املتاس هڪ قسم جو وڻ آهي، جيڪو سُهڻائيءَ جي ڪري گهرن جي اڳيان ۽ رستن تي پوکيو ويندو آهي. هن وڻ جي ڦري آڱر کان قدري ٿلهي ۽ هڪ فوٽ کن يا اُن کان ٿوري وڏي ٿيندي آهي، ڦري اول سائي ٿيندي آهي، پوءِ ڪارسري رنگ تي ٿيندي آهي. ڦريءَ کي سڪڻ کان پوءِ ”ڇمڪڻي“ چيو ويندو آهي. ڇمڪڻيءَ کي ڀڃڻ کان پوءِ ان مان ٻج ۽ گول ٽڪليون نڪرنديون آهن. ٻج پسارڪي وکر طور ڪم نه ايندو آهي، باقي ٽڪليون ۽ انهن تي لڳل ڳر دوا طور ڪم ايندي آهي. طبي لحاظ کان اها ڳر پاڻيءَ ۾ مهٽي پيئڻ سان هلڪي جلاب جو اثر ڏيکاريندي آهي. طبيبن جي چوڻ موجب ڪيترين بيمارين ۾ فائدو ڏيندي آهي. چوندا آهن ته اها ڳر گلاب جي پاڻيءَ ۾ مهٽي گرڙيون ڪبيون ته وات جا ڦٽ ڇٽي ويندا.

چندي ڳڙھ جي املتاس وڻ جو گل
بنگلور ۾ املتاس جو وڻ

Raintree
Golden shower tree in bloom
سائنسي درجا بندي
ڪنگڊم: ٻوٽو
(unranked): اينجيوسپرمس
(unranked): ايوڊيڪاٽس
(unranked): روسڊس
ترتيب: فباليز
خاندان: فباشيئاء
نسل: ڪئسيا
جنس: سي. فسٽولا
حياتياتي نالو
ڪئسيا فسٽولا
ايل

املتاس، شاعرن جو پسنديده وڻ آهي. شيخ اياز جي غزل جون سٽون آهن:

ٿي املتاس تان، ڪُوڪَ ڪويل ڪري،

هو پري آ، پري آ، پري آ پري![1]

هن کي عام ماڻهو املداس چوندا آهن. هي مشهور وڻ آهي. هن جا به گهڻائي قسم آهن. ڪي وڻ آهن، ڪي ٻوڙا آهن. هن جي ذات جو نالو انگريزيءَ ۾ ڪاشيا ۽ سندس نالو ڪاشيا فسٽيولا آهي. رواجي نالو پُڊنگ پائيپ ٽري اٿس. پن گهاٽا ۽ ڳُوڙهي سائي رنگ جا ٿا ٿينس. مئي ۾ گل ڪندو آهي، جو کليل پيلي رنگ جا ٿيندا آهن. ڏاڍا سهڻا لڳندا آهن. گلن ۾ هڪڙي قسم جي بوءِ ٿيندي آهي. جرمن ماڻهو هنن گلن کي سونهري مينهن جو نالو ڏيندا آهن. هي وڻ ڊگهيون، ڪاريون ۽ گول ڦريون به ڪندو آهي، جن ۾ ٻج رهي ٿو. املتاس دوا جي ڪم به ايندوآهي. ٻجن ۾ جلاب جواثر رهيس ٿو. هن جي هڪڙي قسم کي هندستاني ماڻهو داد مردان چوندا آهن.[2]

حوالا سنواريو

  1. املتاس : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو