فارياب صوبو
فارياب صوبو: (انگريزي: Faryab) افغانستان جي 34 صوبن مان ھڪ صوبو آهي جيڪو ملڪ جي اترين پاسي ترڪمانستان جي سرحد تي واقع آھي ۽ ان جي آبادي اٽڪل 948,000 آھي. آبادي قبائلي نظام واري ۽ مختلف نسلي گروھن تي مشتمل آهي. صوبي جي ورھاست 15 ضلعن ۾ ٿيل آھي جن ۾ ھڪ ھزار کان مٿي ڳوٺ واقع آھن. صوبي جي گادي جو هنڌ ميمنه آهي. لفظ فارياب جي معني آهي ندي جي پاڻي تي آباد ڪيل زمين. اھو نالو ايران جي ساساني بادشاھن جي دؤر ۾ اتان جي ھڪ شھر تي پيو بعد ۾ فارياب شھر تان ھي نالو ھن صوبي تي پيو. فلسفي الفارابي جو تعلق ھن علائقي سان ھيو. ھن صوبي واري علائقي کي يورپي مؤرخن افغاني ترڪستان جو نالو ڏنو. 1748 ۾ آحمد شاھ دراني ھن علائقي کي فتح ڪري پنھنجي سلطنت ۾ شامل ڪيو ھو. فارياب پھرين بلخ صوبي جو حصو ھيو. 1964 ۾ ان کي بلخ کان ڌار ڪري علحده صوبو بڻايو ويو. مئي 1997 م ھي صوبو طالبان جي قبضي هيٺ آيو. 2001 م طالبان جو دور جي خاتمي بعد ھي صوبو افغانستان جو پر امن ترين صوبو رھيو آھي. ھي صوبو ڪارپيٽ ۽ گلمن جي صنعت جو مرڪز آھي.
فارياب | |
---|---|
افغانستان جو صوبو | |
فارياب صوبي م ندي ۽ جبلن جو ڏيک | |
افغانستان جي نقشي ۾ فارياب نمايان ڏيکاريل | |
افغانستان جي نقشي ۾ فارياب نمايان ڏيکاريل | |
جاگرافي بيهڪ (گادي جو هنڌ): 36°15′N 64°50′E / 36.250°N 64.833°E | |
ملڪ | افغانستان |
گادي جو هنڌ | ميمنه |
حڪومت | |
• گورنر | نقيب الله فائق |
پکيڙ[1] | |
• ڪل | 20,797.6 ڪ.م2 (8,030.0 ميل2) |
آبادي (2012) | |
• ڪل | 948,000 |
انتظامي ورھاست
سنواريوفارياب صوبي جي آبادي 948,000 آھي جيڪا گھڻ نسلي آھي [2] سڀ کان وڏو نسلي گروھ ازبڪ ماڻھن جو آھي، ٻئي نمبر تي تاجڪ، پوءِ پختون ۽ ھزارا نسل وارا ماڻھو آھن.[3] ڪڏھن ڪڏھن ازبڪ ۽ پختون نسل جي ماڻھن ۾ جھيڙا ٿيندا رھندا آھن.[4][5] ھتان جي آبادي جي اڪثريت سني اسلام سان تعلق رکندڙ آھي ۽ رڳو ھزارا نسل وارا شيعا اسلام سان تعلق رکندڙ آھن.
ضلعو | گاديءَ جو هنڌ | آبادي [6] | پکيڙ [7] | ڳوٺن جو تعداد ۽ نسلي گروھ |
---|---|---|---|---|
المار ضلعو | 120,000 | 1,525 km2 |
86 ڳوٺ. 65% ازبڪ ۽ 35% ترڪمان.[8] | |
اندخوي ضلعو | 41,656 | 381 km2 |
81 ڳوٺ. پختون, تاجڪ ۽ ازبڪ[9] | |
بلچراغ ضلعو | 41,706 | 1,189 km2 | 44 ڳوٺ. پختون, تاجڪ, ۽ ازبڪ.[10] | |
دولت آباد ضلعو | 57,876 | 2,598 km2 | 56 ڳوٺ. پختون, تاجڪ, ھزارا ۽ ازبڪ.[11] | |
غورماچ ضلعو | غورماچ | 52,566 | 2,083 km2 | پختون. |
گرزيوان ضلعو | 72,497 | 1,875 km2 | 54 ڳوٺ. پختون, تاجڪ ۽ ازبڪ.[12] | |
خان چار باغ ضلعو | 70,000 | 1,056 km2 | 16 ڳوٺ. 65% ازبڪ ۽
35% ترڪمان .[13] | |
خواجا سبزپوش ضلعو | 55,000 | 800 km2 | 85 ڳوٺ. 80% ازبڪ, 10% پختون ۽ 10% تاجڪ.[14] | |
ڪوھستان ضلعو | 53,616 | 2,254 km2 | 133 ڳوٺ.[15] | |
ميمنه ضلعو | ميمنه | 75,900 | ازبڪ ، پختون ۽ تاجڪ. | |
پشتون ڪوٽ ضلعو | 300,000 | 4,000 km2 | 331 ڳوٺ. 60% ازبڪ, 20% پختون, 10% ترڪمان ، تاجڪ ۽ عرب.[16] | |
قرم قل ضلعو | 98,229 | 2,192 km2 | 19 ڳوٺ / 73 ننڍڙا ڳوٺ
. 70% ترڪمان ۽ ازبڪ.[17] | |
قيصار ضلعو | 237000 | 2,502 km2 | 190 ڳوٺ.[18] | |
قرغان ضلعو | 27,116 | 797 km2 | 13 ڳوٺ.[19] | |
شيرين تگاب ضلعو | 141,642 | 3,500 km2 | 116 ڳوٺ. ازبڪ ، تاجڪ ۽ عرب.[20] |
حوالا
سنواريو- ↑ "Area and Administrative and Population". Islamic Republic of Afghanistan. وقت 2014-01-17 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2014-02-03. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ "Settled Population of Faryab province by Civil Division, Urban, Rural and Sex-2012-13" (PDF). Islamic Republic of Afghanistan, Central Statistics Organization. حاصل ڪيل 2012-10-22.
- ↑ آرڪائيو ڪاپي, وقت 2021-01-24 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2019-09-28
- ↑ "Ethnic Clashes Hit Faryab". Institute for War and Peace Reporting. حاصل ڪيل 2014-01-18.
Minor incident blows up into full-scale rioting between Uzbeks and Pashtuns in northern province.
- ↑ آرڪائيو ڪاپي, وقت 2019-05-05 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2019-09-28
- ↑ "Faryab Province". Government of Afghanistan and United Nations Development Programme (UNDP). Ministry of Rural Rehabilitation and Development. وقت 2013-04-14 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2012-10-22. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ Afghanistan Geographic & Thematic Layers
- ↑ Almar District (Re-elected) آرڪائيو ڪيا ويا 2016-03-03 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- ↑ Ankhoy District
- ↑ Balcheragh District
- ↑ Dawlat Abad District (Re-elected)
- ↑ Gorzaiwan District
- ↑ Khan Charbagh District (Re-elected)
- ↑ Khaja Sahib Posh District (Re-elected)
- ↑ Kohistan District
- ↑ Pashton Kot Sahib Posh District (Re-elected)
- ↑ Quramqul District (Re-elected)
- ↑ Qaisar District (Re-elected)
- ↑ Qurghan District(Re-elected)
- ↑ Dawlat Abad District (Re-elected)
وڌيڪ ڏسو
سنواريوافغانستان جي 34 صوبن يا ولايتن جا نالا ھيٺ ڏجن ٿا:
صوبو/ولايت | صوبو/ولايت | صوبو/ولايت | صوبو/ولايت |
---|---|---|---|
1. بدخشان صوبو | 2. بادغيس صوبو | 3. بغلان صوبو | 4. بلخ صوبو |
5. باميان صوبو | 6.دايڪندي صوبو | 7. فرا صوبو | 8. فارياب صوبو |
9. غزني صوبو | 10. غور صوبو | 11. ھيلمند صوبو | 12. ھرات صوبو |
13. جوزجان صوبو | 14. ڪابل صوبو | 15. قنڌار صوبو | 16. ڪاپيسا صوبو |
17. خوست صوبو | 18. ڪونر صوبو | 19. قندوز صوبو | 20. لغمان صوبو |
21. لوگر صوبو | 22. ننگرھار صوبو | 23. نيمروز صوبو | 24نورستان صوبو |
25.اروزگان صوبو | 26. پڪتيا صوبو | 27.پڪتيڪا صوبو | 28.پنجشير صوبو |
29. پروان صوبو | 30.سمنگان صوبو | 31. سرپل صوبو | 32. تخار صوبو |
33. ميدان وردڪ صوبو | 34. زابل صوبو |