1948ع
(1948ء کان چوريل)
ھزارو: | |
---|---|
صديون: |
|
ڏھاڪا: |
|
سال: |
|
واقعا
سنواريو- 1 جنوري – هندستان جي ورهاڱي کان بعد ڀارت پاڪستان کي واجب الادا پنج سو پنجاھ ملين روپيا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
- 4 جنوري – ميانمار برطانيه کان آزادي حاصل ڪئي.
- 14 جُولاءِ – قائد اعظم طبيعت خراب ٿي پوڻ سبب زيارت هليو ويو. وفات تائين باقي وقت زيارت ۾ ئي رهيو.
- 17 جُولاءِ – قلات رياست جي انتظاميا 1930ع ۾ ٺهيل نيشنل پارٽي کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو.
- 22 جُولاءِ – ڪراچي جو سڄو علائقو وفاقي حڪومت جي ڪنٽرول ۾ ڏني وئي. قائد اعظم بيماري سبب زيارت هو ۽ اهڙو نوٽيفڪشن قائم مقام گورنر جرنل لياقت علي خان جاري ڪيو.
- 1 آگسٽ – لاهور جي منٽو پارڪ جو نالو تبديل ڪري اقبال پارڪ رکيو ويو.
- 4 آگسٽ – سياستدان عبدالصمد اچڪزئي کي نظربند ڪيو ويو.
- 9 آگسٽ – پاڪستان ۾ پهرين ٽپال ٽڪيٽن جو سيٽ جاري ٿيو.
- 12 آگسٽ – خان عبدالغفار خان جي ڪيترن ئي حامين کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو، فائرنگ جو حڪم ان وقت جي وزير اعلي خان قيوم ڏنو هو.
- 14 آگسٽ – ريڊيو پاڪستان ڪراچي اسٽيشن جو قيام عمل ۾ آيو.
- 24 آگسٽ – ڀارت مان ايندڙ پناهگيرن مٿان ساهيوال وٽ مڇريل ماڻهن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 5 پناهگير قتل ۽ 7 زخمي ٿي پيا.
- 4 سيپٽمبر – ڀارتي حڪومت پاڪستان جي مشهور اخبار ڊان جي پنهنجي ملڪ ۾ مارڪيٽنگ تي پابندي لڳائي ڇڏي.
- 14 سيپٽمبر – خواجا ناظم الدين کي پاڪستان جو گورنر جنرل مقرر ڪيو ويو.
- 15 سيپٽمبر – نورالامين جي ڪابينا اوڀر پاڪستان ۾ قسم کنيو.
- 20 سيپٽمبر – رياست حيدرآباد دکن تي هندوستان فوج چڙهائي ڪئي.
- 5 آڪٽوبر – اشڪ آباد زلزلي ۾ 1 کان 1 لک 10 هزار تائين ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا.
پيدائش
سنواريو- 14 مئي – باب وولمر، برطانوي ڪرڪٽر ۽ پاڪستاني ڪوچ
- 13 آڪٽوبر – نصرت فتح علي خان، پاڪستاني ڪلاڪار
- 16 آڪٽوبر – هيما مالهني، هندوستاني اداڪار ۽ سياستدان
فوتگيون
سنواريو- 27 جُونِ – ڪيپٽن محمد سرور، نشانِ حيدر حاصل ڪندڙ پھريون پاڪستاني فوجي
- 6 جُولاءِ – ڄيٺمل پرسرام، ليکڪ
- 11 سيپٽمبر – محمد علي جناح، باني پاڪستان
1940ع جو ڏھاڪو |
---|
1940ع · 1941ع · 1942ع · 1943ع · 1944ع · 1945ع · 1946ع · 1947ع · 1948ع · 1949ع |