مناظرو لوڪ ادب شاعريءَ جي ھڪ مقبول صنف اھي، جنھن ۾ ٻن ڌرين، شخصن يا شين جي وچ ۾ مڪالمو، بحث يا جھيڙو ڏيکاريو ويندو اھي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مطابق ”مناظرن جي سٽاءَ ساکي سانگ واري، يعني ڊرامائي اھي. ڪي مناظرا ڄڻ ”ھڪ منظرا“ سانگ اھن، جن ۾ ٻھ ڪردار ھڪ ٻئي سان مخاطب ٿين ٿا ۽ اخر ٽيون ڪردار [امين چڱو مڙس يا قاضي] داخل ٿي فيصلو ڪري ٿو. ڪي مناظرا ”ٻه منظرا“ سانگ ٿيندا اھن، جن جي پھرين منظر ۾ ٻھ ڌريون ھڪ ٻئي جي منھن مقابل ٿين ٿيون، ۽ اخرڪار امين وارين ٿيون، جو موجود ڪونھي، ان بعد، ٻئي منطر ۾، ڌريون ۽ امين گڏجن ٿا ۽ نبيرو ٿئي ٿو.“ مناظري ۾ بہ بي جان شيون انساني روپ ۾ ڏيکاري ھڪ ٻئي جي سامھون بيهاريون وينديون اھن. اھي ھڪ ٻئي جي خوبين ۽ خامين کي ظاھر ڪرڻ ھڪ ٻئي تي برتري ڏيکارڻ جون ڪوشش ڪنديون اھن. مثال طور: ”مناظرو دلي ۽ طالب جو“، ”مناظرو سس ۽ ننھن جو“، ”مناظرو ٽوپي ۽ پڳ جو“، ”مناظرو فقير ۽ بخيل“ جو وغيره.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.