ڏند ڪٿا، ديومالا يا مائٿولاجي (Mythology)، تاريخ کي پڙهڻ پروڙڻ سان خبر پوي ٿي ته تاريخ انساني جدوجهد، ارتقا، سماجي تبديلين جي حقيقي ۽ سچي روداد آهي، جنهن ۾ پراڻي قبائلي نظام کان غلاميءَ جي دور، غلاميءَ جي دور کان جاگيرداري، جاگيرداريءَ کان سرمائيداريءَ دور ۽ ان کان سوشلزم ڏانهن انساني سفر جا سچا داستان ملن ٿا. پر اهي واقعا لکڻ کان اڳ زباني روايتن ذريعي پکڙيا ته انهن ۾ غير حقيقي ڳالهيون به شامل ٿينديون ويون. ان ڪري انهن کي ’روايتي تاريخ‘ چيو ويو. قديم يونان کان وٺي مشرق تائين هر ٻوليءَ ۾ اهڙا قصا، لوڪ ڪهاڻيون، واقعا، مذهبي، سياسي، سماجي ۽ معاشي روايتون حادثا بيان ٿيل هوندا آهن ، جن کي موجوده ذهن قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندو. اهڙن قصن ۽ ڪهاڻين کي خيالي قصا، مائٿولاجي يا ڏند ڪٿائون چيو ويندو آهي. ڏند ڪٿائي قصن کي ’ديو مالائي قصا‘ به چيو ويندو آهي. ڏند ڪٿائن ۾ اڪثر ديو، پريون، ديوتا، اوتار، پراسرار مخلوق خاص طور هوندا آهن. ادبي محققن جو خيال آهي ته ڏند ڪٿائون ئي اوائلي ادب جي تخليق جو ڪارڻ آهن.[1]

  1. ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي