ميانمار

ڏکڻ-اوڀر ايشيا ۾ جمھوريہ

ميانمار ,ميانمار يا برما ڏکڻ ايشيا جو آزاد ملڪ، سرڪاري نالو متحده ميانمار (Myanmar) اٿس. چار ڊويزنن ۽ ستن صوبن تي مشتمل هن ملڪ جي پکيڙ 678576 چورس ڪلوميٽر آهي. هن جي اتر ۾ چين، اوڀر ۾ ٿائيلئنڊ، اتر اولهه ۾ ڀارت ۽ اولهه ۾ بنگلاديش آهي. گاديءَ جو هنڌ ”رنگون“ ۽ مکيه شهر ”مندلي“ ۽ ”پيگو“ اٿس. هتي جي سرڪاري ٻولي ”برميس“ کان سواءِ ڪيتريون ئي ٻيون ٻُوليون به ڳالهايون وڃن ٿيون. سڪو ”ڪيات“ (Kyat) ۽ مذهب ”ٻڌ“ اٿس. هن جي اتر اولهه ۾ پهاڙن جو ڊگهو سلسلو آهي. مکيه درياءُ ”اراودي“، ”سالوين“، ۽ ”ستانگ“ آهن. اراودي درياءُ جي پڇاڙيءَ واري حصي کان هڪ وڏو ڊيلٽا ٺهي ٿو، جيڪو 240 ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي. هتي وڏي تعداد ۾ چانورن جي پوک ٿئي ٿي. نومبر ۽ اپريل جي مهينن ۾ گرمي، جڏهن ته مئي ۽ سيپٽمبر ۾ برسات پوڻ سبب موسم خوشگوار هوندي آهي. 1100ع ۾ انوراٿا، برمين کي متحد ڪري ”پاگن“ شهر کي گاديءَ جو هنڌ بڻايو. قبلا خان 1287ع ۾ حملو ڪري برما کي ننڍين رياستن ۾ ٽوڙي ڇڏيو، جنهن کان پوءِ ”تونگو“ حڪمرانن اقتدار سنڀاليو. 1600ع ۾ هيءُ ملڪ برطانيه جي قبضي هيٺ هو، جڏهن ته ٻي مهاڀاري جنگ کان پوءِ جاپان جي تسلط هيٺ رهيو ۽ 1945ع ۾ مڪمل آزاد ٿيو. 1948ع ۾ اقوام متحده جو ميمبر ٿيو، پر ملڪ جون اندروني حالتون خراب هئڻ سبب جنرل ني ون، وزيراعظم يونو جي حڪومت کي ختم ڪري سمورا اختيار پنهنجي قبضي ۾ ڪيا. 1962ع ۾ يونو جي پارٽيءَ چونڊن ۾ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪئي. 1988ع ۾ ٻيو دفعو وزيراعظم يونو جي حڪومت کي ختم ڪري مارشل لا نافذ ڪئي وئي. جنرل ني ون، نئون -آئين- نافذ ڪري سمورين صنعتن کي سرڪاري قبضي ۾ ڪري ڇڏيو. هن ملڪ جي معيشت جو دارومدار زراعت تي آهي. مکيه فصل چانور، ڪڻڪ، ڪمند، مڪائي ۽ تيلي ٻج آهن. ان کان سواءِ تيل، ڪوئلي، چن جي پٿر، جست، شيهي، قلعي، جپسم ۽ ٽامي جا وڏا ذخيرا موجود آهن. هتي تيل صاف ڪرڻ، دوائن ۽ ڀاڻ ٺاهڻ جا ڪارخانا پڻ وڏي تعداد ۾ موجود آهن .[1]

برما جو جھنڊو
برما جي سرڪاري مهر
برما جو قومي پکي
برما جو قومي گل
برما جو نقشو

حوالا سنواريو