نشانِ حيدر
نشانِ حيدر (Nishan-e-Haider) پاڪستان جو سڀ کان وڏو فوجي اعزاز آهي،[3] جيڪو هن وقت تائين پاڪ فوج جي ڏهه شهيدن کي ملي چڪو آهي. پاڪستان جي زميني ۽ هوائي فوج جي تاريخ ۽ جي مطابق نشانِ حيدر حضرت علي رضي الله عنه جي نالي تي ڏنو ويندو آهي،[3] ڇو ته انهن جو لقب "حيدر" (معني، شينهن) هيو ۽ انهن جي بهادري ضرب المثل آهي.
نشان حيدر Nishan-e-Haider | |
---|---|
![]() | |
پاران عطا ڪيل پاڪستان جي صدر | |
ملڪ | ![]() |
قسم | پاڪستان جو فوجي اعزاز سروس ربن سميت (ڊيڪوريشن) |
اهليت | صرف فوجين لاءِ |
عطا براءِ | زميني ، سامونڊي ۽ فضائي جنگ دوران خطري واري صورتحال ۾ دشمن جي موجودگي ۾ انتھائي بھادري جو ڪردار ادا ڪرڻ تي [1] |
موجوده حالت | اڃان تائين جاري آهي |
مخفف | NH |
شماريات | |
شروعات | 16 مارچ، 1957ع [2] (ھن ايوارڊ کي 1948ع کان گذريل وقت ۾ مؤثر ڪيو ويو ) |
پهرين ڀيرو | 16 مارچ، 1957ع (پاڪستان ۽ ڀارت جي سال 1947ع واري جنگ لاء پاڪستاني فوج جي ڪيپٽن محمد سرور کي مليو.) |
آخري ڀيرو | 15 جولائي، 1999ع (ڪارگل جي جنگ ۾ پاڪستاني فوج جي حوالدار لالڪ جان کي مليو) |
ڪل عطا ڪيل | 11 |
Posthumous awards |
11 |
درجو | |
مٿاهون (اڳوڻو) | ان کان وڏو ڪوبہ ناھي |
برابر | ھلال ڪشمير |
ڪمتر (اڳيون) | ھلال جرئت ستارہ جرئت تمغہ جرئت |
هي اعزاز صرف انهن فوجين کي ڏنو ويندو آهي،جيڪا وطن جي بچاء لاء انتهائي بهادري جو مظاهرو ڪندي شهيد ٿي چڪا هجن. اڄ تائين پاڪستان ۾ صرف ڏهن فوجين کي نشانِ حيدر کان نوازو ويو آهي، جنهن جا نالا هيٺ ڏنل آهن.[3]
- ڪيپٽن محمد سرور شهيد
- ميجر طفيل محمد شهيد
- ميجر راجا عزيز ڀٽي شهيد
- ميجر محمد اڪرم شهيد
- پائلٽ آفيسر راشد منهاس شهيد
- ميجر شبیر شريف شهيد
- سوار محمد حسين شهيد
- لانس نائيڪ محمد محفوظ شهيد
- ڪيپٽن ڪرنال شير خان شهيد
- حوالدار لالڪ جان شهيد