—ک مٿان: مانيڪرنيڪا گھاٽ، دشاشواميڌا گھاث، لال بهادور شاستري عالمي هوائي اڏو، تبتن مندر سنراٿ ۾، بنارس هندو يونيورسٽي، ڪاشي وشوانٿ مندر
عرفيت: هندو ڌرم جي گاديءَ جو شهر
ملڪ  ڀارت
رياست اتر پرديش
ڊويزن بنارس
ضلعو بنارس
حڪومت
 • قسم بلديه
 • مجلس بنارس ميونسپل ڪارپورشن
 • ميئر مريدولا جئيسوال (بي جي پي)
 • ڊويزن ڪميشنر نتن رميش گورڪن
 • ضلعي ميجسٽريٽ يوگيشوار رام مشرا
 • پوليس انسپڪٽر ديپڪ رتن
 • پوليس ايس ايس پي نتن تيواري

پسمنظر

سنواريو

هن شهر جو ورانسي نالو شايد هن شهر مان لنگهندڙ ٻن ندين تان پيو هجي، ورونا (Varuna) ندي جيڪا اڃا هن شهر ورانسي مان وهندي رهي ٿي ۽ ٻي ندي اسي (Assi) آهي. جيڪا هاڻ هاڪڙو وانگر نظر نٿي اچي. جيتوڻيڪ اسي گهاٽ وٽ هڪ وهندڙ نالي (Stream) لاءِ هتي جا ماڻهو ان نالي کي اسي ندي سمجھن ٿا. بهرحال اهي ٻئي ننڍيون نديون آهن، جيڪي گنگا نديءَ سان وڃيو ملن.

هندن جا ست ڀلارا شهر ”سپتا پوري“ پڻ سڏجن ٿا. سنسڪرت زبان ۾ ”پور“ يا ”پوري“ شهر يا ٽائون کي سڏين ٿا. جيئن شڪارپور، ميرپور، خيرپور وغيره ان جي اڳيان ”سپتا“ معنيٰ ”ست“ هڻڻ سان ٿيو ”ست شهر“. اهي ست شهر هن ريت آهن:

  • آيوڌيا: (جتي رام جنم ورتو)
  • مٿرا: (دوراڪا وڃڻ کان اڳ ڪرشن هتي رهيو)
  • هريدوار: (شِو ۽ وشنو جون زيارتون)
  • بنارس: هندو ڌرم جي گاديءَ جو شهر
  • ڪانچيپورم: (ڪامڪشي امان مندر)
  • اوانتي
  • دوراڪا: (ڀڳوان ڪرشن 100 اتي رهيو)

اهي شهر تيرٿ ڌام به سڏجن ٿا. تيرٿ سنسڪرت جو لفظ آهي، جيڪو تري مان نڪتو آهي، جنهن جي معنا آهي سڀني گناهن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ. اهي سيتاپوري يعني ست پاڪ شهر هندن جي لاءِ مذهبي خيال کان وڏي اهميت رکن ٿا يا جِتي سندن ديوتائن اووتار جي شڪل ۾ جنم ورتو. جيئن ايوڌيا لاءِ چيو وڃي ٿو ته اتي رام جنم ورتو. ڪانچيپورم جيڪو اتي جي ڪامڪشي امان مندر ڪري ڀلارو سمجھيو وڃي ٿو. اهو مندر ماتا ديوي کي منسوب ٿيل آهي. دوارڪا وري ان ڪري ڀاڳن وارو ۽ پوتر سمجھيو وڃي ٿو جو هن شهر ۾ هندن جو ڪرشن ڀڳوان 100 سالَ رَهيو. اهڙي طرح مٿرا آهي، جِتي دوارڪا وڃڻ کان اڳ ڪرشن رهيو ٿي. هردوار ۾ شِو ۽ وشنو ديوتائن جون زيارتون آهن ۽ گنگا ندي جابلو علائقو ٽپي، جيئن ئي ميداني پٽن ۾ داخل ٿئي ٿي ته پهرين هردوار مان لنگهي ٿي. بنارس (ورانسي)، هردوار يا الهه آباد جهڙن شهرن جو مانُ گنگا ندي جي ڪري آهي، جنهن کي هندو ڌرم جا ماڻهو پوڄا جي حد تائين پيار ڪن ٿا ۽ عزت ڏين ٿا. بنارس کي هندو ڌرم جي گاديءَ جو شهر سمجھيو وڃي ٿو. هِتي هڪ سؤ کان مٿي مندر آهن ۽ هر سال لکين ياتري هِتي گنگا جي پاڻيءَ ۾ اشنان ڪرڻ يا ٽٻي هڻڻ لاءِ اچن ٿا ۽ گهڻي ڀاڱي هندن جي اها ئي خواهش هوندي آهي ته هنن جو موت هن شهر ۾ ٿئي ۽ هتي ئي سندن چتا کي ساڙي رک گنگا ماتا حوالي ڪيو وڃي.

اجين شهر جيڪو سندس آڳاٽي شهراوانتي (Avanti) سان به سڏجي ٿو، ۾ ٻارهن جيوتي لنگن مان هڪ لنگ مهاڪليشور مندر ۾ آهي. جيوتي لنگ، شو ڀڳوان جي نشاني سمجھي وڃي ٿي. انهن مان هڪ سومناٿ مندر ۾ به آهي. انهن ڌرمي شين کان سواءِ هي شهر ميلن ۽ گڏجاڻين کان به مشهور آهي. اجئين ۽ هردوار ته کمڀ ميلي کان به مشهور آهي، جيڪو ٻارهن مهينن ۾ هڪ دفعو ٿئي ٿو ۽ انهن ڏينهن ۾ نه فقط انڊيا کان پر ٻاهرن ملڪن کان به ڪيترائي هندو اچيو گڏ ٿين. هتي ۾ سڀ کان گهڻا اشنان گهاٽ آهن. شِو ديوتا هندن جو، خاص ڪري کشترين جو ديوتا چيو وڃي ٿو. شو ديوتا لاءِ اهو به چيو وڃي ٿو ته اهو بنيادي طور تي غير آريائي خدا آهي. جنهن جي اڻ آريا پوڄا ڪندا هئا. هندن جي عقيدت موجب ٽن ُمک ديوتائن مان، جيڪي ٽمورتي يا ٽريمورتي به سڏجن ٿا، شِو مهاديو هڪ آهي. اهي ٽي ديوتا هن ريت آهن:

  • برهما — تخليق ڪندڙ،
  • شِو — تباهه ڪندڙ، ۽
  • وشنو — حفاظت ڪندڙ.

سنڌي اديب رام سچانند جوهراڻي جي ڪتاب ”سنڌي سرويچ“ جي مهاڳ ۾ ايل ڪي آڏواڻي لکي ٿو ته: ”ورهاڱي وقت يعني لڏ پلاڻ وقت منهنجي ڏاڏي 80 سالن جي هئي. ڪراچيءَ جو بندرگاه ڇڏڻ مهل هن منهنجي پيءُ کي چيو، ته آئون نٿي ڄاڻان ته ڀڳوان مونکي گهڻا سال جيئرو رکندو، پر مونکي تمام گهڻي خوشي ٿيندي جيڪڏهن تون مونکي باقي عمر وراڻسي (بنارس) ۾ وٺي هلندين!“ آڏواڻي صاحب لکي ٿو ته: ”منهنجي پتا خوشيءَ سان هن جي اُها اِڇا قبولي ۽ چئن سالن کان پوءِ سندس پرلوڪ پڌارجڻ کان پوءِ بابا جن بنارس ڇڏي آڌيپور اچي رهيا.


بنارس لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهو هڪ آڳاٽو شهر آهي. ائين ته دنيا ۾ انيڪ جھونا شهر ٿي گذريا آهن. ويندي موهن جو دڙو به پراڻو شهر آهي پر اهي يا ڀنڀور ديبل ۽ الوڙ جهڙا شهر هاڻ کنڊر آهن جِتي ڪا آبادي ناهي. بنا شڪ جي بنارس ويدن جي ڏينهن جو شهر آهي. رگ ويد ۾ بنارس کي ڪاشي سڏيو ويو آهي يعني روشنين وارو. بنارس علم، ادب، آرٽ ۽ ڪلچر جو مرڪز هلندو اچي. ڪاشي کنڊ هن شهر جو شان شوڪت پنڌرهن هزار شعرن ۾ ”سڪندا پران“ ۾ بيان ڪيو آهي، جن مان هڪ شعر ۾ شِو ديوتا چوي ٿو ته ٽي دنيائون گڏجي منهنجو هڪ شهر ٺاهين ٿيون جنهن ۾ ڪاشي (بنارس) منهنجي رهائش جو محل آهي. آرڪيالاجي کاتي جي کوجنائن مان خبر پوي ٿي ته هن شهر ۾ ماڻهن جو رهڻ ڪهڻ عيسوي صديءَ کان به يارهن ٻارهن صديون اڳ ٿيو. هي شهر ٽيويهين جين پنڊت پارشوا جو به گهر رهيو. هيءَ اٺـين صدي قبل مسيح جي ڳالهه آهي. بنارس ڪارخانن جو مرڪز به هو ۽ مُسلن، سلڪ، عطر، عاج جي شين ۽ اسڪلپچر کان به مشهور هو. گوتم ٻڌ (ڄم جو سال 567 ق م) جي ڏينهن ۾ هي شهر ڪاشي سلطنت جي گاديءَ جو هنڌ هو. گوتم ٻڌ لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن ٻڌ ڌرم جي شروعات 528ع ۾ هتي ليڪچر ڏئي شروع ڪئي.

بنارس (Banaras) جيڪو بيناريس (Benares) به سڏجي ٿو ته ورانسي ۽ ڪاشي به سڏجي ٿو. الهه آباد شهر وانگر گنگا ندي جي ڪناري تي اتر پرديش (UP) رياست ۾ آهي. يوپي جي گادي واري شهر لکنو کان 320 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ يعني لکنو کان ايترو پري آهي، جيترو ڪراچي کان نواب شاهه. هندن جي عقيدي مطابق بنارس شِو ديوتا اڏرايو. چون ٿا ته مهاڀارت جا هيرو پانڊوا پنهنجا ڏوهه برهمڻ هتيا ۽ ڀائرن کي مارڻ جا پاپ بخشائڻ لاءِ شِو ديوتا جي ڳولا ۾ هن شهر بنارس ۾ آيا هئا. ياد رهي ته پانڊون اهي ڪم ڪروڪشترا واري لڙائيءَ ۾ ڪيا. جيڪا ڪروڪشترا شهر وٽ لڳي. جيئن ڪراچي شهر ۾ ٻه وڏيون ريلوي اسٽيشنون آهن: ڪراچي ڪئنٽ ۽ ڪراچي سٽيءَ تيئن بنارس شهر ۾ پهچڻ لاءِ به ٻه وڏيون اسٽيشنون آهن: هڪ ورانسي جنڪشن، جيڪو شهر جي وچ ۾ آهي ۽ ٻي اسٽيشن مغل سراءِ جنڪشن جيڪا وچ شهر کان 15 ڪلوميٽر پري گنگا ندي جي ٻي ڪناري تي اوڀر ۾ آهي. ورانسي جي سوامي وويڪانند روڊ تي هڪ سنڌيءَ ريسٽورنٽ پڻ آهي.

چيني مشهور ڀکشو ۽ سفر جو شوقين هيونسانگ يا زئان زنگ (Hsuan Tsang) پڻ هن شهر بنارس ۾ سن 635ع ۾ گهمڻ لاءِ آيو هو. هو پنهنجي سفر جي احوال ۾ بنارس لاءِ لکي ٿو ته هي شهر مذهبي ۽ هنرن ۽ آرٽ جي دنيا جو مرڪز آهي. هي شهر گنگا جي ڪناري تي پنجن ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي. ”زئان زنگ“ جيڪو ”چين هوئي“ جي نالي سان به مشهور آهي، هڪ قابل اسڪالر ۽ مترجم پڻ هو. هن سترهن سال انڊيا ۾ گذاريا جنهن جو احوال مختلف زبانن ۾ ڇپجي چڪو آهي. انگريزيءَ ۾ هي ڪتاب “The Great Tang Records” نالي سان مشهور آهي. هن ڪِتاب مان متاثر ٿي هڪ ٻئي چيني ليکڪ وُو چينگ “Journey to the west” نالي ڪلاسيڪل ناول لکيو. هڪ ٻئي مشهور چيني سياح ”هيييني سيانگ“ ستين صديءَ ۾ بنارس جو دورو ڪيو. هن بنارس کي ”پولو نسي“ نالي سان سڏيو آهي ۽ هن شهر لاءِ لکيو آهي ته هن شهر ۾ 30 مندر هئا جن ۾ 30 کن ٻاوا هئا.

آڳاٽي زماني ۾ موريا گهراڻي جي راڄ دوران هي شهر پاڪستان واري ٽئڪسلا کان پتاليپترا تائين روڊ ذريعي ڳنڍيل هو. 1194ع ڌاري هي شهر قطب الدين ايبڪ ذريعي مسلمانن جي حڪومت هيٺ آيو. قطب الدين ورانسي (بنارس) جا هزارين مندر ڊهرائي ڇڏيا. مسلمانن جي ٽي صديون حڪومت ۾ هي شهر ختم ٿيندو ويو. جيتوڻيڪ تيرهين صدي ۾ افغانين جي حملي بعد ڪجهه نوان مندر به ٺهندا رهيا. ان کان پوءِ فيرو شاهه 1376ع ۾ هن شهر جي مندرن جي وري ڊاهڻ جا حڪم ڏنا ۽ سڪندر لوڌيءَ 1496ع ۾ هندو ڌرم ۽ انهن جي مندرن کي وڌڻَ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. مسلمانن جي حڪومت باوجود هي شهر ڏاهن ۽ ڌرمي عالمن جو مرڪز رهيو. ان سان گڏ ڪلچر، ثقافت ۽ تعليم ۾ اڳڀرو رهيو. هن شهر ۾ ڪيترائي ڀڳتي تحريڪ جا اهم ماڻهو پيدا ٿيا. چوڏهين صديءَ ۾ ڪبير ڀڳت ته پنڌرهينءَ ۾ روي داس جهڙو درويش، شاعر، ۽ سياح، هن شهر کي ڏسڻ آيا جن مان گرو نانڪ به هڪ آهي. جيڪو 1507ع ۾ شِو راتڙي لاءِ ورانسي (بنارس) آيو هو ۽ هن ياترا سک ڌرم شروع ڪرڻ ۾ اهم رول ادا ڪيو.

جتي هندستان جي مسلمان حاڪمن هندن سان انياءِ ڪيو ۽ بنارس کي ڊاهڻ جي ڪئي، اتي اڪبر جهڙي مغل شهنشاهه هن شهر کي سونهن بخشي ۽ وڌايو. اڪبر 14 نومبر تي، 1542ع ۾ ڄائو ۽ هن وڏو عرصو اٽڪل 49 سالَ 1556ع کان 1605ع تائين حڪومت ڪئي. هن بنارس ۾ ٻه تمام وڏا مندر ٺهرايا جن مان هڪ شِو ديوتا ۽ هڪ وشنو ديوتا کي ارپيا. ان کان سواءِ هن شهر جو اناپورن مندر ۽ 200 ميٽرن جي اڪبري پُل به ان دور جي ٺهيل آهي. هن دور کان هن شهر ۾ ڌارين سياحن (Tourist) جو اچڻ شروع ٿيو. شير شاهه سوريءَ واري ٺهرايل ڪلڪتي کان پشاور تائين واري رستي کي پڻ بهتر بڻايو ويو، جيڪو پوءِ انگريزن جي ڏينهن کان “Grand Trunk Road” سڏجڻ ۾ آيو ۽ اڄ به اهو ”جي ٽي روڊ“ سڏجي ٿو.

اڪبر کان پوءِ جهانگير 1605ع کان 1627ع تائين حڪومت ڪئي. ان کان پوءِ شاهجهان 1627ع کان 1658ع تائين حڪومت ڪئي. جنهن کان پوءِ اٽڪل اڌ صدي 1658ع کان 1707ع تائين اورنگزيب شهنشاهه ٿي رهيو. هن بنارس ۾ مندرن جي ڀڃ ڊاهه ڪرائي. جنهن ڪري هن شهر کي ڪافي ڌڪ رسيو. اورنگزيب جي وفات کان پوءِ راجپوت ۽ مرهٽا بادشاهن هن شهر کي ترقي وٺرائي. اڄ جي ماڊرن ورانسي جو وڏو حصو ارڙهين صدي جو جڙيل آهي. برٽش راڄ 1775ع کان 1947ع ۾ به راجا مهاراجائن، خاص ڪري بنارس جي راجا جيڪو ڪاشي نريش سڏيو ويو ٿي هن شهر جو مانُ مٿانهون ڪيو. 1791ع ۾ جڏهن برطانيه جي گورنر جرنل وارين هئسٽنگس جي حڪومت هئي، بنارس ۾ سنسڪرت ڪاليج کوليو ويو. 1867ع ۾ ورانسي ميونسپل بورڊ ٺهڻ کان پوءِ شهر اڃان به وڌيڪَ تَرقي ڪئي.

بنارس هندو يونيورسٽي

سنواريو

بنارس (ورانسي) ۾ 1300 ايڪڙن تي پکڙيل ”بنارس هندو يونيورسٽي“ نه رڳو انڊيا پر ايشيا جي وڏي ۾ وڏي يونيورسٽي آهي، جنهن ۾ ويهه هزار شاگردن جي رهائش جو بندوبست آهي، جن لاءِ 60 هاسٽلون آهن. سڄي ڪئمپس ۾ پنڌ گهمڻ ته ناممڪن آهي. مٿين ايراضي اٽڪل ساڍا پنج چورس ڪلوميٽر ٿئي ٿي. يعني ڏيڍ ڪلوميٽر ويڪر آهي ته 4 ڪلوميٽر کن ڊيگهه آهي. هي پٽ هِتي جي حڪمران گهراڻي ڪاشي نريش وقف ڪيو هو. هيءَ يونيورسٽي 1916ع ۾ ٺهي. هن يونيورسٽيءَ جي ٺهڻ ۾ ان وقت جي اهم وڪيل ۽ آزادي جي متوالي پنڊت ”مدن موهن مال ويا“ جو هٿ هو. هن قوم جي سجاڳيءَ لاءِ تعليم کي بنيادي هٿيار ٿي سمجھيو. هن مذهب ۽ ڪلچر سان گڏ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڄاڻ ۽ علم حاصل ڪرڻ کي پڻ ضروري سمجھيو ٿي. [4] [5]

  1. "Urban Agglomerations/Cities having population 1 lakh and above" (PDF). Office of the Registrar General & Census Commissioner, India. وقت 17 October 2013 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل (PDF). حاصل ڪيل 12 May 2014. 
  2. "Uttar Pradesh District Factbook Varanasi District" (PDF). وقت 1 December 2017 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل (PDF). 
  3. "Varanasi City Census 2011 data". census2011.co.in. وقت 17 May 2014 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 11 April 2014. 
  4. بنارس کان برمودا (الطاف شيخ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-09-08 
  5. ڪتاب: بنارس کان برمودا، ليکڪ: الطاف شيخ