ابوبڪر محمد بن ذڪريا الرازي
رازي (پیدائش: 854ع؛ وفات: 925ع)، پورو نالو ابوبڪر محمد بن ذڪريا الرازي (Abu Bakur Muhammad ibn Zakariya al-Razi)، سال 244ھ/854ع ۾ ايران جي شهر تهران جي پاسي هڪ ڳوٺ ريَ (Ray) ۾ ڄائو ۽ پنهنجي وقت جو هڪ وڏو طبيب هو. رازي ٻه سئو کان وڌيڪ ڪتاب لکيا. طب کان سواءِ ڪيميا ۽ فلاسفيءَ ۾ به تحقيق ڪري ڪتاب لکيائين. رياضي، فلسفي، هيئت ۽ ادب جو گهرو مطالعو ڪيائين. وڏيءَ عمر ۾ پهچڻ کان پوءِ طب ڏانهن لاڙو رکيائين. ري جي حاڪم جي ملازمت ۾ آيو ۽ پوءِ انهيءَ شهر جي نئين وڏي اسپتال جو نگران اعليٰ مقرر ٿيو. بعد ۾ هو بغداد ۾ به ساڳئي عهدي تي رهيو. پنهنجي دؤر جو سڀني کان وڏو طبيب هئڻ سبب سندس شهرت مختلف بادشاهن جي درٻارن ۾ پکڙجي ويئي، پر بادشاهن جي مزاج ۽ غيريقيني سياسي صورتحال سبب الرازي ڪٿي به مستقل طور نه ويهي سگهيو. ڪئين ڀيرا پنهنجي وطن آيو. آخر اتي ئي 313ھ/925ع ۾ وفات ڪيائين.
ابوبڪر محمد زڪريا رازي | |
---|---|
پيدائش | 854 CE[1] ري، فارس، ايران |
وفات | 932 or 925 ري، فارس، ايران |
عهد | اسلامي سونھري دؤر |
شعبه عمل |
طب، فلسفو، الڪيمي |
اهم نظريا |
گندرف جو تيزاب سڀ کان اول ھن ٺاھيو، موتیا ۽ ارڙي جي بيماري تي تحقيق، اکين جي بيمارين جو ماھر، ٻارن جي بيمارين تي ڪتاب لکيائين، نامياتي ۽ غيرنامياتي ڪيمسٽري تي تحقيق ڪيائين، ڪيترن ئي ٻين فلسفي جي ڪتابن جو ليکڪ ھيو. |
الرازي پنهنجي دؤر جو وڏو طبيب هو. هن مختلف مرضن تي ڪيترائي رسالا لکيا آهن. ان کان سواءِ طب جي فن بابت جيڪي ڪتاب هن لکيا آهن، اهي نهايت اهم حيثيت رکن ٿا. انهن مان ڪيترن جو لاطيني زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. سندس هڪ ڪتاب ”الحاوي“ کي ته طب جي انسائيڪلوپيڊيا چيو ويندو آهي. الرازي انهيءَ ڪتاب لکڻ ۾ 15 سال لڳايا. طب کان سواءِ هن ڪيميا، طبعيات، مابعد طبعيات، سائنس ۽ فلسفي تي به ڪئين ڪتاب لکيا. بلاشڪ هو اسلامي دنيا جو تمام وڏو طبيب ۽ فيلسوف هو.[2]
البيروني پنهنجي ڪتاب "رساله في فهرست ڪتب الرزاي" ۾ الرازي جي انهن ڪتابن جو ذڪر ڪيو آهي، مذهب جي مخالفت ۽ الحاد جي حق ۾ لکيا هئا. في النبوت، الرازي جي ڪتاب جي باري ۾ لکي ٿو ته اهي ڪتاب نبوت جي رد ۾ لکيل آهي.
ابو ريحان البيروني کان سواءِ بو علي سينا به الرازي جي ملحڊاڻن خيالن تي تنقيد ڪئي آهي ۽ لکيو آهي ته الرازي جون طب ۽ ڪيميا ۾ ڪيل ڪم قدر جوڳو آهي، پر اسين سندس ملحداڻن خيالن کي رد ڪيون ٿا.
افسوس جو الرازي جا ذڪر ڪيل الحاد وارا تڪراري ڪتاب هاڻ موجود ناهن. خيال اهو ئي آهي ته سندس ڪتاب ساڙائي ڇڏيا ويا. هاڻي سندس ڪتابن ۽ لکڻين جو ذڪر رڳو سندس دور جي ليکڪن جي ڪتابن ۾ ملي ٿو.[3]