غزني صوبو : (انگريزي: Ghazni Province ) افغانستان جي 34 صوبن مان ھڪ صوبو جيڪو وچ افغانستان جي اوڀر پاسي واقع آهي. ھي صوبو 19 ضلعن ۾ ورھايل آھي. 13 لک آبادي واري ھن صوبي ۾ ھڪ ھزار کان مٿي ڳوٺ واقع آھن. صوبي جو گادي جو هنڌ غزني شھر آھي جيڪو ڪابل- قنڌار ھاء وي تي واقع آھي. ستين صدي عيسويءَ کان اڳ ھي علائقو ٻڌ تھذيب جو مرڪز ھيو جنھن جا کوڙ آثار کوٽائي ۾ مليا آهن. محمود غزنوي جي دؤر م ھتان جي ٻڌ ۽ ھندو آبادي وڏي پيماني تي مسلمان ٿي وئي. بابر لکيو آهي تہ ان جي دور ۾ ھي علائقو زابلستان جو حصو ھيو. 2013 م ھن صوبي جي آدمشماري 13,68,800 ھئي.[2] جيڪا گھڻ نسلي ماڻھن تي مشتمل ھئي جن مان 90 سيڪڙو ھزارا، پختون ، تاجڪ ۽ ھندو نسل جا ماڻھو ھيا باقي ڏھ سيڪڙو ٻيا نسل ھيا.[3] ھزارا نسل جي آبادي 602'965, جيڪا ڪل آبادي جو %60 آھي. پختون نسل جا ماڻھو 304,000 جيڪي %32 آھن، تاجڪ ٽوٽل 52,000 يعني %4.7 سيڪڙو ۽ ھندو مذھب جا ماڻهو ھڪ سيڪڙو کان ٿور گھٽ آھن [4] پختون گھڻي ڀاڱي غلجي قبيلي سان تعلق رکندڙ آھن . ھتان جي معيشت زرعي آھي ان سان گڏ مال جي پرورش پڻ شامل آهي ۽ ھتي جي مشهور پيداوار ڪڻڪ، گدرا ۽ بادام وغيره آھي.

غزني صوبو
افغانستان جو صوبو
غزني جا برف سان ڍڪيل جبل
غزني جا برف سان ڍڪيل جبل
افغانستان جي نقشي ۾ غزني صوبو نمايان ڏيکاريل
افغانستان جي نقشي ۾ غزني صوبو نمايان ڏيکاريل
غزني صوبو is located in Afghanistan
غزني صوبو
غزني صوبو
افغانستان جي نقشي ۾ غزني صوبو نمايان ڏيکاريل
جاگرافي بيهڪ (گاديءَ جو هنڌ): 33°30′N 68°00′E / 33.5°N 68°E / 33.5; 68مڪانيت: 33°30′N 68°00′E / 33.5°N 68°E / 33.5; 68
ملڪ  افغانستان
گاديءَ جو هنڌ غزني شھر
حڪومت
 • گورنر وحيد الله ڪليمزئي (2018)[1]
پکيڙ
 • ڪل 22,915 ڪ.م2 (8,848 ميل2)
آبادي (2013)
 • ڪل 1,387,185

انتظامي ورھاست سنواريو

 
غزني صوبي جا ضلعا
غزني صوبي جا ضلعا
ضلعو صدر مقام آبادي (2013) نسلي گروھ[5]
آب بند ضلعو حاجي خيل 26,700 پختون
اجرستان ضلعو سنگر شھر 28,000 پختون
اندر ضلعو ميراي شھر 121,300 پختون
ديھ يڪ ضلعو رمڪ شھر 47,500 پختون
گيلان ضلعو جنڊا 56,200 پختون ، ازبڪ ، ھزارا
غزني ضلعو غزني شھر 157,600 ھزارا، تاجڪ، پختون
گيرو ضلعو پانا شھر 35,500 پختون
جاغوري ضلعو سنگ ماشا 300,000 ھزارا نسل
جغتو ضلعو گلبوري 32,265 ھزارا ۽ پختون
خوگياني ضلعو خوگياني 19,600 پختون
خواجا عمري ضلعو خواجا عمري 18,400 ھزارا، تاجڪ ۽ پختون
مالستان ضلعو مير آدينه 79,800 ھزارا
مقر ضلعو مقر 48,900 پختون
ناوا ضلعو ناوا شھر 28,900 پختون
ناور ضلعو دو آبي 91,900 ھزارا نسل
قراباغ ضلعو قراباغ 150,000 اڌ پختون ۽ اڌ ھزارا نسل
رشيدان ضلعو رشيدان 17,500 پختون
واغظ ضلعو واغظ 37,500 پختون
زنه خان ضلعو دادو 12,200 پختون

حوالا سنواريو

  1. "Wahidullah Kalimzai". www.afghan-bios.info. حاصل ڪيل 2018-10-24. 
  2. "Settled Population of Ghazni province by Civil Division, Urban, Rural and Sex-2012-13" (PDF). Islamic Republic of Afghanistan, Central Statistics Organization. حاصل ڪيل 2013-06-16. 
  3. "Understanding War". Understanding War. حاصل ڪيل 2013-08-17. 
  4. "Ghazni Province" (PDF). Program for Culture & Conflict Studies. Naval Postgraduate School. حاصل ڪيل 2013-06-16. 
  5. Atlas of the Islamic World and Vicinity, (Afghanistan Ethno Maps and Statistics Collection| Dr. Michael Izady[مئل ڳنڍڻو]

وڌيڪ ڏسو سنواريو

افغانستان جي 34 صوبن يا ولايتن جا نالا ھيٺ ڏجن ٿا:

 
افغانستان جا 34 صوبا جيڪي وري 400 ضلعن
افغانستان جا صوبا يا ولايتون نقشي ۾ ڏنل نمبر مطابق ڏسو
صوبو/ولايت صوبو/ولايت صوبو/ولايت صوبو/ولايت
1. بدخشان صوبو 2. بادغيس صوبو 3. بغلان صوبو 4. بلخ صوبو
5. باميان صوبو 6.دايڪندي صوبو 7. فرا صوبو 8. فارياب صوبو
9. غزني صوبو 10. غور صوبو 11. ھيلمند صوبو 12. ھرات صوبو
13. جوزجان صوبو 14. ڪابل صوبو 15. قنڌار صوبو 16. ڪاپيسا صوبو
17. خوست صوبو 18. ڪونر صوبو 19. قندوز صوبو 20. لغمان صوبو
21. لوگر صوبو 22. ننگرھار صوبو 23. نيمروز صوبو 24نورستان صوبو
25.اروزگان صوبو 26. پڪتيا صوبو 27.پڪتيڪا صوبو 28.پنجشير صوبو
29. پروان صوبو 30.سمنگان صوبو 31. سرپل صوبو 32. تخار صوبو
33. ميدان وردڪ صوبو 34. زابل صوبو

حوالا سنواريو