(Main Page کان چوريل)


(ياد رهي تہ هي سنڌي وڪيپيڊيا سٿ جو اَڻ دفتري (اَن اوفيشل) سٿ ۽ واپرائيندڙ جي پنهنجي ڪوشش آهي)

هاڻوڪا واقعا

اڄ جو ڏينهن

چونڊ مضمون

مها سنان گھاٽ، موهن جو دڙو.

مها سنان گھاٽ، موهن جو دڙو (انگريزي:Great Bath Mohenjo-daro) مهان سنان گھاٽ موهن جو دڙو قديم سنڌو سڀيتا جي سنڌ پاڪستان ۾ منهين جي دڙي  جي آثارن يا کنڊرات منجهان ڄاتل سڃاتل اڏاوت ۽ عالمي ورثو ماڳ آهي. قديم آثارن جي علم جون شاهديون اشارو ڪن ٿيون ته مها سنان گھاٽ قبل مسيح جي ٽئين ڏهاڪي ۾ مٿاهين اڀريل دڙي کان جلد پوءِ تعمير ڪيو ويو هو.

مها سنان گھاٽ، موهن جو دڙو جو هڪ ڏيک

مها سنان گھاٽ کي  قديم دنيا جو عام ماڻهن لاءِ آڳاٽو ترين پاڻي جو گھاٽ يا تلاءُ سڏيو ويو آهي. هن جي ماپ 11.88×7.01 ميٽر آهي ۽ ان جي گهرائي يا اونهائي 2.43 ميٽر آهي. مها سنان گھاٽ ۾ لهڻ لاءِ اتر کان ٻه ويڪريون ڏاڪڻون ۽ ڏکڻ کان هڪ ڏاڪڻ آهي.  ڏاڪڻن وٽ هڪ ميٽر ويڪرو ۽ 40 سينٽي ميٽر اوچي دڙي جيان اڏاوت موجود آهي. گھاٽ  ۾ هڪ ڪناري وٽ سوراخ به مليو آهي جيڪو  پاڻي  وجهڻ يا ڇوڙڻ لاءِ ڪم آندو ويندو هوندو. گھاٽ جو فرش مضبوط ڪيل آهي جيڪو سرون رکي مٽي ۽ هڪ قسم جي مصالحي سان ٻڌل آهي. پاسي واريون ديوارون به ساڳي نموني جوڙيل آهن. گھاٽ کي وڌيڪ مضبوط ۽ واٽر پروف ڪرڻ لاءِ هڪ خاص مصالحو (Bitumen) گھاٽ جي سائيڊن سان ۽ اندازي موجب فرش تي به استعمال ڪيل هئا. سرن جون لڙهون اتر، اوڀر ۽ ڏکڻ ڪنار وٽ ڍڪيل آهن. محفوظ ڪيل ڪالمن کي ڪَنار سان ڏاڪا هئا. اهي ڪاٺ جي تختي يا دريءَ نما فريم سان بيهاريل هئا. گھاٽ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ٻه دروازا هئا. هڪ ڏکڻ کان ۽ ٻيو اتر اولھ کان هو. گھاٽ جي اڏاوت جي ڪنار سان سلسليوار ڪمرا هئا ۽ هڪ ڪمري ۾ کوھ هو جيڪو شايد پاڻي جي کوٽ وقت گھاٽ کي ڀرڻ لاءِ ڪم آيو ٿي. گھاٽ جي ڀرڻ لاءِ مينهن جو پاڻي گڏ ڪيو ويندو هوندو پر اهڙي اندر ڇوڙ واري اڏاوت نه ملي آهي. اهو ڊگهو گھاٽ واٽر پروف سرن سان جوڙيو ويو هوندو. اڪثر ماهر ان سان متفق آهن ته مها شنان گھاٽ خاص مذهبي ڏڻن ملهائڻ لاءِ جوڙيو ويو هوندو جتي پاڻي پاڪائي لاءِ ڪم ايندو هوندو ۽ وهنجندڙن جي ٻيهر پاڪيزگي يا کين ٻيهر پاڪ پويتر ٿيڻ لاءِ  هوندو

بهترين مضمون

لعل شهباز قلندر جي درڳاهه

عثمان مروندي المعروف لال شھباز قلندر دينِ حق جي پيغام رسائيندڙن ۾ حضرت قلندر لعل شهباز عرف سيد محمد عثمان ولد سيد محمد ابراهيم ڪبيرالدين مرونديءَ جو نالو سر فهرست آهي. سندس جنم افغانستان ۾ آزر بائيجان جي ڳوٺ ”مروند“ (Marwand) ۾ 583هه مطابق 1178ع ۾ ٿيو.قلندر شهباز آذربائيجان (آرمينيا) پرڳڻي جي هڪ ڳوٺ مرند (مروند) ۾ سنه 538 هجريءَ مطابق 1143ع ۾ ڄائو. مروند شهر جنهن کي مرند يا ميمند به ڪوٺيندا هئا.

اهو سنه662 هه ۾ مروند کان ملتان ۾ آيو. قلندر شهباز پهرين پهرين سنڌ جو رخ ڪندي سنه 644 هجري مطابق 1246ع سيوهڻ ۾ پهتو. سيوهڻ کان پوءِ هو هندستان ڏانهن ويو، جتي پاڻي پٽ ۾ شاهه شمس بو علي قلندر سان مليو ۽ ڪجهه وقت اتي رهيو. بو علي قلندر کيس ٻڌايو ته هندستان ۾ جيئن ته اڳ ۾ گهڻا قلندر آهن؛ تنهنڪري چڱو ائين ٿيندو، جو هو وڃي سنڌ ۾ سڪونت اختيار ڪري. اهڙي اشاري ملڻ تي قلندر شهباز وري سنڌ جو رخ ڪيو ۽ سنه 662 هجريءَ ۾ اچي ملتان ۾ پهتو.شهزادي محمد شهيد جيڪو غياث الدين بلبن جو پٽ ھيو ۽ ملتان جو گورنر ھيو، قلندر شهباز کي ملتان ۾ رهڻ لاءِ چيو ۽ سندس لاءِ هڪ خانقاهه ٺهرائڻ جو به وعدو ڪيائين. پر پاڻ اڳتي وڌي اچي سيوهڻ ۾ وارد ٿيو.سنڌ ڏانهن ايندي، ملتان شريف بہ ويو، جتي سلطان محمد سان بہ مليو؛ جنهن کيس اُتي رهڻ لاءِ ڏاڍو زور ڀريو، پر انڪار ڪري، اچي سيوهڻ کان نڪتو، سنڌ ۾ آمد (694هه = 1298ع) وقت سندس عمر 111 ورهيه هئي. جنهن جاءِ تي روضو مبارڪ آهي، اُتي پاڻ اچي منزل انداز ٿيو. اُن زماني ۾ اُتي اگهاڙائپ وارين عورتن جو اڏو هو. سندس آمد تي اهي سڀ توبہ تائب ٿيون ۽ هڪدم راهه راست تي اچي ويون.




قاسم سليماني
قاسم سليماني


يوڪرين انٽرنيشنل ايئر لائنز جو جهاز 752
يوڪرين انٽرنيشنل ايئر لائنز جو جهاز 752



  • يوڪرين انٽرنيشنل ايئر لائنز جو جهاز 752 ايران جي شهر تهران کان اُڏام ڀَرڻ جي تُرت پوءِ ڪِري تباهہ ٿي ويو، جنهن ۾ چڙهي سوار ٿيل 176 ماڻهو مارجي ويا.
آچر 25 آڪٽوبر 2020ع مطابق 8 ربيع الاول 1442ھ
پاڪستان پينل ڪوڊ
پاڪستان پينل ڪوڊ
  • 2000عنيب بينظير ڀٽو، ۽ آصف علي زرداري جا 1.5 ارب ڊالرن جا اثاثا ظاهر ڪيا.
  • 2002عپاڪستان پينل ڪوڊ ۾ آرڊيننس نمبر 85 تحت قلم 489F شامل ڪيو ويو، جنهن تحت بي ايماني سان ڏيتي ليتيءَ يا قرض عيوض جاري ٿيل چيڪ جي بينڪ مان پاس نہ ٿيڻ کي ڏوھ قرار ڏنو ويو.

زرينه بلوچ (و. 2005ع)

وڌيڪ چونڊ ڏينهن:


اڄ جو لفظ

اڄ جو قول

ڇا توھان ڄاڻو ٿا

وڪيپيڊيا جو حصو ٿيو!

وڪيپيڊيا هڪ کليل ۽ گھڻ لساني ڄاڻ چيڪلو آهي، جنهن تي اسان سڀ گڏجي لکندا ۽ سنواريندا آهيون. وڪيپيڊيا جي شروعات جنوري 2001ع ۾ ٿي، جڏهن ته سنڌي وڪيپيڊيا جو اجراع 2006ع تي عمل ۾ آيو. هن وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي 13,806 مضمون موجود آهن.
2

بانڪڙو
ڪاٺ جي پٽين يا ڏَڪن مان ٺهيل بينچ
جنهن کي ٽيڪ ڏيڻ لاءِ پُٺ به لازمي هجي
هن قسم جون بينچون هوٽلن تي ڏسبيون آهن. بانڪڙي مان ئي ٻاڪڙا هوٽل جو اصطلاح ٺهيو آهي.

ڇا توھان کي خبر آهي...

آڪٽوبر 2020

  • 00:00,October 2020 (UTC)
آذربائيجان جي شهر گوبستان ۾ گَپ وارا ٻرندڙ جبل
آذربائيجان جي شهر گوبستان ۾ گَپ وارا ٻرندڙ جبل
فلپائن جي علائقي البي ۾ مايون ٻرندڙ جبل
فلپائن جي علائقي البي ۾ مايون ٻرندڙ جبل

 • …آسٽريليا دنيا جو اڪيلو کنڊ آهي جتي ڪوبہ فعال ٻرندڙ جبل (وئلڪينو) ناهي.

 • …آذربائيجان ۾ ٻين مُلڪن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ گپ وارا ٻرندڙ جبل آهن، جيڪي پُوري مُلڪ ۾ وڏي پيماني تي پکڙيل آهن. دنيا جي 800 ٻرندڙ جبلن منجهان 350 ٻرندڙ جبل جمهوريا آذربائيجان ۾ آهن. مقامي ماڻهو انهن کي "يناردگ" (ٻرندڙ جبل)، "پل پائيلا" (ڇت يا ٿلهو)، "گيناچا" (ٽهڪندڙ پاڻي) ۽ "بوزداگ" (ڀورو رنگ جا جبل) وارن ٻرندڙ جبلن جي جاگرافيائي نالو سان گڏ سڏين ٿا.

 • … فلپائن جي علائقي البي ۾ مايون سڀ کان وڌيڪ فعال ٻرندڙ جبل (ووئلڪينو) آهي.

 • …ٻرندڙ جبلن (ولڪئنوز) جي ڦاٽڻ کي ڪيميائي ۽ اڏاوتي صنعتن سان گڏوگڏ دواسازي (فارماڪولاجي) ۾ وڻ ڪچو مال طور ڪم آڻيو ويندو آهي.

 • …5 سيپٽمبر، 2004 تي آذربائيجان جي ايراضيءَ ۾ سڀ کان وڏو گپ وارو ٻرندڙ جبل کي گينيز ورلڊ رڪارڊ ۾ شامل ڪيو ويو.

 • …ائيرنتيڪن ٻرندڙ جبل کي آذربائيجان جو سڀ کان وڌيڪ ڦُڙت ٻرندڙ جبلن ۾ سمجهي سگهجي ٿو.

 • …آذربائيجان جو ٻيو نمبر وڏو گپ وارو ٻرندڙ جبل عثمان بوزدگ آهي. 23 سيپٽمبر 2018 تي، ان جي ڦاٽڻ سان گپ نڪتي، جيڪا 4 ڪلوميٽر ڊگهو هئي ۽ ان جي چير(ڦوٽ، ڏار) 80 ميٽر اونهو هئي.

ڇا توهان به لکڻ چاهيو ٿا؟

سنڌي وڪيپيڊيا تي هن وقت 13,806 مضمون موجود آهن، جيڪڏهن اوهان ڪنهن به موضوع تي لکڻ چاهيو ٿا ته پهرين هن ڳولا صفحي تي وڃي عنوان لکو، ممڪن آهي جيڪو مضمون اوهان لکڻ چاهيو ٿا اهو اڳ موجود هجي، جيڪڏهن مضمون ڳولا ۾ نه اچي ته پوءِ نئون مضمون تحرير ڪيو.


يا
نئون مضمون لکڻ جي لاءِ آرٽيڪل وزرڊ آزمايو

سانئِيَمِ! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ،
دوسَت! مِٺا دِلدارَ، عالَمُ سَڀِ آبادِ ڪَرِين.

سنڌي وڪيپيڊيا ۾ ڀلي ڪري آيا!
اسان سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ:
F icon.svg ، Twitter icon.png ، YouTube icon.png ، Tumblr icon.png ، Instagram logo 2016.svg ۽ Google-plus-pink.svg ۾ گڏجو.

وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا بہ ضمانت نٿي ڏئي.
وڪيميڊيا فائونڊيشن وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا بہ ضمانت نٿي ڏئي ترميم ڪندڙ پنهنجي ترميمن جا ذميوار پاڻ آهن.
اسان سان رابطو ڪريو مدد کپي؟ اسان سان رابطو ڪريو.
ٻولي