فقہ
فقه(انگريزي: Fiqh )(/fiːk/;[1] اسلام ۾ قانون جي سائنس جو (انگريزي: Jurisprudence ) نالو آهي[2]. فقه جو استعمال اسلامي شريعت جي سمجھ طور ڪيو ويندو آهي [3] اھو علم شريعت ۾ قرآن ۽ سنت جي روشنيءَ ۾ اجتھاد جي ذريعي واڌارو ڪري ٿو ۽ ان واڌاري کي فقيھن جي فتوائون ذريعي لاڳو ڪري ٿو. فقه ۾ غلطي جي گنجائش ھوندي آھي ۽ اھا تبديل پڻ ٿي سگھندي آھي. موجوده دور۾ سني اسلام ۾ چار فقھي مذھب آھن ۽ شيعه اسلام ۾ ٻہ فقھي مذھب آھن[4].
لغوي معنيَ
سنواريوفقه جي لغوي معنيَ آهي ڪنهن شئي جو علم۽ فھم، ڪنھن شئي کي کولڻ۽ نکيڙڻ ۽ ان جي اونھائي ۾ وڃي حقيقت ڳولي لھڻ۽ ان کي پڌرو ڪرڻ، اصطلاحي طور فقه جي معني شريعت جي حڪمن ۾ سمجھ پيدا ڪرڻ آھي[5]. قرآن شريف ۾ سورة التوبہ ۾ آيت نمبر 122 ۾ فقه لفظ جو استعمال ھيٺ ڏجي ٿو:
فلولا نفر من کل فرقة منهم طائفة ليتفقهوا في الدين
ترجمو:پوء ڇونہ انھن جي سڀ ڪنھن جماعت مان ھڪ ھڪ ٽولي نڪتي ته پاڻ ۾ دين جي سمجھ پيدا ڪن.— التوبة - ۱۲۲، [5]
حوالا
سنواريو- ↑ "fiqh". Collins English Dictionary.
- ↑ Fiqh Encyclopædia Britannica
- ↑ Vogel, Frank E. (2000). Islamic Law and the Legal System of Saudí: Studies of Saudi Arabia. Brill. pp. 4–5. ISBN 9004110623. https://books.google.com/?id=-PfDuvnHMGoC&printsec=frontcover&dq=vogel+islamic+law#v=onepage&q=vogel%20islamic%20law&f=false.
- ↑ Glasse, Cyril, The New Encyclopedia of Islam, Altamira, 2001, p. 141
- ↑ 5.0 5.1 - ڪتاب: آسان فقه، از: مولانا محمد يوسف اصلاحي، مترجم: محمد عاشق ڌامراھا، مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، جنوري 2002 -- پنھنجي پاران: قمر ميمڻ صه 28