ڊان (اخبار)

پاڪستان مان روزنا شائع ٿيندڙ انگريزي ٻوليءَ جي اخبار

ڊان اخبار(انگريزي: DAWN) پاڪستان جي پراڻي ۽ گھڻو پڙهي ويندڙ انگريزي ٻولي واري اخبار آهي..[2] هي پاڪستان جي ٽن گھڻو پڙهيو ويندڙ اخبارن مان هڪ آهي، هي اخبار ڊان گروپ آف نيوز پيپرز جو نمائنده اخبار آهي. ڊان اخبار هيرالڊ پبليڪشن پاڪستان طرفان شايع ڪئي وڃي ٿي، جيڪا هيرالڊ مخزن جي ملڪيت آهي، ان سان گڏ هي ٽيڪنالاجي جو مخزن اسپائيڊر، ۽ مشهوري جي ڪمپني اروڙا پڻ هن اشاعت گھر جي ملڪيت آهن. هن اخبار جو بنياد 26 آڪٽوبر 1941ع تي دهلي ۾ قائد اعظم محمد علي جناح، مسلم ليگ جي نمائنده اخبار طور رکي. هن اخبار جو پهريون شمارو لطيفي پريس مان 12 آڪٽوبر 1942ع تي ڇپجي پڌرو ٿيو.[3] هن اخبار جون مرڪزي آفيسون سنڌ جي شهر ڪراچي، پنجاب جي شهر لاهور ۽ اسلام آباد ۾ واقع آهن، جڏهن ته هن جا نمائندا دنيا جي ڪيترن ئي ملڪ ۾ ڪم ڪن ٿا.[4] 2010ع ۾ اخبار جي ڪُل سرڪيوليشن 1 لک 9 هزار هئي.[5] ڊان گروپ جو چيف ايگزيڪيٽو آفيسر حميد هارون آهن، ۽ هاڻوڪي ايڊيٽر ظفر عباس آهي. 24 مارچ 2016ع تي هي پاڪستان جي پهرين اخبار هئي جنهن ڦاهي جي سزا جي ٻيهر استعمال جي مخالفت ڪئي هئي.[6][7]

ڊان

1 جنوري 2015 ۾ ڊان جو ڇپيل مُک صفحو
قسم روزانه اخبار
مالڪ ڊان گروپ آف نيوزپيپرز
ڇاپيندڙ خواجه ڪليم احمد
ايڊيٽر ظفر عباس
بنياد پيو 26 آڪٽوبر 1941
سياسي صف لبرل, ۽ ترقي پسند[1]
صدر دفتر ڪراچي, سنڌ
ويب سائيٽ dawn.com

ڊان جي تاريخ سنواريو

 
محمد علي جناح, ڊان اخبار جو بنياد وجهندڙ

ڊان 1941ع تي دهلي مان شايع ٿيندڙ هفتيوار اخبار هئي.[8] قائد اعظم جي هدايتن موجب هي اخبار دهلي ۾ مسلم ليگ جي نمائنده اخبار ٿي سامهون آئي، هي انگريزي ٻولي ۾ مسلم ليگ جي واحد اخبار هئي جنهن ۾ تحريڪ پاڪستان جي مڪمل حمايت ڪئي ويندي هئي. جناح هن اخبار جي مقصد جي باري ۾ ڳالهائيندي چيو:

ڊان هندوستاني مسلمانن جي خيالن جي عڪاسي ڪندي. جنهن ۾ مسلم ليگجي جدوجهد، تعليم، معاشيت، سماجي ۽ خاص ڪري سياسي مسئلا آزادنه ۽ بغير خوف جي نمايا ڪيا ويندا. بغير شڪ جي هي اخبار مسلم ليگ جي پروگرام ۽ پاليسين جي دفاع ڪندي. هي برصغير جي ماڻهن جي حقن جي رکوال هوندي.[9]

پوٿان جوزف جي جاءِ الطاف حسين جرنل ايڊيٽر طور سنڀالي، جنهن پنهنجي ادارين ذريعي مسلمانن کي پاڪستان جي تحريڪ ۾ حصو وٺڻ لاءِ جوش ۽ ولولو ڏنو. هن جي اهڙين لکڻين سبب لارڊ مائونٽ بيٽن ۽ ڪانگريس پارٽي کي سخت چڙ آئي، ڇو ته اهي گڏيل هندوستان جا حامي هئي. 1947ع تي الطاف حسين ڪراچي آيو جتان هن ڊان جو مقامي شمارو 13 آگسٽ 1947ع تي شايع ڪرايو.

خوبيون سنواريو

ڊان خبرن جي ڏي وٺ جي اجازت نامي تحت ڊي انڊپيڊنٽ، دي گارجين، لاس انجلس ٽائيمز، ۽ واشگنٽن پوسٽ جون خبرون اڪثر شايع ڪندي آهي. هر آچر تي اخبار ۾ مشهوري لاءِ ٽي حصا ”ايڊ بز“، ”آساميون“، ۽ “ريئل اسٽيٽ“ جي نالي سان مقرر ڪيل هوندا آهن. [10]

24 ڪلاڪ خبرن جو چينئل سنواريو

ٻن مهينن جي تجرباتي نشريات کان پوءِ، ڊان اخبار پاڪستان جي پهرين انگريزي خبرن وارو چينئل ڊان نيوز جي شروعات ڪئي، جُولاءِ 2007ع تي مالي مسئلا درپيش اچڻ سبب مئي 2010ع تي ڊان نيوز جي ٻولي تبديل ڪري اردو ڪئي وئي.

وڪي ليڪس سان لاڳاپا سنواريو

19 مئي 2011ع تي ڊان ميڊيا گروپ ۽ وڪي ليڪس جي باني جولين آسانج جي وچ ۾ گڏيل اتفاق وارو مهادو طئي ٿيو جنهن موجب وڪي ليڪس جون آمريڪي سفارتڪارن بابت خبرون جن ۾ پاڪستان جو ذڪر هجي اهي ڊان ۾ پهرين شايع ٿينديون..[11]

ڊان ليڪس سنواريو

ڊان جي هڪ خبر ”هٿياربند خلاف ڪاروائي ڪيو يا عالمي اڪيلائي جا شڪار ٿيو: عوامي حڪومت پاران فوج کي آگاهي“ ملڪ ۾ وڏي تڪرار کي جنم ڏنو جنهن سبب انفارميشن جي وزير پرويز رشيد کي استعفي ڏيڻي پئي، ڇو ته تحقيقات ۾ سندس نالو آيو ۽ ان کي هٿ سان گھڙيل ڪهاڻي قرار ڏنو ويو.[12]

حوالا سنواريو

  1. Durrani, Ammara, "Pride and Proliferation: Pakistan's Nuclear Psyche After A. Q. Khan", South Asian Cultures of the Bomb: Atomic Publics and the State in India and Pakistan (Indiana University Press), صفحو. 103 
  2. "Dawn joins Asia News Network" (en ۾). The Daily Star. 29 November 2011. http://www.thedailystar.net/news-detail-212146. Retrieved 20 February 2018. 
  3. Jinnah, Mahomed Ali (1976). Plain Mr. Jinnah. 1. Royal Book Company (on GoogleBooks website). p. 236. https://books.google.com/books?id=WJYBAAAAMAAJ&dq=%22Latifi+Press%22&q=Latifi. Retrieved 29 July 2017. 
  4. "Our International Business Representatives". Dawn Media Group. وقت 30 June 2006 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 29 July 2017. 
  5. "The Inside Pages: An Analysis of the Pakistani Press" (PDF). Center for Strategic and International Studies. حاصل ڪيل 29 July 2017. 
  6. Editorial. "Death penalty". www.dawn.com. حاصل ڪيل 2016-03-24. 
  7. "16 English newspapers published locally in Pakistan". Pakistan Times. حاصل ڪيل 2022-02-23. 
  8. Long, Roger D. (27 August 2017). "Dawn Delhi I: Genesis of a Newspaper" (en ۾). DAWN.COM. https://www.dawn.com/news/1354278. Retrieved 27 August 2017. 
  9. Aqeel-uz-zafar Khan. "Jinnah and the Muslim press". JANG Newspaper Group. Archived from the original on 10 January 2009. https://web.archive.org/web/20090110090314/http://www.jang.com.pk/thenews/spedition/14aug/14aug2004/default.htm#2. Retrieved 29 July 2017. 
  10. "Advertise DAWN". DAWN.com. حاصل ڪيل 29 July 2017. 
  11. Announcement, Memorandum of Understanding between Dawn Media Group and Sunshine Press Productions, Dawn (newspaper), Published 19 May 2011, Retrieved 29 July 2017
  12. "Govt forms inquiry committee to probe ‘Dawn leaks'". The Express Tribune. حاصل ڪيل 29 July 2017.