دايڪندي صوبو: (انگريزي: Daykundi ) افغانستان جي 34 صوبن مان ھڪ صوبو آهي جيڪو گھاٽي آبادي وارو صوبو آهي. صوبي جي آبادي 723,980 آھي. ھي علائقو ھزارہ جات علائقي ۾ اچي وڃي ٿو جتي 90 سيڪڙو ھزارا نسل جا ماڻھو آباد آھن جن جي اڪثريت شيعه اسلام سان تعلق رکندڙ آھي. باقي آبادي ۾ 6.5 سيڪڙو پشتو ڳالهائيندڙ ۽ 3.5 سيڪڙو بلوچي ڳالهائيندڙ ماڻهو آھن. صوبي جو گادي جو هنڌ نيلي آھي. صوبي جو سربراھ گورنر ھوندو آھي

دايڪندي صوبو
دا يڪندي
افغانستان جو صوبو
آمريڪا جو اپاچي اپريل 2012 ۾ دايڪندي صوبي ۾ بمباري ڪندي
آمريڪا جو اپاچي اپريل 2012 ۾ دايڪندي صوبي ۾ بمباري ڪندي
افغانستان جي نقشي م دايڪندي صوبو نمايان ڏيکاريل
افغانستان جي نقشي م دايڪندي صوبو نمايان ڏيکاريل
جاگرافي بيهڪ: 33°45′N 66°15′E / 33.75°N 66.25°E / 33.75; 66.25مڪانيت: 33°45′N 66°15′E / 33.75°N 66.25°E / 33.75; 66.25
ملڪ  افغانستان
قيام 2004
گادي جو هنڌ نيلي
حڪومت
 • گورنر سيد انوار راحمتي
پکيڙ[1]
 • ڪل 18,088 ڪ.م2 (6,984 ميل2)
آبادي (2012)
 • ڪل 723,980

انتظامي ورھاست سنواريو

دايڪندي صوبو 10 ضلعن ۾ ورھايل آھي ۽ ھر ضلعي جو سربراھ ضلعي گورنر ھوندو آھي.

 
افغانستان جا ٻولي وارا نسلي گروپ
 
دايڪندي صوبي جا مرد 2009 ۾
دايڪندي صوبي جا ضلعا
ضلعو صدر مقام آبادي [2] پکيڙ ڳوٺن ۽ نسلي گروهن جو تعداد
اشترلي ضلعو 88,340 1,360 km2 343 ڳوٺ. 100% ھزارہ.[2]
ڪجران ضلعو 73,800 1,886 km2 اڪثريت ۾ بلوچي[2]
خدير ضلعو 83,400 1,583 km2 294 ڳوٺ. 100% ھزارہ.[2]
ڪيتي ضلعو 64,900 887 km2 196 ڳوٺ. 36 % ھزارا ۽ بلوچ, 10% ميڪا, 18% مير, 14% زرگر, 10% سادات (سيد), ۽ 17% ٻيا.[2]
ميرامور ضلعو 88,400 2,363 km2 326 ڳوٺ. 100% ھزارا.[2]
نيلي ضلعو نيلي 95,340 445 km2 165 ڳوٺ. 100% ھزارا.[3]
سنگ تخت ضلعو 95,000 1,945 km2 100% ھزارا.[2]
شھرستان ضلعو 72,450 1,963 km2 290 ڳوٺ. 100 ھزارا.[2]

حوالا سنواريو

  1. "Statoids". حاصل ڪيل 2018-07-19. 
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 2.6 2.7 "DaiKundi Province". Government of Afghanistan and United Nations Development Programme (UNDP). Ministry of Rural Rehabilitation and Development. حاصل ڪيل 2012-10-28. 
  3. Nili District

وڌيڪ ڏسو سنواريو

افغانستان جي 34 صوبن يا ولايتن جا نالا ھيٺ ڏجن ٿا:

 
افغانستان جا 34 صوبا جيڪي وري 400 ضلعن
افغانستان جا صوبا يا ولايتون نقشي ۾ ڏنل نمبر مطابق ڏسو
صوبو/ولايت صوبو/ولايت صوبو/ولايت صوبو/ولايت
1. بدخشان صوبو 2. بادغيس صوبو 3. بغلان صوبو 4. بلخ صوبو
5. باميان صوبو 6.دايڪندي صوبو 7. فرا صوبو 8. فارياب صوبو
9. غزني صوبو 10. غور صوبو 11. ھيلمند صوبو 12. ھرات صوبو
13. جوزجان صوبو 14. ڪابل صوبو 15. قنڌار صوبو 16. ڪاپيسا صوبو
17. خوست صوبو 18. ڪونر صوبو 19. قندوز صوبو 20. لغمان صوبو
21. لوگر صوبو 22. ننگرھار صوبو 23. نيمروز صوبو 24نورستان صوبو
25.اروزگان صوبو 26. پڪتيا صوبو 27.پڪتيڪا صوبو 28.پنجشير صوبو
29. پروان صوبو 30.سمنگان صوبو 31. سرپل صوبو 32. تخار صوبو
33. ميدان وردڪ صوبو 34. زابل صوبو

حوالا سنواريو